8 مارچ دنيا ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. هي ڏينهن صرف گلن، مبارڪن ۽ سوشل ميڊيا جي پيغامن تائين محدود نه هجڻ گهرجي، پر اصل ۾ اهو ڏينهن عورتن جي حقن، انهن جي عزت ۽ انهن کي درپيش مسئلن تي سنجيده سوچ ويچار جو موقعو آهي. بدقسمتي سان اسان جي سماج ۾ ڪيترن ئي موقعن تي هن ڏينهن جي اصل مقصد کي يا ته نظرانداز ڪيو ويندو آهي يا وري ان کي اهڙي بحث ۾ بدلائي ڇڏيو ويندو آهي، جنهن ۾ اصل مسئلا پوئتي رهجي ويندا آهن. عورت سماج جي بنياد آهي. ماءُ، ڌيءَ، ڀيڻ ۽ زال جي حيثيت سان عورت صرف هڪ فرد نه، پر پوري نسل جي تربيت ڪندڙ آهي. جيڪڏهن عورت محفوظ، بااختيار ۽ باعزت هوندي ته سماج به مضبوط ۽ متوازن ٿيندو، پر پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جهڙن علائقن ۾ عورتن کي ڪيترن ئي سنگين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪيترين ئي نياڻين کي اڄ به تعليم جو حق حاصل ناهي، ڪيترين عورتن کي گهرن اندر تشدد برداشت ڪرڻو پوي ٿو ۽ ڪيتريون ئي قبيلائي رسمون جهڙوڪ: ڪارو ڪاري، زبردستي شاديون يا جرڳن جا فيصلا عورتن جي زندگيءَ کي اذيت بڻائي ڇڏين ٿا. هي حقيقتون اسان جي سماج جو اهڙو دردناڪ پاسو آهن جن تي ڳالهائڻ ضروري آهي. جڏهن 8 مارچ اچي ٿو ته اسان کي ان موقعي تي صرف جشن نه، پر احتساب به ڪرڻ گهرجي. اسان کي پاڻ کان پڇڻ گهرجي ته ڇا اسان واقعي عورتن کي انهن جا حق ڏئي رهيا آهيون؟ ڇا اسان پنهنجي ڌيئرن کي اهو ماحول ڏئي رهيا آهيون جتي هو بغير خوف جي تعليم حاصل ڪري سگهن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪري سگهن اسلام عورت کي وڏي عزت ڏني آهي. قرآن ۽ حديث ۾ عورت کي ماءُ، ڌيءَ ۽ زال جي حيثيت سان احترام ڏنو ويو آهي. وراثت جا حق، عزت سان زندگي گذارڻ جو حق ۽ معاشري ۾ احترام جو حق اسلام واضح طور تي ڏنا آهن. مسئلو اسلام جي تعليمات ۾ نه آهي، پر مسئلو ان ڳالهه ۾ آهي ته اسان جو معاشرو انهن تعليمات تي ڪيترو عمل ڪري ٿو. ڪيترين ئي حالتن ۾ اسان رواجن ۽ سماجي دٻاءُ کي دين کان مٿانهون ڪري ڇڏيون ٿا. ٻئي پاسي، گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان ۾ 8 مارچ تي “عورت مارچ” به بحث جو مرڪز بڻجي ويو آهي. ڪجهه ماڻهو ان کي عورتن جي حقن جي جدوجهد سمجهن ٿا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ان تي سخت تنقيد ڪن ٿا. هن بحث ۾ ڪيترائي پاسا آهن جن کي سمجهڻ ضروري آهي. عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ ڪوبه غلط عمل ناهي. جيڪڏهن عورت تعليم، تحفظ يا روزگار جي حق لاءِ ڳالهائي ٿي ته اها ڳالهه سماج لاءِ مثبت هجڻ گهرجي، پر جڏهن ڪجهه نعرا يا بينر اهڙا سامهون اچن ٿا جيڪي سماج جي وڏي حصي ۾ بيچيني پيدا ڪن ٿا، تڏهن بحث جو رخ اصل مسئلن کان هٽي وڃي ٿو.