اچو ته البانيه گهمون (قسط-10 حصو ڇهون)

ڍولڻ جهڙو ڊيوريس

فتح ماسڪ گهمي پاڻ وري اچي ويٺا آهيون گاڏي ۾ ۽ شهر ۾ گهمندي ڦرندي ليڊي گاڏي اچي بيهاري آهي وچ شهر ۾ جبل جي اوچائي تي موجود رومن دور جي ايمفيٿيٽر (Amphitheatre) جي اڳيان. هي آرڪيالاجيڪل سائيٽ 2 صديون پراڻي آهي. هي ايمفيٿيٽر ڏکڻ اوڀر يورپ (بالڪن پينسولا) جو سڀ کان وڏو ايمفيٿيٽر آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت 20000 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي، هن جي ڊيگهه 132.4 ميٽر، ويڪر 113.2 ميٽر ۽ اوچائي 20 ميٽر آهي. 2 صدي جو هي قديم ايمفيٿيٽر رومن بادشاهه ٽريجن (Trajan) جي دور حڪومت ۾ ٺهي راس ٿيو، 4 صدي عيسوي تائين هي ايمفيٿيٽر فن ۽ ڪرتبن جي حوالي کان استعمال هيٺ آيو، 4 صدي جي اڌ ڌاري هن ۾ گرجا گهر ٺاهيو ويو ۽ اُن کي پينٽنگس سان اجاگر ڪيو ويو. 6 صدي ۾ هن ۾ ماربل به لڳايو ويو، 13صدي ۾ هن ۾ هڪ وڌيڪ گرجا گهر ٺاهي وئي. 16 صدر ۾ سلطنت عثمانيه جي دور ۾ هن ايمفيٿيٽر جي اڳيان شاهي ديوار کڙي ڪري اُن کي ڪرسچن دور جي علامت هئڻ سبب بند ڪيو ويو. هن وقت هي ايمفي ٿيٽر يونيسڪو جي ورلڊ هيريٽيج سائيٽ ۾ شامل آهي. وقت ۽ حالتون عروج کي به زوال بخشين ٿا. هي ايمفيٿيٽر هن وقت انتهائي زبون حالت ۾ آهي. ايمفيٿيٽر ۾ ويهڻ جون ڏاڪڻون تباهه ٿي چڪيون آهن. گولائي ۾ ڦرندڙ هن ايمفيٿيٽر جو اسٽيج، بادشاهه ۽ امراءُ جي ويهڻ جون جايون، فنڪارن جا ڪمرا به ختم ٿي چڪا آهن. گرجا گهر به ڀوت بنگلا جو ڏيک ڏين ٿا. البانيا سرڪار هن آرڪيالاجيڪل سائيٽ کي بچائڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي لوهي جهنگلا ۽ ڇاپرا به هنيا آهن ۽ مرمت به ڪرائي آهي، پر پوءِ به اها کنڊرات ئي باسي ٿي، بلڪل اهڙي جهڙي حالت هن ٿيٽر ۾ غلامن جي مقابلي ۾ وڙهڻ وقت ٿيندي هئي. بس بادشاهن لاءِ تماشو هو ۽ غلام يا ته جان وڃائي ويھندا هئا، يا رتورت ٿي پوندا هئا. شايد ان پسمنظر ۾ ئي پاڻ وٽ چوڻي آهي، مروان موت ملوڪان شڪار.

