سفر ناموسفرنامو

ٺٽي جي ٺڪاڻن تي: سفرنامو

“ڪلان ڪوٽ” ٿو ڪوڪاري…

          اڄ من وري اُڏامندڙ پکي جيان آوارگي لاءِ اُڌما کائڻ لڳو آھي، پر پاڻ اھا آوارگي پکين جي پرن يا اُڏامندڙ کٽولي تي نه، پر چئن ڦيٿن واري گاڏي تي ڪنداسين ۽ پنھنجي ان آوارگي ۾ شامل آھن ٺٽي ضلعي جا ڪجھ ٺِڪاڻا (ماڳ). سو سائين منھنجا! پاڻ واري سنگت گڏ ٿي آھي صبح جو سويل مڪلي تي. ھڪڙو ته کير پتي (ڪٽنگ) چانھه ھجي ۽ مٿان وري جي کارا بسڪٽ ھجن ته ڪيئن ٿا ڀانيو؟ سفر جو مزو ته بيشڪ اچي ئي اچي. چانھ ۾ کارا بسڪٽ ٻوڙي کائڻ جو يار اصل مزو ئي پنھنجو آھي. چانھ ۽ بسڪٽن جو چس وٺي، پنھنجي سفر جي شروعات ڪرڻ لاءِ ھاڻ پاڻ سنگت سان گڏ اچي ويٺا آھيون گاڏي ۾.

        ٺٽو جنھن تاريخ جي مختلف دورن ۾ ڪئين اُٿلون پٿلون (عروج ۽ زوال) ڏٺا، اڄ به اُن ۾ موجود تاريخي جڳھيون اسان کي اُنجي ماضي ۾ وٺي وڃن ٿيون، جنھن ۾ اسانجي ثقافتي ۽ تھذيبي قدرن جا نشان به موجود آھن، ته ڌارين حملي آورن جي گھوڙن جي سنڀن ھيٺان لتاڙيل ڌرتي ڌڻين جي چچريل لاشن جا درد ڀريا داستان به موجود آھن. پنھنجي سنگت جو پھريون پڙاءُ آھي ڪلان ڪوٽ تي جيڪو ٺٽي شھر جي ٽڪري تي واقع مڪلي کان ڪراچي ڏانھن ويندڙ رستي تي ڏکڻ اولھ طرف نڪرندڙ ٻئي رستي تي 6 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي واقع آھي. سنڌ جي ٻين شھرن جي ٽٽل ڀڳل روڊن جيان ھِن تاريخي جڳھ ڏانھن ويندڙ رستو به اُجڙيل ۽ ويران آھي. رستي تي ھن تاريخي مقام لاءِ ڪو سائن بورڊ به لڳل ناھي، سو واٽ ويندڙن کان ڏس پڇندا، خيرن سان ٽٽل رستي جي کڏن کوٻن (جھانڪن) مان جھولڻي جو مزو وٺندي، پاڻ سنگت سان گڏ پھچي ويا آھيون ڪلان ڪوٽ جي کنڊرن ۾.

