ناشاد شوڪت شنباڻي خوبصورت تخليقڪار

اسان جي سنڌ جي مان واري مٽي جنھن ھر دور ۾ ادب سان لڳاءُ رکندڙ انسان پيدا ڪيا آهن ۽ ھن صدي ۾ پيدا ٿيندڙ نئين ٽھي جا شاعر، اديب، نثر نويس توڙي ڪھاڻيڪار ادب جي نثر ۽ نظم ٻنھي پھلوئن کي بھتر کان بھتر بنائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن.

اڄ جي شاعرن جي فھرست ۾ ناشاد شوڪت شنباڻي جو نالو پڻ ملي ٿو. ناشاد ھڪ سٺو شاعر آھي پاڻ سنڌي شاعري جي صنفن وائي، غزل، بيت توڙي ھائيڪو تي طبع آزمائي ڪندو رھي ٿو. سندس شاعراڻا خيال ۽ گھاڙيٽه تمام مضبوط ڏسڻ ۾ اچن ٿا، سندس شاعري پڙھندڙن جو من موهيو وجھي.

يقين ڄاڻو ته جڏھن سھڻا خيال لفظن ۾ پوئي پيش ڪبا آهن ته اھي سٽون اھي شعر ھڪ نرالي خوشبو ڏين ٿا.

بشمول ناشاد شوڪت شنباڻي جي سنڌي شاعري جي ميدان ۾ اُسرندڙ نئين ٽھي ڏسي خوشي ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ شاعرن جو ھلڪو مضبوط ٿي رهيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ ادب ۾ نيون صنفون پڻ متعارف ڪري سگهندو.

شاعري ھڪ احساس آھي يا ڏات، انھيءَ املھ ڏات جو استعمال پنھنجي ديس لاءِ ڪندڙ شاعر کي مٽي ماءُ جي جھولي ۾ امرتا ۽ تاريخ ۾ سونھرو ناءٌ ملي ٿو. ناشاد شوڪت شنباڻي پنھنجي ھن ڏات کي ديس ۾ ڇانيل ظلم ۽ انڌيري جي ڪارن ڪڪرن تي استعمال ڪندي ھيءَ وائي لکي آهي 

ڦُٽِي ٿِـي پِـــرِڀَاتَ

ڪِيسِــين رَهَندِي رَاتَ

             وِينَدَا ڏِينَهَن ڏُکن جَا

جَــاڳِـي مَــارُوئَڙَا پَـيَا

لُــنءَ لــنءُ اَنَـــدرَ لَاتَ           

                وِينَدَا ڏِينَهَن ڏُکَن جَا

ٿِيندَا نِيٺَ تَه سُوجَهَرا

هَر ڪَــنهَن وَائِي وَاتَ

              وِينَدَا ڏِينَهَن ڏُکَن جا

ڌَرَتِيءَ کِي سُورَن مَان

مِلَنَدِي نِـــيٺَ نِـــجَاتَ

                وِينَدَا ڏِينَهَن ڏُکَن جَا

۽ پنهنجي حقيقت ڀرئي ھائيڪي ۾ لکي ٿو: 

آھي انڌيرو

هر پاسي آ ظالم جي

ظلمن جو پيرو

شاعري خيالن کي سھڻن لفظن ۾ پوئي پيش ڪرڻ جو نالو آھي ۽ خيال ھر وقت ھڪجھڙا ناھن ھوندا ڪڏھن دل پرين جي پاڇي ۾ ھوندي آھي ته ڪڏھن وري دلڙي يادن جي ساگر سان ٽڪر کائي ٿي، ناشاد يادن جي ساگر سان ٽڪر کائيندي وائي لکي ٿو ته:

ٻُـــوٽيم جـــيئن اکــيون

يــادون ســـــڀ ٻــکيون

گهاوَ پراڻا پيا کُلي

تنهنــــجي يـــادن ســان

ڏســي شفــــق رنگيون

گهاوَ پراڻا پيا کُلي

راتيون يـاد اچي ويون

ســـيءَ سيـــاٽي جـــون

گهاوَ پراڻا پيا کُلي

۽ ٻئي ھائيڪو ۾ لکي ٿو ته:

يادن جو ديرو

منهنجي من ۾ آ سدا

دردن جو گهيرو

شاعريءَ ۾ سونھن جي ساراهه، ساڀيان ۽ ھر پھلو اچي ٿو. سونھن قدرت جي حسين منظرن جي ھجي يا ڪنھن چنڊ جھڙي چھري جي. سونھن ته سونھن آھي ۽ شاعر به سونھن کي خوبصورتيءَ سان ئي بيان ڪندو آھي. لکيل سونھن به ڪاڳر تي خوشبو وکيريندي آھي ناشاد ڪنھن چھري جي سونھن تي ھي غزل لکي ٿو ته:

شخص آ هــڪڙو شـباب جهڙو

اکـــين ۾ سانڍيل خـواب جهڙو

پڙهي پڙهي سڀ ٿڪي پيا هِن

قـــصو آ جيـــون ڪتاب جهڙو

سوال جي ڪٿ رهي آ حسرت 

ســـڄڻ آ بيـــٺو جـــواب جهڙو

شاعر ھڪ ڪامريڊ آھي جنھن جو خون ھر ناانصافي تي ٽھڪي پئي ٿو. ايئن ئي انسانيت جو خون وهائيندڙ سماج ۽ ان جا ڪُڌا رواج ڏسي ناشاد جو خون به ٽھڪي پئي ٿو ۽  ڏک وچان ھي وائي لکي ٿو ته 

