نئون

آمريڪي فوج هاڻي چمڙي نما ڊرون ٺاهيندي

آمريڪي فوج ۽ دفاع واري اداري پاران هڪ اهم مقابلي جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ يونيورسٽي ماهرن ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪمپنين کي چيو ويو آهي ته اهي اهڙا ڊرون ٺاهين جيڪي چمڙي جهڙي شڪل جا هجن جيڪي گهٽ انساني مدد سان پنهنجا ڪم ڪري سگهن. هن مقابلي جو مقصد اهي ملڪي دفاع جا ڪم ڪرڻ آهي جيڪي عام طور سان نٿا ڪري سگهجن. هن مقابلي جو مقصد آهي ته قومي سلامتي ۽ ملڪي دفاع جا اهي مقصد حاصل ڪيا وڃن جيڪي عام ايجادن سان ممڪن نه آهن. هن هفتي پينٽاگان ۽ ٻين ادارن گڏجي ڊفينس انٽر پرائز سائنس انيشئيٽيو جو آغاز ڪيو آهي. هن پروگرام لاءِ 6 ملين ڊالر جي رقم رکي وئي آهي. هن پروگرام ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن کي اهڙا ڊرون ٺاهڻا هوندا جيڪي چمڙي جي شڪل جهڙا هوندا. آمريڪي دفاع چيو آهي ته هن طريقي سان  سينسر، مني ايچر، ٽيڪنالاجي، فلائيٽ ڪنٽرول ۽ ٻيا نظام تيار ڪيا ويندا ۽ اهي روبوٽ خود مختيار انداز ۾ ڪم ڪندا. هن قسم جي ٽيڪنالاجي جو اصل مقصد لڪل قسم جي مشين تي ڪم ڪرڻ آهي. جيڪي جهاز ۽ هيلي ڪاپٽر بغير ٿي سگهن. هنن ڊرونن جي خاص ڳالهه اها هوندي ته هن قسم جي ڊرون ۾ گولين جي جاءِ تي ليزر کي استعمال ڪيو ويندو جنهن جي ذريعي ٽارگيٽ کي نشانو بنائڻ آسان رهندو.