ويلنٽائن ڊي بابت ميڊيا تي خبرون ۽ پروگرام نشر ڪرڻ تي پابندي
پيمرا پاران جاري نوٽيفڪيشن ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ياد ڪرايو ويو آهي ته ويلنٽائن ڊي بابت پروگرام هلائڻ تي پابندي لاءِ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رهندو. پيمرا هي هدايتون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 13 فيبروري 2017 جي فيصلي جي روشني ۾ جاري ڪيون هيون. ياد رهي ته گذريل سال 13 فيبروري تي هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي هن درخواست تي فيصلو ٻڌايو هو. جنهن ۾ ويلنٽائن ڊي کي غير اسلامي ڏينهن قرار ڏنو هو ۽ ان تي پابندي مڙهي هئي. عدالت پاران لاڳاپيل سرڪاري ادارن کي هدايتون ڏنيون ويون ته جيئن ويلنٽائن ڊي بابت ڪو پروگرام نه ڪيو وڃي. هن ڪيس ۾ درخواستگذار پاران چيو ويو هو ته هن ڏينهن تي ٽي. وي چئنل خاص ٽرانسميشن هلائيندا آهن جنهن سان ميڊيا ان ڏينهن کي ملهائڻ جي ترغيب ڏيندي آهي، عوامي جڳهين سميت خاص هنڌن تي پروگرام ڪرايا ويندا آهن ۽ دڪاندار به ان ڏينهن تي پنهنجن دڪانن کي خاص طور تي سينگاريندا آهن ۽ ان ڏينهن جي تشهير ڪندا آهن. درخواستگذار پاران چيو ويو هو ته هن ڏينهن کي ملهائڻ اسلامي تعليم جي خلاف آهي، اهو اسان جي شفافيت جي به ابتڙ آهي. درخواستگذار چيو ته هن ڏينهن کي نه صرف عوامي هنڌن تي ملهائڻ بند ڪرڻ گهرجي پر ان سان گڏوگڏ ميڊيا تي به بندش لڳائڻ گهرجي.