          اھا اسانجي خطي جي بدنصيبي چئجي جو پاڻ وٽ تاريخ ڏانھن تعصبي ۽ منفي رويي سان گڏوگڏ تاريخي تحقيق نه ھئڻ سبب، ڪنھن به تاريخي جڳھ جي اصل نسل ۽ دور بابت صحيح ڄاڻ ئي ڪون ٿي ملي. ساڳي ڳالھ ھتي واقع ڪلان ڪوٽ لاءِ به چئي سگھجي ٿي. تقريبن ٽن ڪلو ميٽرن جي ھم چورس ايريا ۾ پکڙيل ڪلان ڪوٽ بابت ھڪ راءِ اِھا آھي ته ڪلان ڪوٽ 450 کان 632ع تائين ٻڌ مذھب جي راءِ گھراڻي جي دور جو قلعو ۽ اُن سان لاڳاپيل شھر آھي، جنھن پنجن پيڙھين تائين ھتي راڄ ڪيو. ڪي تاريخدان چون ٿا ته اھو راءِ گھراڻي کان پوءِ ٿيندڙ ھندو حڪمران راجا چچ جي دور جو آھي جنھن جي نسل مان اڳتي ھلي راجا ڏاھر پيدا ٿيو. تاريخ تحفتة الڪرام موجب ھي قلعو 14 صدي ۾ سمن جي دور جو آھي ۽ اھو سمي حڪمران ڄام پنيا جو ٺھرايل آھي. تاريخ معصومي مطابق ھي قلعو مرزا جاني بيگ 16 صدي جي آخري ڏھاڪي ۾ ٺھرايو. ھن قلعي کي ڪلان ڪوٽ، تيغور، تغلق آباد، سما ڪوٽ ۽ ڪلياڻ ڪوٽ جي نالن سان به سڏيو وڃي ٿو. بھرحال جيترا وات اوتريون ڳالھيون. جيتوڻيڪ اڄ ڪلھ جديد سائنسي اوزار ۽ نوان ڪيميائي مادا اچڻ کان پوءِ تجربا ڪري ھن قلعي جي قدامت بابت آساني سان ڄاڻ حاصل ڪري سگھجي ٿي، پر اھو ڪم ڪري ڪير؟ ھتي ته جيئرن جو ئي جيئڻ جنجال آھي سو کنڊر ڪير کوٽيندو ۽ ڀلا تاريخ جي ڪھڙي کوج ٿيندي!؟ تقريبن ٽن ڪلوميٽرن جي وسيع ايراضي تائين ڦھليل ھن آثار قديمه جي ھن وقت حالت جري آھي. صرف قلعي جو ڪجھ حصو، مسجد ۽ وڏي تلاءُ جو ٽٽل ڦٽل ڍانچو موجود آھي باقي ٿيو ڪل خير. قلعي جي ٿوري گھڻي باقي بچيل حصي ۾ ڪو ڌڻي سائين نه ھئڻ سبب ڏينڀن جي مانارن کانسواءِ ٻيا جيت جڻيا گھر ٺاھي ويھي رھيا آھن. چوگرد کنڊر بڻيل قلعي ۽ اُن جي آسپاس ڀڳل ٽٽل لاتعداد سرون پکڙيل نظر اچن ٿيون جن مان لڳي ٿو ته ھتي پراڻي زماني ۾ وڏي وسندي (شھر) آباد ھئي. ڪلان ڪوٽ جا مينار (towers) تمام ڊگھا ھئا جن جا نشان اڄ به نمايان نظر اچن ٿا. فيروز شاھ تغلق جڏھن ٺٽو فتح ڪري ڪلان ڪوٽ ڏانھن وڌيو ھو ته انھن ڊگھن مينارن ئي کيس ڪلان ڪوٽ فتح ڪرڻ کان روڪي رکيو ھو ۽ ھُن کي مايوس ٿي واپس موٽ کائڻي پئي ھئي. مشھور ليکڪ ۽ تاريخدان مير علي شير قانع ٺٽوي پنھنجي ڪتاب مڪلي نامه ۾ لکي ٿو ته ڪلان ڪوٽ جي قلعي جا مينار (ٽاور) تمام ڊگھا ھئا ۽ ائين لڳندو ھو ڄڻ آسمان کي ڇھي رھيا ھجن. ھُو لکي ٿو ته انھن مينارن تان قلعي جي نه صرف آسپاس، پر پري پري تائين سرسبز کيتن ۽ باغات جو ڏاڍو خوبصورت منظر نظر ايندو ھو. قلعي سان لڳ زبون حال مسجد جي محراب ۽ ڪٿي ڪٿي ديوارن تي پراڻا اڇي ۽ نيري رنگ جا چٽسالي وارا ٽائل ۽ فرش تي پلين ٽائل اڄ به بھتر حالت ۾ موجود آھن. مسجد جي مکيه داخلا دروازي جي ڪماني (arch) جي گولائي 10 فٽ ۽ ديوارن جي اوچائي 25 فٽ آھي. مسجد جي ٿورڙو اڳيان ٺھيل تلاءُ جيڪو ھاڻي اُجڙيل حالت ۾ آھي اُن جي ڊيگھ تقريبن 96 فٽ، ويڪر 87 فٽ ۽ گھرائي 14 فٽ ٿيندي. پڪين سرن ۽ گچ مان ٺھيل ھن آرڪيالاجيڪل سائٽ تي ڪٿي ڪٿي مختلف ھنڌن تي ھڪ ٻئي مٿان ٺاھيل تعميرات جي نشانن مان پتو پوي ٿو ته ڪلان ڪوٽ ڪنھن ھڪ دور جو ٺھيل ناھي ۽ مختلف وقتن ۾ ايندڙ حڪمرانن پاڻ کان اڳ جي حڪمرانن جون عمارتون يا ته صفا ڊاھي، يا اُنھن ۾ تبديلي آڻي نيون عمارتون جوڙايون آھن. ڪلان ڪوٽ جي ويجھو درياھ جي وھڪري جا نه صرف گھرا (اونھان) نشان موجود آھن، پر اُن ۾ بيٺل پاڻي پڻ اُن جي تصديق ڪري ٿو ته، ڪنھن زماني ۾ ھتان درياھ بادشاھ گذرندو ھو، جيڪو ھن شھر جي جيون جياپي، وڻج واپار ۽ عروج جو مکيه ڪارڻ بنيل ھو. اڃان به جي ھن آرڪيالاجيڪل سائٽ جي کوٽائي ٿئي ته ماضي جي دور جي ڪافي ڄاڻ ملي سگھي ٿي. ڪلان ڪوٽ مختلف دورن ۾ ھتي جو نه صرف گادي جو ھنڌ رھيو، پر واپاري مرڪز ھئڻ ۽ خوشحال ھئڻ سبب ٻاھرين حملي آورن جي نشاني تي به رھيو. ڪلان ڪوٽ جي زرخيزي ۽ خوشحالي ۽ وري تباھي ۽ بربادي سان ھڪ روايت/ مِٿ (myth) به جڙيل آھي. چون ٿا ته ھن قلعي جي آسپاس ھڪ نانگ جو آستانو ھوندو ھو. جيستائين اُن جو سِر (منھن) ڪلان ڪوٽ طرف رھيو ھتي خوشحالي رھي ۽ جڏھن اُن پنھنجو سِر دھلي ڏانھن ڪيو ته اُن جي بربادي شروع ٿي وئي. منھنجي خيال ۾ ان روايت يا مِٿ جو پسمنظر علامتي آھي، يعني جڏھن ڪلان ڪوٽ ۾ پنھنجن جي حڪومت ھُئي ته ھتي خوشحالي ھُئي ۽ جڏھن ھتي ڌاريا ڪاھي آيا ته ھي علائقو اُجڙي ويو.