هنن قديم تاريخي عمارتن کي ڏسي ڪجهه دير اُتي ئي ٿَڪ ڀڃڻ لاءِ بينچ تي ويهي رهيس. مٿان هلڪي هلڪي بونداباري ٿي رهي هئي، پر ماڻهو پوءِ به هنن کنڊرن کي ڏسڻ لاءِ اچي رهيا هئا. هتي بارشن جي موسم جو پتو ئي ڪونه ٿو پوي. انهي ڪري هتي جا ماڻهو اُن جا عادي ٿي ويا آهن. هلڪي ڦلڪي ڦڙ ڦڙ ۾ ڪنهن سِٽ سِرجڻ (ڪوتا) جي بجاءِ منهنجو ذهن انهن کنڊرن ڏانهن هليو ويو. هر ماحول ۾ رڳو شاعري ئي ته شاعر جو موضوع ناهي هوندو. هونئن به شاعر حساس ئي هجن ٿا ته اِهو فطري آهي ته هُو قديم زماني جي زندگي ۾ پلجندڙ احساسن جا ترجمان به هجن ٿا ۽ ائين هو پنهنجي اندر ۾ ماضي جا ورق اُٿلائيندي تاريخ جو به گهرو مشاهدو ماڻين ٿا. انهي ڪري شاعر نه صرف شاعري سرجن ٿا، پر هُو تاريخ دان به هجن ٿا. منهنجي ذهن جي ڪينواس تي انهن کنڊرن جا اُهي دور تري آيا جڏهن هتي زندگي روان دوان هئي. وقت جي بادشاهن جو دٻدٻو، شان شوڪت ۽ عياشيون، رعايا جا ڏک سور عذاب، قيد ڪڙولا، بانديخانا، پيار، محبت، حقارت ۽ نفرتن جا داستان ۽ الاهي ڇاڇا هتي موجود هوندو!؟ پر وقت جي ستم ظريفين مٿان ستم ظريفين هنن شاندار عمارتن کي کنڊرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. بهرحال هنن شاندار عمارتن کي کنڊر ٿيڻ ۾ به تقريبن ٻه هزار سال لڳا. پر آئون جڏهن پنهنجي ملڪ جي حڪمرانن تي سوچيان ٿو ته اسانجي حڪمرانن ٺهيل ٺڪيل سکئي ۽ ستابي ملڪ کي صرف 75 سالن جي قليل عرصي ۾ کنڊر بنائي ڇڏيو. بهرحال ڪاڪي ڀيرو مل مهرچنداڻي جي شاعري جي ٻولن: ”وقت چوي آئون بادشاهه“ جي مصداق اُهو ڏينهن پري ناهي جڏهن بي رحم تاريخ پنھنجي سون ورني ڌرتي کي تباھ ۽ برباد ڪندڙ هِنن حڪمرانن جي منهن تي دانگي جي ڪاراٺ مليندي ۽ کين تاريخ جي اهڙي ڪُن ۾ اُڇلائي ڇڏيندي جو هنن جو نالو ئي صفحه هستي تان مٽجي ويندو. هنن کنڊرات جي ڀرسان اوٽومين ايمپائر جي دور جي کڙي ڪيل ديوار جي اوٽ ۾ بيهاريل گاڏي ۾ اچي ويٺاسين، بس ٿورو ئي هلياسين ته جبل جي اوچائي تي ٺهيل عاليشان عمارت جنهن کي رايل پئليس (Royal Palace) يا رايل ولا (Royal Villa) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ان جي اڳيان پهچي وياسين. هي محلات (پئليس) جبل جي چوٽي تي هئڻ سبب ڊيوريس ۾ پري پري تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ پنهنجي ماضي جي دٻدٻي جا داستان ٻڌائي ٿو، هي محل بادشاهه زوگ (King Zog I) I جو ٺهرايل آهي، جنهن جو اصل نالو Ahmed Muhtar bey Zogolli آهي، زوگ I البانيا جي سياست ۾ جواني کان وٺي سرگرم رهيو. پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ هي آسٽريا ۽ هنگري جي طرفان وڙهيو. Zog I مختلف وقتن تي مختلف حڪومتي عهدن تي رهيو. 1924 ۾ يوگو سلاويه ۽ رشيا جي مدد سان البانيا جو وزيراعظم بڻيو. 1925ع ۾ هن پاڻ کي صدر چونڊايو ۽ 1928 ۾ هن پاڻ کي بادشاهه ڊڪليئر ڪيو. 1939 ۾ اٽلي جي آمر مسوليني البانيا تي حملو ڪري هن کي جلاوطن ڪري Victor Emmanuel III کي البانيا جو بادشاهه نامزد ڪيو. ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ ڪميونسٽ دور حڪومت ۾ هي انگلينڊ مان پنهنجي جلاوطني ختم ڪري واپس البانيا موٽيو. زوگ I عمر جا آخري ڏهاڙا فرانس ۾ گذاريا ۽ 1961ع ۾ 65 سالن جي ڄمار ۾ مري ويو.

