ادب

ڊائري جا ورق نفيس نهڙي | # جنوري 2022

ڊسمبر ۾ درد دل جي نگري تي ايئن لهندا آهن جهڙوڪ ڇيڳرا ڇوڪرا موڪلون گذارڻ لاءِ ڊگھا پنڌ ڪري ڳوٺ پهچيو وڃن..!!

  • سال ۾ هڪ ڀيرو دل پنهنجي نگري جي در جو تاڪ ٻيڪڙيل رکي ٿي جيئن رلندڙ درد ڊسمبر ۾ يادگيري ساري ساليانو ڀيرو ڀڃي سگهن..!!
  • ڳوٺ جي پڌر جهڙي ڪشادي دل جي آڳر تي ڊسمبر ۾ درد ماتمي لباس ۾ ملبوس ٿي پراڻن پيچرن سان وڇوڙي جي وارتا ونڊڻ لاءِ پنڌ ڪندا آهن..!!
  • سج لهڻ جو درد اهي اکيون ئي سمجهي سگهن ٿيون جن ڊسمبر جا فراقيل سمنڊ جهاڳيا هوندا..!!
  • پن ڇڻ جي موسم جو سنديسو اتر جون ٿڌيون هوائون ئي ڏينديون آهن جيڪي ٽاري کان ڇڻيل سڪل پيلن پتن کي اڏائڻ جي مشغولي سان موسمي سفر جي مرحلي سان ويتر نڀاءُ ڪنديون رهن ٿيون..!!
  • ڊسمبر ۾ ڊگها پنڌ پوپٽن کي به ٿڪائي وجهندا آهن جيڪي گلن جي ڳولا ۾ رڻ جي رولاڪي ڪندي رستا ئي ڀلجي ٿا وڃن..!!
  • اهي پنڇي پريت جا پيرا ڳوليندي پاڻ ئي وڃائي ويهن ٿا جيڪي ڊسمبر ۾ مسافري جا عادي هوندا آهن..!!
  • اوجاڳن جي لام تي ڪي اکيون دريا هوندي به وڇوڙي جي ورلاپ سان ڊسمبر ۾ پانڌ پسائڻ کي گناهه سمجهنديون آهن متان ڪو ميار ڏي..!!
  • سياري جا ڊگها پھر ۽ اڪيلائي ۾ يادن جي ميلي تي سرد راتين جا ٿڌا چنڊ به اندر ۾ مچ مچائي ٿا ڇڏين جيئن ته ”ھوند برابر ڏينھڙا“..!!
  • راڄن جا رکوالا پنهنجي رعيت کي سک بخشڻ خاطر سمهي ناهن سگهندا ۽ پريت جا پانڌيئڙا وري دل جا درد گهٽائڻ لاءِ اکين کي سمهارڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل رهن ٿا..!!
  • مياڻي جي جنگ ۾ ميدان ئي باھ مثل ڪڏهن ڪڏهن سرد موسمون به ٽانڊي جيان محسوس ٿينديون آهن..!!
  • جتي ڊسمبر ۾ گهوٽ موڙ سان مُک سجائين ته ڪٿي وري انيڪ حسرتن ۽ تمنائن جا ڪنوارا جنازا به کڄن ٿا..!!
  • سڄڻن جي سار گهڻي ڀاڱي ڊسمبر ۾ ياد اچڻ هڪ الميو آهي يا الائي دلين جي راڄ جي فطرت، اهڙا سولا سوال به ڪڏهن ڪڏهن منجهايو ڇڏين..!!
  • ٻڌندا آهيون ته مرڪون گلاب ٿينديون آهن ڀلا ايئن آهي ته پوءِ گلشن جي مالهيءَ جي مُک تي اداسي ڇو ڇانيل رهي ٿي..!!
  • ها رابطن جي دنيا ته ڏاڍي رنگين ٿئي ٿي، پر واسطا پنهنجي ڀرم جو پاڻ احساس ڏياريندڙ هڪ اٽوٽ جهان جو خوبصورت حصو آهن..!!