          ڪلان ڪوٽ ۽ مڪلي جيتوڻيڪ ھڪ ٻئي جي ويجھو آھن، پر ٻنھي جي تعميرات ۾ خاص فرق موجود آھي. مڪلي جو قبرستان تقريبن جبل جي پٿر جو ٺھيل ۽ اُن ۾ ٿورڙو ڪم سرن جو ٿيل آھي، جڏھن ته  ڪلان ڪوٽ جي سڀني عمارتن ۾ فقط تلاءُ جي ديوارن ۾ لڳل ٿورڙي پٿر کان علاوہ تقريبن سموري اوساري سرن ۽ گچ جي ميلاپ سان ٿيل آھي.

        ڪجھ دير اُتي ترسي، ڪلان ڪوٽ جي آثارن کي گھمي ڦري ۽ فوٽو گرافي ڪري اچي واپس گاڏي ۾ ويٺا آھيون. اسانجي گاڏي کنڊرات جي آسپاس ڦھليل ڪلان ڪوٽ جي ڀڳل ٽٽل سرن کي لتاڙيندي گذري رھي آھي. گاڏي ھلندي ڪلان ڪوٽ جي اُجڙيل ۽ ويران ۽ بنجر بڻيل آثارن کي ڏسي آئون ان نتيجي تي پھتو آھيان ته، شايد اھي بچيل کچيل ٽٽل ڦٽل آثار به سرڪار جي لاپرواھي، بي ڌياني ۽ سنڀال نه ھئڻ سبب ڏھن پندرھن سالن کانپوءِ پنھنجي تاريخ ۽ ورثو ساڻ کڻي صفحه ھستي تان ميسارجي چڪا ھوندا. ڪلان ڪوٽ جو ماضي جو دور، اُن ۾ آباد وستيون، وقت ۽ حالتن سان گڏ آيل اُٿلون پٿلون، اھي سوچون ۽ ماضي جا منظر ور ور ڏيئي منھنجي دماغ آڏو ايندا رھن ٿا ۽ پيڇو نٿا ڇڏين. مان سوچيان ٿو، انھي وستي (ڪلان ڪوٽ) جو اندر ڪيترو نه کاڌل ھوندو؟ ھڪ حساس دل شاعر جڏھن پنھنجي ڪوتا کي سڦلتا نه ملڻ تي تڙپي اُٿي ٿو، ته جنھن آسودي ۽ امن سان ڀرپور ڌرتي، تاريخ جي مختلف دورن ۾ پنھنجين اکين سان پنھنجن ٻچڙن جو قتلام، بربريت ۽ ڌارين جي لٽ مار ڏٺي ھجي، اُھا ڀلا سک ۽ سڪون جي ننڊ ڪيئن سمھي سگھي ٿي؟ ڪلان ڪوٽ جو ڪرب اڄ به ڪوڪاريندي پيغام ڏي ٿو ته “خونخوار جنگين ۾ نه، پر امن ۾ ئي عالم جي انسان جو سک ۽ آجپو سمايل آھي.”