هن محل جي تعميرات جو ڪم 1926ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1937 ۾ ٺهي راس ٿيو. باز جي شڪل جيان ڏيکائي ڏيندڙ هن محل جي آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگ Kristo Sotiri جي ڪيل آهي، جنهن راڻي ايلزبيت جي رومانيه ۾ محل جي به ڊزائننگ ڪئي هئي. هن محل جي مهاڙي (Façade) تي البانيا جي هيرو سڪندر بيگ جو مجسمو ٺهيل آھي، جنهن ۾ سڪندر بيگ گهوڙي تي سوار آهي ۽ هٿ ۾ تلوار اٿس. هن محل جي ٺهڻ تي اُن وقت آيل لاڳت 50218760 فرنگا (هڪ فرنگا برابر آهي 5 ليڪ جي) آئي. 1926 کان وٺي 1939 تائين هي محل بادشاهه زوگ I ۽ سندس فيملي طرفان اڪثر اونهاري جي موسم ۾ استعمال ٿيندو هو. ڪميونسٽ دور حڪومت ۾ هي محل عمومن مختلف ملڪن جي سربراهن جي استقبال ۽ رهائش لاءِ استعمال ٿيندو رهيو. هن تاريخي محل ۾ روسي صدر خروشچيف، ڪمبوڊيا جو شهزادو نوروڊوم سهانوڪ ۽ آمريڪا جو صدر جمي ڪارٽر اچي چڪا آهن. 1997 ۾ البانيا ۾ بدامني ۽ وڳوڙن جي دوران هن محل کي ڪافي نقصان به پهتو، ٻاهرين ڊزائننگ توڙي اندرين ڊيڪوريشن، ائنٽڪ فرنيچر وغيره جي لحاظ کان هي عاليشان محل ڏسڻ وٽان آهي. سال 2007 ۾ هي مهل سرڪار طرفان گذاري ويل بادشاهه زوگ I جي ولي عهد شهزادي ليڪا (Leka) کي واپس ڪيو ويو ۽ هن وقت اُن جي مليڪت آهي.

هي محل سمنڊ جي سطح کان 98 ميٽر مٿي جبل تي اڏيل آهي، جتان نه صرف ائڊرياٽڪ سمنڊ جو نظارو وٺي سگهجي ٿو، بلڪه خوبصورت وادين، پراڻي ايمفيٿيٽر ۽ ڊيوريس شهر جو منظر بہ پسي سگهجي ٿو. هن وقت وري تيز بارش شروع ٿي وئي آهي، پر پوءِ  به محل جي سامهون ڪشادي ماربل لڳل روڊ تي بيھ ٿوري گهڻي فوٽوگرافي ڪري ئي ورتي. جيئن ته هي محل اوچائي تي ٺهيل آهي، انهي ڪري اُن جي سامهون واري روڊ تي گرل لڳائي ويئي آهي، جيئن ڪير جبل کان هيٺ وادي ۾ ڪري نه پوي. تيز بارش سبب سامهون وادي جا ڌنڌلا عڪس نظر اچن ٿا. تيز بارش سبب گهڻو وقت بارش ۾ بيهي نٿو سگهجي، انهي ڪري بهتر سمجهيم ته هاڻ قافلو ڪوچ ئي ڪري، سو هاڻ پاڻ پويان پير ڪري واپس ويهي رهيا آهيون گاڏي ۾. اُهي ئي رستا، اُهي ئي جبل واديون، شهر جون عمارتون ۽ ڇٽين ۽ بنا ڇٽين جي هلندڙ مخلوق. پراڻين تهذيبن ۽ ڪٿائن ۾ جدت سان ڀرپور ڊيوريس جي تهذيب جي آميزش تي سوچيندي سوچيندي نه ڄاڻ ڪيڏي مهل واپس ترانا شهر پهچي وياسين. هتي بارش خيرڪي هئي، هاڻ ڪافي اوندهه به ٿي وئي هئي، ڇو جو هتي سج شام جو ساڍي چئين يا پنجين وڳي لهي وڃي ٿو. هن ٽائم هوٽل تي وڃي ڇا ڪبو؟ ڇو نه روڊن تي آوارگي ڪجي ۽ شهر کي لتاڙجي. سو ليڊي کي چيم ته مونکي سٽي سينٽر تي لاهي پوءِ تون هليو وڃ، وري سڀاڻي صبح جو هلنداسين، ڪو نئون جهان ڏسڻ. ليڊي مونکي سٽي سينٽر تي لاهي موڪلايو. سٽي سينٽر ترانا شهر جي جان آهي ۽ هتي آواره گردي جو پنهنجو مزو آهي. سٽي سينٽر جو احوال وري ٻئي ڀيري ڪبو.

بقايا سفرنامو ايندڙ قسط ۾….

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments