ادب

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي نظم تي تحقيقي
۽ تنقيدي مختصر نگاهه

عالم ان طرح ھڪ گھر ۾ خانداني مسئلن ۽ معاملن جي عڪاسي ڪندي ڪٽنب جي ٻين اھم ۽ بنيادي فردن، ڀاڄائي ۽ ڏير جي ڳالھ ٻولھ کي به رچناتي رنگ ۾ سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي ھن طرح پيش ڪري ٿو:

ڀاڄائي-

وک وائي مان ڀي کائين، واپس پيسو ڪونه ورائين،

ڪوڙا ليکا روز ٻڌائي، ھر دم جھڳ جھڳ جھيڙو لائين،

ڏاھو ٿي ڪر، ڏير خيال،

ڪھڙو ٿيندو، گھر جو حال،

ڏير-

ابتا سبتا ڪر نه سوال،

ڀاڀي پنھنجو گھر سنڀال،

ڀاڄائي-

واھ جو مون کي ملئين ڏير، پاڻ سڏائين سوا سير،

مون ريءَ آخر پڇندئي ڪير، مون سان رکيو وتين وير،

اھڙا ھوندئي جي افعال،

ڪھڙو ٿيندو گھر جو حال،

ڏير-

واھ جي تون ڀاڄائي آھين، ويڙھ ڪنا پل واندي ناھين،

صبح سانجھي مون کي ساھين، منھنجو ويٺي مٿو کائين،

وڦلين پئي آل ۽ چال،

ڀاڀي پنھنجو گھر سنڀال.

جيئن ته ڏير ڀاڄائي به ھڪ ڪٽنب جو حصو ھجن ٿا ۽ انھن به اڪثر ھُڻ کُڻ ٿيندي رھندي آھي ۽ وري پاڻ ۾ پرچي به پوندا آھن ۽ اھو سلسلو ھلندو رھندو آھي ۽ سندن سرچاءُ ڪجھ ھن طرح ٿيندو آھي:

ڏير-

ڀاڀي مون کي ڪين ڏکائي، مون کي تو لئه عزت آھي،

ڌامي ڌومي ڳائي وڄائي، ڀاڀي مون کي تون پرڻائي،

آھيان بلڪل مان بيحال،

ڀاڀي پنھنجو گھر سنڀال،

ڀاڄائي-

عزت ڪر تون منھنجي آخر، آھيان تنھنجي ماءُ برابر،

تنھنجي ڪنوار لئه تنھنجي خاطر ورتم ڪپڙا گنديون، زيور

چوڙيون، منڊيون، نٿ، ڪٺمال،

ڪھڙو ٿيندو گھر جو حال،

ڏير-

مان ڀي توکي ماءُ ٿو ڀايان، ڀاڀي توکي ڪيئن سمجھايان،

مان نافرمان ھرگز ناھيان، تنھنجي ور جو ڀاءُ آھيان،

پوءِ به مون تي رنج، ملال،

ڀاڀي پنھنجو، گھر سنڀال،

جڏھن ڏير ۽ ڀاڄائي پاڻ ۾ ماءُ پُٽ جيان پرچي سرچي ھڪ ٿي ويا ۽ سندن گڏيل خيال، سيد مرتضيٰ ڏاڏاھيءَ جي لفظن ۾:

ٻئي گڏ-

ڪين خفا ٿيون ھرگز ھاڻ، گھر ۾ گڏجي گھاريون پاڻ،

عزت عظمت خوب وڌايون، جنت پنھنجو گھر بڻايون.

ان طرح سماجي آسودگيءَ جي جھلڪ ڪردارن جي مثبت ڪرتڪاريءَ جي پسمنظر سان پڌري ڪيل آھي ۽ معاشري جو ماحول ۽ رويا ھڪ شاعر ۽ ڪوي باريڪ بينيءَ سان پسندي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاھدن جي منطقي محور تي پرکيندي سھڻي سٽاءَ سان ۽ پوري لوازمات سان پيش ڪندو آھي. جيئن ھڪ ڪٽنب جو حصو ٻه ڏيرياڻيون ھڪ عام فطري مسئلي تي ھڪٻئي سان مھاڏو اٽڪائينديون آھن ته سندن ڳالھائڻ ٻولھائڻ به سندن ذھني ڪيفيتن جو ڀرپور عڪاس بڻجندو آھي، سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي جي لفظن ۾:

وڏي ڏيرياڻي-

نئين ٿي ڏيرياڻي آھين، آھين تون آئي ته ڇا ٿي پيو،

وڳا ۽ ويس چند ڏينھڙا، کڻي پائي ته ڇا ٿي پيو،

ننڍي ڏيرياڻي-

ھتي ھوندي کڻي تنھنجي، ڀلاڀائي ته ڇا ٿي پيو،

متي آھين جي کائي مال، تون مائي ته ڇا ٿي پيو،

ان طرح آھستي آھستي ٿي ٻئي ڏيرياڻيون پاڻ ۾ اٽڪي پون ٿيون ۽ خاصي ويڙھ ڪرڻ کانپوءِ کين گھر جي وڏن جو خيال اچي ٿو ۽ عاقبت جي انديشي خاطر، کين پاڻ ۾ ٺھڻو پوي ٿو ۽ پرچي ھڪٻئي سان واعدا اقرار به ڪن ٿيون، سيد مرتضيٰ ڏاڏاھيءَ جي لفظن ۾:

اھو انجام آ پنھنجو، اھوئي واعدو آھي،

رھون اتحاد ايڪي سان، ٻڌيءَ ۾ فائدو آھي.

اھڙيءَ ريت گھر جي ڀاتين جي ڦڏي، خاص ڪري عورتن جي جھڳڙي کي سريليءَ سرجڻھاريءَ جي رڌم ۾ يعني نظم ۾ ترتيب ۽ ترڪيب سان پيش ڪيو ويو آھي. ھونئن به عام طور تي اھو مڃيو ويو آھي ته عورت ئي گھر کي گھر ڪري ٺاھيندي به آھي ته بَرَ ڪري برباد به ڪندي آھي ۽ تحقيق جي تناظر ۾ اھو پڻ چيو ويو آھي ته عورت ئي انسانن جي پيدائش جو مھا ڪارڻ آھي ۽ عورت ئي نبين وليين کي جنم ڏنو آھي، ان ڪري فطري طور سندس رتبو وڌ به آھي ته گھٽ به!

بھرڪيف ساڳئي وقت ان ئي عورت کي خوبصورت فتنو به چيو ويو آھي، پر فطري رشتن جي رتوبت کان انڪار ناممڪن آھي. ڇو ته عورت ماءُ به آھي ته ڀيڻ به آھي ۽ جيون ساٿي به آھي، جيڪا ھڪ زندگيءَ جي اٿاھ گھري سمنڊ ۾ ھڪ وجود جو اٽل ۽ پڪو پختو سھارو ھوندي آھي ۽ انساني زندگيءَ جي فطري ٿاڪ ۽ ٿانَ يعني گھر کي دنياوي طور بقاءَ ۽ بھار بخشيندي آھي، ان ڪري گھر جو اھم اٽوٽ تعلق عورت سان ھوندو آھي ۽ گھر اندر گھر ڌڃاڻپ به عورت جي ئي حوالي ھجي ٿي ۽ عورت ان منصب تي رھندي گھڻن ئي مسئلن ۽ معاملن کي مُنھن ڏيندي سلجھائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جيئن سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي، گھر ڌڃاڻيءَ کي پنھنجي ھمعصر سھيلي يا ساھيڙيءَ سان حال اوريندي پيشگي ڪري ٿو نموني طور ڪجھ سٽون حاضر آھن:

گھر ڌڃاڻي-

سڀ سڏائين ٿيون سھيليون، ڪم پي ٿي ڪل پوي،

مھل ۾ مون کي ته مائي، ڪانه ڪا ئي ڪم اچي،

مان وڃي ڏک سور ۾، شامل سڀن سان ٿي ٿيان،

ڪانه ڪنھن کي ٿي وڻان، جو سچ سدائين ٿي چوان.