  • زندگي جي جمالياتي رستي کي آباد رکڻ وارا به پاڻ پتوڙي ڪمال جي فن سان جيئندا آهن پوءِ ڏک جي ڏيهه ۾ رلندا هجن يا کڻي سک جي هندوري ۾ لڏندا هجن..!!
  • جيڪي اکيون ڪارونجهر کي پسڻ لاءِ سانوڻي ۾ پهچن ٿيون ڪاش اهي ڊسمبر ۾ پارڪر جا پنڌ ڪن ته شايد سرد هوائن جي چس کي ماڻيندي وري سرد موسم جي ٻيهر انتظاري توڙي بيقراري ڀري حسرتن سان ننڊون ڦٽائي ويهن..!!
  • تارن جو احساس اونداهي ۾ ئي ٿيندو آهي ڀلا روشني جي هيراڪ کي ڪهڙي ڪل ته چيٽي جي چنڊ جو اڀرڻ ڪيترو دل لڀائيندڙ ۽ دلفريب ٿيندو آهي..!!
  • روڊن جا ڊگها سفر گهڙي پل لاءِ ئي ياد رهندا آهن مگر رڻ پٽ جي ٿوري ئي مسافري شايد سموري حياتي دل ۾ يادگار بڻجي رهجيو وڃي..!!
  • مڃون ٿا رقص ته ميلن ۾ ڪبا آهن مگر تنهائي ۾ تند تنوار جي ڀرپور سوچ سان انڊلٺ جهڙي عڪس جي اڻتڻ ڏاڍي رسيلي ٿيندي آهي..!!
  • ورهين پڄاڻان وسريل واٽون ڪڏهن ڪڏهن ماضيءَ جي ياد کي ورجائيندي هيڪر گهڙي پل لاءِ مسڪرائڻ تي مجبور ڪيو ڇڏين..!!
  • باک ڦٽڻ مهل ڪوئل جي ڪوڪ سڀني ٻڌڻ وارن کي ڪٿي ٿي سرور بخشي..!!
  • جواني جا جلوا جرڪڻ جي هڪ مند ٿئي ٿي جنهن ۾ ڪو چاڙهي چڙهيو وڃي يا وري ڏهاڪا چڙهڻ ئي وسريو وڃي..!!
  • خوشيون حاصل ڪرڻ لاءِ دردن سان به ناتا قائم رکڻا پوندا آهن..!!
  • ڪجھ شڪايتون آباد دلين جو سڪون برباد ڪري ڇڏينديون آهن..!!
  • نم جي وڻ ۾ لوڏ ٻڌي لڏندڙ نينگر هر لوڏي سان هڪ نئون خواب اڏيندو رهي ٿو ۽ ساڀيان جي پنڌ تي وري رات سمهڻ مهل سوچي ٿو..!!
  • گوڙ گهمسان ۾ هميشه دادليون دليون ئي مونجهاري جو شڪار ٿينديون آهن..!!
  • حسين محفلن ۾ بيشڪ پير ناهن ٿڪبا، پر نيڻ ٿڪجي پوندا آهن..!!
  • سج چڙهئي مهل ڀٽ جي ڀئون تي نڪتل پوپٽ چنڊ لٿي مهل ٿوهر جي ٿوڪ تي ٿڪ ڀڃيندي سوچي ٿو ته کستوري جي خوشبو لاحاصل ته ٿيڻي ناهي..!!
  • جياپي جي جنگ ۾ هار ۽ جيت کي هڪ ريت ئي سمجهي دنيا جي دڳن سان نڀائڻو پوي ٿو..!!
  • حسين خيال اڏيندڙ لازمي ناهي دولت سان مالا مال هجن، ها پئسي پائي ۾ گهٽ هئڻ جي باوجود به ڊگهي سوچ رکندڙ وجود خيالن جا محل اڏڻ جا ڪاشيگر ٿي جيئڻ جو پورو حق رکن ٿا..!!
  • سرديون ۽ گرميون هر وجود تي برابر جو اثر ڇڏين ٿيون، پر ڪنهن کي حويلي ڪوٽ ڪڙا ته ڪٿي وري لڱن تي ڦاٽل چولن جي ڏڍ ڏيھ ۾ جياري ٿي..!!