مريم نواز کي اڊيالا جيل مان سهالا ريسٽ هائوس منتقل ڪرڻ جو فيصلو
ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا يافته مريم نواز کي اڊيالا جيل مان سهالا ريسٽ هائوس منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. خبرن موجب مريم نواز کي ايندڙ چوويهن ڪلاڪن اندر اڊيالا جيل مان ريسٽ هائوس منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. منتقليءَ کان پهرين سهالا ريسٽ هائوس کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي ۽ اتان جي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏي آهي. اڊيالا جيل جي عملي جو چوڻ آهي ته مريم نواز کي جيل کان ريسٽ هائوس منتقل ڪرڻ جو فيصلو سيڪيورٽي جي خدشن تحت ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف چيو پيو وڃي ته مريم نواز اڃان تائين پاڻ کي جيل جي ماحول ۾ نه آڻي سگهي آهي. هن جيل عملي کي مڇرن ۽ صفائي جي شڪايت ڪئي آهي. جڏهن ته هوءَ جيل جي کاڌي کان به پاسو ڪري رهي آهي.