ساھيڙي:

مون ھميشه آھِ تنھنجي، مددگاري پي ڪئي،

رات ڏينھن سانجھي صبح، جو پوئواري پي ڪئي،

چئو کڻي ان کان زياده، ٻيو ڀلا مان ڇا ڪيان،

خوامخواه ڇو ٿي وڙھين، تنھنجي سھيلي مان آھيان،

گھر ڌڃاڻي-

وڃ نه واپس، رُس نه راڻي، آئون ٿي روئي پوان،

معاف ڪر مون کي خطا، تنھنجا سدا ٿورا مڃان،

ساھيڙي-

رو نه روئي مان به پوان پونديس، ڪا نه ٿي واپس وڃان،

اچ ته گڏ جي گيت ڳايون، ختم ٿي وئي رُسُ رُسان،

ان طرح ٻئي سھيليون پاڻ ۾ پرچي ھڪ ٿي وڃن ٿيون.

جھڙيءَ طرح ھڪ تاريخ نويس ماضيءَ تي نظر رکندي ڪئي تاريخي واقعا ۽ احوال تحقيق جي روشنيءَ ۾ اڀياس ۽ مشاھدي جي محور تي اجاگر ڪندو آھي، تھڙيءَ طرح شاعر به پنھنجي حال سان گڏ ماضيءَ جي اھم شخصيتن کي سندن اتم ڪردار جي تناظر سان ساريندي لاکائتن لفظن ۾ ڀيٽا ڏيندو آھي ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي پوري عالم ۾ مڃيل ۽ مھانتا ماڻيندڙ ڌرتيءَ جيڏي شاعر طور مشھور ۽ مقبول رھيو آھي. اھا ھڪ کُلي حقيقت آھي ته شاھ عبداللطيف دنيا جي سمورن شاعرن جو سرموڙ شاعر آھي ۽ سندس شاعري پنھنجو مٽ پاڻ ۽ الھامي ڪيفيت رکندڙ آھي ۽ ان ڏس ۾ سندس شاعريءَ جي فني فڪري پرک ڪندي سنڌ جو مڃيل محقق ۽ علمي ادبي آدرشي انسان محترم علامه آءِ آءِ قاضي شاھ لطيف جي شاعريءَ تي تحقيق ڪندي ان نتيجي تي پھچي ٿو ته:

”شاھ عبداللطيف جي شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان اتم ۽ انفرادي حيثيت رکي ٿي ۽ سندس سموري شاعري ھر رخ ۽ پھلوءَ کان شاعريءَ جي مڃيل ۽ معياري ڪسوٽيءَ تي پوري طرح محيط آھي.“ (10)

مطلب ته شاعريءَ جي معيار جي پرک لاءِ مقرر ڪسوٽيءَ تي شاھ لطيف جي سموري شاعري پرکي پروڙي، ان جي فني توڙي فڪري وقعت ۽ وسعت کي گھري اڀياس ۽ تحقيق جي انوسار اھميٿ ۽ حيثيت کي اجاگر ڪندي پڌرو ڪري ٿو. سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي سماجي منظرن ۽ ماحوليات جي نقش نگاريءَ سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جي مھان ۽ ڌرتي جيڏي شاعر ۽ دنيا جي سمورن شاعرن جي سرموڙ شاعر ۽ شاعريءَ جي بيتاج بادشاھ ڀٽ ڌڻي شاھ عبداللطيف سان عقيدت جي حد تائين چاھ رکندڙ ۽ سندس عظمت ۽ حيثيت کان متاثر ۽ سندس انمول فطري ڪلام سان اٿاھ عشق رکندڙ سندس مداح رھيو آھي، ان ڪري شاعريءَ جي طبع آزمائيءَ دوران کيس ساريندي ياد ڪندي سندر سوچ ۽ اتم ويچار جي محور تي ڀلوڙ ۽ مٺڙن لفظن ۾ ارپنا ارپي آھي:

عشق جو نعرو، حق جي وائي،

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي،

ڪر، تون سارو ملڪ مٺائي،

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي،

گنج ھدايت، تنھنجو رسالو،

حق ۽ صداقت، تنھنجو رسالو،

سچ سندي، تو واٽ ٻُڌائي،

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي.

اھڙيءَ طرح شاعر سنسار جي سندرتاءُ کي برقرار رکڻ خاطر پاڻ سان گڏ پنھنجي سماج ۽ معاشري تي نھايت ئي گھرائيءَ ۽ باريڪ بينيءَ سان نگاهه وجھندي ڪئين اونھا راز عميق جا پڌاري پسائيندو آھي ۽ سندس نظر عام طرح نه ڏسجندڙ نظارن کي به مشاھدي جي نظر سان پوري سَڳَ سميت ڏسي وٺندي آھي ۽ ان جي داخلي ۽ خارجي ڪيفيت ۽ رموميت سان محسوس ڪري وٺندو آھي ۽ پوءِ پوري منطق کي پرکي پروڙي پيش ڪندو آھي.