پنهنــجو هيءُ سماج

نٿو چاهي روشني

روز وڙهـــن ٿا پاڻ ۾

ڪُـــڌو هـــيءُ رواج

نٿو چاهي روشني

ناهن طرف تعليم ڏي

اونــــداھ  وارو ڏاج

نٿو چاهي روشني

ظُلم پيا وڌندا وڃن

خاموشيءُ  جو راڄ

نٿو چاهي روشني

سنڌ جي وڏي ۾ وڏي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جيڪو سنڌ ڇا، پر پوري دنيا پوري عالم جو عظيم شاعر ٿي گذريو آھي. ناشاد، سائين عبداللطيف ڀٽائي رحه کي ڀيٽا ۾ ھي دوها لکي ٿو ته:

ڀٽ جـــا سائــين تنهنـــجي بيتن ۾ اهڙو اُتساھ

راھ حــقيقت جـــن ۾ آھي جن ۾ سڀ جو ساھ

گـهوٽ ڀــٽائي ســـنڌ سمـوري توکي پئي ساري

هر هڪ هاري پنهنجي سنڌ لاءِ لــڙڪ پيـو هاري

سهــڻي شـــاھ رســـالي ۾ آ امن ســــندي وائي

ڪين ختم سا ٿيندي ڪڏهن جا ڀـٽ ڌڻي ڳائي

تانگھ جو تاءُ محسوس ڪندي پيارو ناشاد شاعري جي سٽن ۾ پنھنجو اھو احساس ڏيندي ھڪ سھڻو ھائيڪو لکي پيو ته:

ڏاڍي آھي تانگھ

منهنجي من ۾ او پرين

صبح توڙي سانجھ

يا 

تنهنجي راھ ڏسڻ

ڇڏيان ڪيئن او ڍوليا

سانجهين کان ته پڇڻ

استاد اھا واحد شخصيت ھوندي جنھن جي شفقت ۾ رھندي انسان لکڻ پڙھڻ کان ويندي جيئڻ جو ڍنگ ڳالھائڻ ٻولهائڻ ۽ ڪافي شيون سکي ٿو. استاد ھڪ شاگرد لاءِ ماءُ جيان مشڪلات سان منھن ۽ پيءُ جي پورھئي جيان قلمي پورهيو ڪري شاگرد کي اڳتي هلڻ سيکاري ٿو. ناشاد پنھنجي ادبي استاد سنڌ جي ھڪ وڏي نالي واري ڀلوڙ شاعر سائين وسيم سومرو لاءِ ھيٺيون ھائيڪو پيش ڪري ٿو ته:

نٽــھڻ اُس ۾ ڄڻ

تنهنجي ڇانوَ وسيم

مون  لاءِ گھاٽو وڻ

۽ پنهنجي هڪ ٻئي وائيءَ ۾ پنهنجي ادبي استاد کي ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو:

شـاعــــريءَ جـو رنــگ آ

محبتـــن جـــــو انــگ آ

تنهنجي شاعريءَ ۾ وسيم

   خوبصـــورت خـــوب تر

ڪهڪــشان جو سنگ آ

تنهنجي شاعريءَ ۾ وسيم

ڄـــڻ ته ســڏ ميهار جو

ڄــڻ سسئي جو ونگ آ

تنهنجي شاعريءَ ۾ وسيم

شاعر ھر ڪنھن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيندڙ فرد، قومن جو ترجمان ۽ ھر سوڳواري تي اکڙين مان لڙڪ لاڙيندي نوحه خواني ڪندڙ فرد ٿئي ٿو. ھن سال جي ڊگھين بارشن سبب دنيا سان گڏوگڏ سنڌ جي ماڻھن جا به جاني توڙي مالي نقصان ٿيا، جن جو ھڏڏوکي ٿيندي ناشاد ھي وائي لکي ٿو ته:

چوڌاري پاڻِي

لُڙهيا ٿاڪ رهڻ جا

نيڻين نير وهن پيا

هر دل ٿي ساڻِي

لُڙهيا ٿاڪ رهڻ جا

بادل اهڙا برسيا

اک اک نماڻِي

لُڙهيا ٿاڪ رهڻ جا

سڏڪا پيا ٿڪجي سڀئي 

هر دک ڪهاڻِي،

لُڙهيا ٿاڪ رهڻ جا

جيجل ٻچڙن سان آ،

ڳوڙهن ٿي هاڻِي،

لُڙهيا ٿاڪ رهڻ جا.

من جي محبوب پياري دوست شوڪت شنباڻي جي شاعري پڙھندي اھو يقين ٿئي ٿو ته ھي دوست ايئن ئي ادبي ميدان ۾ سرگرم رهيو ته ھڪ ڏينهن سنڌ جي ناميارن شاعرن جي فھرست ۾ سندس نالو ضرور ڳڻيو ويندو. ھن دوست وٽ لفظن جا اڻکٽ موتي، سھڻا خيال موجود آھن. پاڻ شاعري جو سٽاءُ به خوبصورت ڪري پيو سندس ڏات ۽ ڏاھپ کي هماليه جي اوچائين سان ڀيٽي سگهجي ٿو. رب پاڪ کيس سدا آباد رکي ۽ اسان سڀني کي سندس ڏات مان ٻول پڙھڻ لاءِ ملندا رھن ۽ سنڌي ٻولي جي زندہ ھجڻ جو ثبوت ناشاد جي شاعري پڻ آھي.

***

1 1 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments