“ڪلان ڪوٽ” ٿو ڪوڪاري…
اھا اسانجي خطي جي بدنصيبي چئجي جو پاڻ وٽ تاريخ ڏانھن تعصبي ۽ منفي رويي سان گڏوگڏ تاريخي تحقيق نه ھئڻ سبب، ڪنھن به تاريخي جڳھ جي اصل نسل ۽ دور بابت صحيح ڄاڻ ئي ڪون ٿي ملي. ساڳي ڳالھ ھتي واقع ڪلان ڪوٽ لاءِ به چئي سگھجي ٿي. تقريبن ٽن ڪلو ميٽرن جي ھم چورس ايريا ۾ پکڙيل ڪلان ڪوٽ بابت ھڪ راءِ اِھا آھي ته ڪلان ڪوٽ 450 کان 632ع تائين ٻڌ مذھب جي راءِ گھراڻي جي دور جو قلعو ۽ اُن سان لاڳاپيل شھر آھي، جنھن پنجن پيڙھين تائين ھتي راڄ ڪيو. ڪي تاريخدان چون ٿا ته اھو راءِ گھراڻي کان پوءِ ٿيندڙ ھندو حڪمران راجا چچ جي دور جو آھي جنھن جي نسل مان اڳتي ھلي راجا ڏاھر پيدا ٿيو. تاريخ تحفتة الڪرام موجب ھي قلعو 14 صدي ۾ سمن جي دور جو آھي ۽ اھو سمي حڪمران ڄام پنيا جو ٺھرايل آھي. تاريخ معصومي مطابق ھي قلعو مرزا جاني بيگ 16 صدي جي آخري ڏھاڪي ۾ ٺھرايو. ھن قلعي کي ڪلان ڪوٽ، تيغور، تغلق آباد، سما ڪوٽ ۽ ڪلياڻ ڪوٽ جي نالن سان به سڏيو وڃي ٿو. بھرحال جيترا وات اوتريون ڳالھيون. جيتوڻيڪ اڄ ڪلھ جديد سائنسي اوزار ۽ نوان ڪيميائي مادا اچڻ کان پوءِ تجربا ڪري ھن قلعي جي قدامت بابت آساني سان ڄاڻ حاصل ڪري سگھجي ٿي، پر اھو ڪم ڪري ڪير؟ ھتي ته جيئرن جو ئي جيئڻ جنجال آھي سو کنڊر ڪير کوٽيندو ۽ ڀلا تاريخ جي ڪھڙي کوج ٿيندي!؟ تقريبن ٽن ڪلوميٽرن جي وسيع ايراضي تائين ڦھليل ھن آثار قديمه جي ھن وقت حالت جري آھي. صرف قلعي جو ڪجھ حصو، مسجد ۽ وڏي تلاءُ جو ٽٽل ڦٽل ڍانچو موجود آھي باقي ٿيو ڪل خير. قلعي جي ٿوري گھڻي باقي بچيل حصي ۾ ڪو ڌڻي سائين نه ھئڻ سبب ڏينڀن جي مانارن کانسواءِ ٻيا جيت جڻيا گھر ٺاھي ويھي رھيا آھن. چوگرد کنڊر بڻيل قلعي ۽ اُن جي آسپاس ڀڳل ٽٽل لاتعداد سرون پکڙيل نظر اچن ٿيون جن مان لڳي ٿو ته ھتي پراڻي زماني ۾ وڏي وسندي (شھر) آباد ھئي. ڪلان ڪوٽ جا مينار (towers) تمام ڊگھا ھئا جن جا نشان اڄ به نمايان نظر اچن ٿا. فيروز شاھ تغلق جڏھن ٺٽو فتح ڪري ڪلان ڪوٽ ڏانھن وڌيو ھو ته انھن ڊگھن مينارن ئي کيس ڪلان ڪوٽ فتح ڪرڻ کان روڪي رکيو ھو ۽ ھُن کي مايوس ٿي واپس موٽ کائڻي پئي ھئي. مشھور ليکڪ ۽ تاريخدان مير علي شير قانع ٺٽوي پنھنجي ڪتاب مڪلي نامه ۾ لکي ٿو ته ڪلان ڪوٽ جي قلعي جا مينار (ٽاور) تمام ڊگھا ھئا ۽ ائين لڳندو ھو ڄڻ آسمان کي ڇھي رھيا ھجن. ھُو لکي ٿو ته انھن مينارن تان قلعي جي نه صرف آسپاس، پر پري پري تائين سرسبز کيتن ۽ باغات جو ڏاڍو خوبصورت منظر نظر ايندو ھو. قلعي سان لڳ زبون حال مسجد جي محراب ۽ ڪٿي ڪٿي ديوارن تي پراڻا اڇي ۽ نيري رنگ جا چٽسالي وارا ٽائل ۽ فرش تي پلين ٽائل اڄ به بھتر حالت ۾ موجود آھن. مسجد جي مکيه داخلا دروازي جي ڪماني (arch) جي گولائي 10 فٽ ۽ ديوارن جي اوچائي 25 فٽ آھي. مسجد جي ٿورڙو اڳيان ٺھيل تلاءُ جيڪو ھاڻي اُجڙيل حالت ۾ آھي اُن جي ڊيگھ تقريبن 96 فٽ، ويڪر 87 فٽ ۽ گھرائي 14 فٽ ٿيندي. پڪين سرن ۽ گچ مان ٺھيل ھن آرڪيالاجيڪل سائٽ تي ڪٿي ڪٿي مختلف ھنڌن تي ھڪ ٻئي مٿان ٺاھيل تعميرات جي نشانن مان پتو پوي ٿو ته ڪلان ڪوٽ ڪنھن ھڪ دور جو ٺھيل ناھي ۽ مختلف وقتن ۾ ايندڙ حڪمرانن پاڻ کان اڳ جي حڪمرانن جون عمارتون يا ته صفا ڊاھي، يا اُنھن ۾ تبديلي آڻي نيون عمارتون جوڙايون آھن. ڪلان ڪوٽ جي ويجھو درياھ جي وھڪري جا نه صرف گھرا (اونھان) نشان موجود آھن، پر اُن ۾ بيٺل پاڻي پڻ اُن جي تصديق ڪري ٿو ته، ڪنھن زماني ۾ ھتان درياھ بادشاھ گذرندو ھو، جيڪو ھن شھر جي جيون جياپي، وڻج واپار ۽ عروج جو مکيه ڪارڻ بنيل ھو. اڃان به جي ھن آرڪيالاجيڪل سائٽ جي کوٽائي ٿئي ته ماضي جي دور جي ڪافي ڄاڻ ملي سگھي ٿي. ڪلان ڪوٽ مختلف دورن ۾ ھتي جو نه صرف گادي جو ھنڌ رھيو، پر واپاري مرڪز ھئڻ ۽ خوشحال ھئڻ سبب ٻاھرين حملي آورن جي نشاني تي به رھيو. ڪلان ڪوٽ جي زرخيزي ۽ خوشحالي ۽ وري تباھي ۽ بربادي سان ھڪ روايت/ مِٿ (myth) به جڙيل آھي. چون ٿا ته ھن قلعي جي آسپاس ھڪ نانگ جو آستانو ھوندو ھو. جيستائين اُن جو سِر (منھن) ڪلان ڪوٽ طرف رھيو ھتي خوشحالي رھي ۽ جڏھن اُن پنھنجو سِر دھلي ڏانھن ڪيو ته اُن جي بربادي شروع ٿي وئي. منھنجي خيال ۾ ان روايت يا مِٿ جو پسمنظر علامتي آھي، يعني جڏھن ڪلان ڪوٽ ۾ پنھنجن جي حڪومت ھُئي ته ھتي خوشحالي ھُئي ۽ جڏھن ھتي ڌاريا ڪاھي آيا ته ھي علائقو اُجڙي ويو.
ڪلان ڪوٽ ۽ مڪلي جيتوڻيڪ ھڪ ٻئي جي ويجھو آھن، پر ٻنھي جي تعميرات ۾ خاص فرق موجود آھي. مڪلي جو قبرستان تقريبن جبل جي پٿر جو ٺھيل ۽ اُن ۾ ٿورڙو ڪم سرن جو ٿيل آھي، جڏھن ته ڪلان ڪوٽ جي سڀني عمارتن ۾ فقط تلاءُ جي ديوارن ۾ لڳل ٿورڙي پٿر کان علاوہ تقريبن سموري اوساري سرن ۽ گچ جي ميلاپ سان ٿيل آھي.