سيد مرتضيٰ ڏاڏاھيءَ جو نظم تي ڪمال جو فني فڪري غلبو حاصل رھيو آھي ۽ فطرت انگيز نظمن مان ھت ڪجھ نظمن مان مختصر اقتباس نموني طور پيش ڪري اڀياسي نظر سان جائزو ورتو ويو، اھا حقيقت آھي ته سندس ڪمال جو تخيل، تسلسل ۽ فڪري ربط سان، بحر وزن، ڇنڌ وديا تي، قافئي ۽ رڌم سان، شائستگي ۽ نغمگي واري روانگيءَ سان، دلڪش طرز ۾ ادائگي ڪئي وئي آھي ۽ ”نظم“ فني فڪري طور نظم جي صنفي ھيئت ۽ فڪري طور پورو ۽ مڪمل آھي ۽ ڪنھن حد تائي ڪھاڻيءَ جيان مڪالماگيريءَ جي لھجي سان به پيشگي ڪئي وئي آھي، ڪنھن به طرح نظم ۾ فني ۽ فڪري طور ڪو به خدوخال يا ڪمي پيشي ۽ اوڻائي نه نظر ايندي پر نظم گھاڙيٽي ۽ فڪر و افڪار جي لحاظ سان پنھنجي پوري لوازمات سميت جَرَڪندي نظر اچي ٿو ۽ جيڪڏھن سيد مرتضيٰ ڏاڏاھيءَ جي نظم جي ھنري طرز ۽ رڌم جي تقطيع ڪبي ته به نظم جي ھر سٽ، ھر مصرع مڪمل ۽ موزون نظر ايندي.

ياد مون کي ٿا پون، پلپل پيار لاڙ جا

مور ماڻھو محبتي ۽ مانورار لاڙ جا

صاف سھڻا ڳوٺ ڳلين، شھر شاھي شاندار

ھر طرف ساوڪ سڳنڌ، ڀرپور باغن ۾ بھار

نيڻ ٺاريندڙ سدا، نرمل نظارا لاڙ جا

(وزن)- فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلون

يا وري-

سھارو ٿا گھرن، ڪو بي سھارن جو ڀلو ڪريو،

خدارا، اي دنيار وارا، ڪنوارن جو ڀلو ڪريو،

اِجھو ھو جوان ۽ اڌڙوٽ، ڪي پوڙها ڪنوارا ڏس

سچا سارا، انڌا منڊا، ته ڪي ٻوڙا ڪنوارا ڏس

وري ڪي سينڌ سرمي سان، ته ڪي ٺوڙها ڪنوارا ڏس

سوين سھڻا به دنيا ۾، اڙي گھوڙا ڪنوارا ڏس

وڃن ويچار ۾ ڳرندا، ويچارن جو ڀلو ڪريو

خدارا، اي دنيا وارا ڪنوارن جو ڀلو ڪريو.

(وزن)- مفاعلن، مفاعلن، مفاعلن، مفاعلن.

ان طرح نظم جي جاچ جوچ ۽ ڇنڊ ڇاڻ سان نظم جي پُختگي ۽ بُرجستگي پنھنجي پوري سگھ ۽ سرت سان عيان ٿي سامھون اچي ٿي ۽ وزني پرک شاعريءَ جي ھر صنف جي بنيادي ڪاريگريءَ جو آئينو آھي. عام طور نظم ۾ فعولن، فاعلاتن ۽ مفاعلن واري وزن ۽ ڇند وڌيا واري بحر وزن کي تقويت حاصل آھي. ڇو ته ان سان شاعريءَ جي بنيادي طرز، لئي ۽ رڌم وڌيڪ رسيلي، جٽادار ۽ سُرائتي محسوس ٿيندي آھي ۽ شعر پنھنجي شمع سان روشنائي ورڇي دل جي دنيا کي انيڪ اتم خيالن سان خوشگوار بڻائي ٿو.

