عشق اهو جذبو آهي جيڪو دل سان شروع ٿئي ٿو، پر ختم ٿيڻ تائين کيسي تائين پھچي ٿو. شروعات ۾ محسوس ٿيندو ته توهان شاھ رخ خان جي فلم جا سائيڊ هيرو آهيو، پر ڪجھ عرصي کانپوءِ ائين لڳندو ته توهان هن ئي فلم جا ولن آهيو. عشق ۾ ماڻھو چنڊ ۽ تارن جا وعدا ڪري ٿو، پر آخر ۾ چاندي واري برتن ۾ چانھ پيئڻ تي اچي پھچي ٿو. عشق هڪ اهڙي بس آهي، جنھن جي اسٽاپ جي ڪنھن کي به خبر ناهي! عشق ۾ سڀ ڪجھ ڇڏي اچڻ اصل ۾ اهو ڪم آهي جيڪو دماغ کان استعيفيٰ وٺڻ کانپوءِ شروع ٿئي ٿو. ماڻھو سوچيندو آهي ته دنيا جي هر شيءِ فضول آهي ۽ صرف محبوب جي گِھٽيءَ جي ھَوا ئِي اصل جنت آهي، پر جڏهن گهر وارا پڇن ته “نوڪريءَ جو ڇا ٿيندو؟” ته جواب ملندو، محبت روزگار ناهي ڇا؟ وري مٿان اھو به دليل ڏيندا ته محبت ته ھڪ عبادت آهي، جيڪا بغير وضوع جي به ڪري سگهجي ٿي.اهڙو ماڻھو پنهنجي گهر، نوڪري ۽ مستقبل سڀ ڇڏي، ڪنهن ٻئي ملڪ پھچي وڃي، جتي سڀ کان پھرين اميگريشن وارا کيس ٻڌائين ته “محبت ۾ پاسپورٽ به گهربل آهي!” پوءِ جڏهن حقيقت جي پھرين چماٽ لڳي ٿي ته عشق ڪنهن هدايتڪار کانسواءِ واري فلم وانگر لڳي ٿو. عشق ۾ سڀ ڇڏي اچڻ جو نتيجو اهو ٿئي ٿو، جو نه محبوب ملي ٿو، نه گهر واپسي لاءِ ڪرايو ۽ آخر ۾ ايئرپورٽ تي ويھي سوچڻو پوي ٿو ته “عشق ڇا هو؟ مون ڇا ڪيو؟ ۽ ڪير مون کي گهر وٺي ويندو؟”
ڪراچي جي گارڊن ويسٽ ۾ عشق جي هڪ اهڙي داستان جنم ورتو آهي، جيڪو تاريخ ۾ شايد “عالمي رومانس” جي نالي سان ياد رکيو ويندو، پر ان جي حقيقت کي ڏسجي ته اهو عشق کان وڌيڪ انساني نفسيات ۽ ثقافتي تضادن جو الميو آهي. قصو آهي ڪراچي جي 19 ورهين جي نوجوان ۽ نيويارڪ جي 33 سالن جي شادي شده، ٻارن واري آمريڪي عورت اونيا اينڊريو رابنسن جو، جنهن عمر، تعلقات ۽ ثقافتي فرق کي نظر انداز ڪندي، پنهنجي زندگي کي هڪ “رومانوي تجربي” ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سوال اهو آهي ته ڇا اهو عشق هو يا محض هڪ عارضي جذباتي جوش؟ عشق جي ڪيمسٽري ۾ رياضيءَ جو ڪو وجود ناهي، پر جڏهن 19 سالن جو نوجوان هڪ 33 سالن جي عورت کي “پنهنجي محبت” قرار ڏئي ٿو ته اهو عشق گهٽ، رياضيءَ جو سوال وڌيڪ لڳي ٿو. والدين جي پريشاني به فطري هئي، “اسان جو پٽ ماءُ جيتري عمر واري سان ڪيئن شادي ڪري سگهي ٿو؟” والدين لاءِ اهو عشق نه، پر نسلن جي تباهي جو اشارو لڳو. اونيا اينڊريو رابنسن، جيڪا پنهنجي ٻارن جي سنڀال ۽ نيويارڪ جي مصروف زندگيءَ کان ڪجھ وقت لاءِ فرار ٿي محبت جي تلاش ۾ هئي، ڪراچي پهچي وئي. هن هڪ مهيني لاءِ سياحتي ويزا حاصل ڪئي، پر ڪراچيءَ جي حقيقتن سندس تصوراتي عشق کي ڀڄائي ڇڏيو. اهو ڄاڻڻ تي ته نوجوان جي والدين هن جي عمر ۽ حالتن کي قبولڻ لاءِ تيار نه آهن، هوءَ مايوسي ۾ واپس ايئرپورٽ تي پهچي وئي. هي قصو اهو ٻڌائي ٿو ته ڪيئن ٻن مختلف ثقافتن جا ماڻھو پنھنجي محبت ۾ سڀ حدون اورانگهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر حقيقتن جي ڀرپور ڀيڙ ۾ شڪست کائي وڃن ٿا. نيويارڪ جي آزاد ماحول ۾ پلجندڙ عورت ڪراچي جي روايتي خاندان سان ٽڪراءُ ۾ اچي وئي.
ڪراچي ايئرپورٽ تي گورنر سنڌ جو عورت کي ڏسڻ ۽ سندس مدد ڪرڻ جو عمل به هن داستان ۾ هڪ مزاحيه موڙ پيدا ڪري ٿو. گورنر صاحب، جيڪو پنهنجي روز مره جي انتظامي مسئلن کان بيزار هوندو، هڪدم “عالمي عشق جي بحران” کي حل ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو. عورت لاءِ ويزا جي توسيع ۽ واپسي جي ٽڪيٽ جو بندوبست اهڙو تيزي سان ٿيو، ڄڻ گورنر صاحب کي ڊرامن ۾ دلچسپي هجي. اصل سوال اهو آهي ته ڇا اونيا اينڊريو رابنسن جو عمل عشق جي انتها هئي يا محض هڪ نفسياتي الجھن؟ هوءَ ايئرپورٽ تي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ ۽ مايوسي ۾ ڳالهائڻ کان قاصر ٿيڻ سان اهو ڏيکاري رهي هئي ته عشق جي تباهيءَ جا منظر ڪهڙا ٿي سگهن ٿا. هي داستان اسان کي سيکاري ٿو ته عشق صرف جذباتي ڪيفيت ناهي، پر ان ۾ عقليت ۽ حقيقت پسندانه سوچ به هجڻ گهرجي. ثقافتي فرق، عمر جا فاصلا ۽ ذاتي حالتون انهن ماڻهن لاءِ اهم عنصر آهن، جيڪي پنهنجو مستقبل “محبت” جي نالي تي ٺاهي رهيا آهن. نيويارڪ کان ڪراچي تائين هن رومانوي داستان مان اهو سبق ملي ٿو ته عشق، جيڪڏهن عقلمنديءَ کان خالي هجي ته اهو “عالمي رومانس” کان وڌيڪ “عالمي تماشو” بڻجي سگهي ٿو. اونيا ۽ ڪراچي جي نوجوان جو اهو داستان انھن سڀني لاءِ هڪ وارننگ آهي، جيڪي عشق کي ڊرامائي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ياد رکو، عشق فقط دلين جو ڪيس ناهي، اهو دماغ ۽ حقيقت جو اھڙو امتحان آهي! جنهن جو ڪوبه سپليمينٽري پير ناھي ھوندو.