آمريڪا ٽن پاڪستانين جا نالا عالمي دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيا
آمريڪي حڪومت پاران ٽن پاڪستانين جا نالا عالمي دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيا آهن. ڊونلڊ ٽرمپ انتظاميه پاران چيو ويو آهي ته اهي ٽئي هڪ وڏي دهشتگرد شيخ امين الله لاءِ ڪم ڪندا هئا. جن جو تعلق ٽن پابندي مڙهيل تنظيمن القاعده، لشڪر طيبه ۽ طالبان سان هو. آمريڪا پاران جاري ڪيل پاڪستانين جا نالا هي آهن رحمان زيب فقير محمد، حزب الله رستم ۽ دلاور نادر خان آهن. شيخ امين الله جو نالو به 2009 ۾ دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو، آمريڪا پاران الزام هنيو ويو آهي ته شيخ امين الله پاران پشاور ۾ پنهنجي مدرسي کي القاعده جي لاءِ تربيتي ۽ ڀرتي جي مرڪز طور استعمال ڪيو هو. هي ٽئي ڄڻا افغانستان جي دهشتگردن کي مالي ۽ لاجسٽڪ مدد ڏيڻ ۾ ملوث رهيا آهن. رحمان زيب عرب ملڪن ۾ لشڪر طيبه لاءِ فنڊ ۽ سامان جمع ڪندو آهي. حزب الله جو تعلق به شيخ امين الله جي مدرسي سان آهي ۽ هن شيخ امين جي عرب ملڪن ۾ سفر ۾ مدد ڪئي هئي. دلاور نادر خان به شيخ امين جو ساٿي رهيو آهي ۽ هن پاران شيخ امين جي مالي مدد ڪرڻ سان گڏ هن لاءِ خط ۽ ڪتابت جو ڪم به ڪيو آهي. آمريڪا پاران چيو ويو آهي ته انهن دهشتگردن جو پيڇو ڪري کين بي نقاب ڪيو ويندو.