نتيجو:

سيد مرتضيٰ ڏاڏاھيءَ جي تخليقي سگھ سندس تخليق مان پڌري ۽ عيان آھي، کيس نظم جي فني بيھڪ ۽ گھاڙيٽي تي ملڪو حاصل آھي، کيس قدرت طرفان شاعريءَ جي حوالي سان فطري ڏات ۽ ڏانءُ سان نوازيو ويو ۽ ان ڪري فني توڙي فڪري طور سندس تخليق ٿيل نظم ساکائتي ترڪيب ۽ ترتيب سان پوري لوازمات سميت پيش ڪيل آھي ۽ نظم کي نظم جي ئي صورت سيرت ۾ ترتيب، ترڪيب ۽ تخيل جي فطري ترغيب ۽ تسلسل سان پيش ڪيو ويو آھي ۽ سنسار جي فطري سونھن ۽ سندرتا کي شعوري شمعدان جي شعاعن جي آڌار تي اجاگر ڪيو ويو آھي ۽ سماجي منطقن تي بارڪ بينيءَ سان نظر وجھي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاھدن جي روشنيءَ ۾ پرکي پروڙي سھڻي ۽ دلڪش سٽاءُ ۾ سِرجي، دل جي ڌيان جو ڪارج بڻائي پيش ڪيو آھي. سڀاويڪ ۽ سُندر سِٽاءَ وارو بي عيب ۽ اوڻائين کان ڪوھين ڏور انفرادي حيثيت ماڻيندڙ ”نظم“ اھو محسوس ڪرائي ٿو ته شاعري نظم جي آڌار تي، روح کان مَنَ ۽ مَنَ کان ھِيئين ۽ ھِيئين کان دِل ۽ دِل کان جِيءَ ۽ جِيءَ کان ذَھن ۽ ذَھن کان دماغ تان سفر ڪندي لَبن مان لاڀائتن لھجن جي لھرن سھاري لاکيڻن لفظن ۾ سموئجي نروار ٿي پوندي آھي ۽ پوري سماج کي سھائي ارپي وجھندي آھي، پر اُتم وِيچار ۽ خوبصورت خيالن انگيز شاعري لَبن تان لفظن ۾ سموئجڻ تائين وک وک تي واسڻ واسنائي ريکائن ڀريا رنگ وکيريندي وڌندي آھي ۽ شاعر جي اندر کي به آسودگي ارپيندي آھي، جڏھن شاعر جي اندر آسودگي برپا ٿيندي آھي تڏھن سندس سوچن جا فطري رنگ سماج ۽ ماحول ۾ مانڊاڻ مچائيندي معاشري کي مھڪائيندا آھن ۽ ان سان انسان اندر انسانيت نئين جوت ۽ جوڀن پائيندي جھان کي جنت بڻجڻ جي دڳ تي قدم بقدم اڳيان وڌڻ لاءِ اتساھيندي آھي ۽ نئين اميدن ۽ امنگن جا عڪس اولڙا ۽ نقش نگاريءَ جي روپ رنگ ۾ ماحولي ڪيفيتن ۽ مزاجن کي وڌيڪ منظم ۽ مثبت بڻائي سنسار جي سندرتا کي جڳ مڳائي پاڻ کي شعوري علامت جو اتم اھڃاڻ ثابت ڪندو آھي.

حوالا:

1. سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ ع سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون عباسي ظفر ص ٢٨٦

2. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد سنڌ 1993ع ”سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو“ بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر ص ٢٠ کان ص ٣٠

3. سنڌي ادبي ڄامشورو ١٩٩١ع ”ٽماھي مھراڻ (شاعري نمبر)“ ١٩٦٩ع ص ٨٣، ٨٤

4. مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور سنڌ ٢٠٠٢ع ”بيت“ ميمڻ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي ص ٥٩

5. سنڌي ساھت گھر حيدرآباد سنڌ ١٩٩٦ع ”تلسين جي سُرھاڻ“ جويو تاج ص ٩٨

6. ساڳيو ص ١٠٦

7. حوالو 3 ص ١٦٨

8. روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ١٩٩٦ ”شاعريءَ جون صنفون“ عباسي ظفر ص ٥٨

9. حوالو 5 ۽ ص ٧٠

10. مھراڻ اڪيڊمي ڪراچي سنڌ ١٩٩٣ع ”شاھ عبداللطيف“ قاضي آءِ آءِ علامه ص ٢٢ کان ٥٨.

…(پورو ٿيو)….