ادب

اَنبَ

خزاني آفيس جي سمورن منشي مڙن کي ڄاڻ ھئي ته منشي ڪريم بخش جي رھائي رسائي وڏي صاحب تائين آھي. جنھن جي ڪري، ھڙئي سندس عزت ڪندا ھئا. ھر مھيني پينشن جا ڪاغذ ڀرڻ ۽ پئسا وٺڻ لاءِ جڏھن ھو خزاني آفيس ۾ ايندو ھو ته سندس ڪم، انھيءَ جي ڪري ئي ستت ڪيو ويندو ھو. پنجاھ روپيا کيس پنھنجي ٽيھن سالن جي خدمتن عيوض، ھر مھيني سرڪار طرفان ملندا ھئا. ھر مھيني ڏھين ڏھين جا پنج نوٽ بنهه هلڪا ڏڪندڙ ھٿڙن سان وٺي، پنھنجي پراڻي طرز جي ڊگھي ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ رکندو هو. عينڪ منجھان، خزانچيءَ ڏانھن ٿورائتين نظرن سان ڏسندو ۽ اھو چئي؛ “جيڪڏھن زندگي رھي ته ايندڙ مھيني وري سلام ڀرڻ جي لاءِ حاضر ٿيندس”، وڏي صاحب جي ڪمري ڏانھن ھليو ويندو هو.

اٺن سالن کان سندس اھو وھنوار ھو. خزاني جي لڳ ڀڳ ھر ڪلارڪ کي ڄاڻ ھئي ته منشي ڪريم بخش جيڪو ھيٺين ڪورٽ ۾ ڪڏھن آفيس چوڪيدار ھوندو ھو، ڏاڍو وضعدار، طبيعت جو شريف ۽ کانڌ وارو ماڻھو ھو. منشي ڪريم بخش، سچ پچ به انھن صفتن جو مالڪ ھو. ڪورٽ ۾ پنھنجي ڊگھي نوڪريءَ واري عرصي دوران بالا آفيسرن سدائين سندس تعريف ئي ٻڌي. ڪن ججن کي ته منشي ڪريم بخش سان محبت ٿي وئي ھئي. سندس خلوص جو، ھر شخص قائل ھو.

ھن وقت منشي ڪريم بخش جي عمر پنجھٺ کان ٿوري مٿي ھئي. پوڙھائپ ۾ ماڻھو عام طور تي گھٽ-ڳالھائو ۽ کانڌ وارو ٿي پوندو آھي، پر ھيءُ جوانيءَ ۾ به اھڙي طبيعت جو مالڪ ھو.

خزاني جو وڏو آفيسر منشي ڪريم بخش جي ھڪڙي پشت پناھي ڪندڙ ۽ مھربان جج جو پٽ ھو. جج صاحب جي وفات تي کيس وڏو صدمو پھتو ھو. ھاڻ ھيءُ ھر مھيني سندس پٽ سان سلام ڪرڻ جي بھاني، ضرور ملندو ھو. ان سان کيس وڏو آٿت ملندو ھو. منشي ڪريم بخش کيس ننڍڙو جج صاحب ڪري سڏيندو ھو.

پينشن جا پنجاھ روپيا کيسي ۾ وجھي ورانڊو اُڪرندو ۽ چِکَ لڳل ڪمري وٽ پھچي، پنھنجي اچڻ جو اطلاع ڪرائيندو. ننڍڙو جج صاحب، کيس گھڻي دير ٻاھر نه بيھاريندو. ھڪدم سڏرائيندس ۽ سمورا ڪم ڇڏي ساڻس ڪچھريءَ ۾ کُپي ويندو.

“ويھو! منشي صاحب! ٻڌايو! طبيعت ڪيئن آھي؟”

“الله جا لکين احسان آھن. اوھان جي دعا سان، وقت وڏي مزي سان پيو گذري. منھنجي لاءِ ڪا ڪار خدمت ھجي؟”

“اوھان مون کي ڇو ٿا لڄي ڪيو. منھنجي لائق ڪا ڪار خدمت ھجي ته ٻڌايو. خدمت ڪرڻ ته ماڻھوءَ جو ڪم آھي.”

“اوھان جي وڏي نوازش آھي.”

اھڙي قسم جي رسمي ڳالھ ٻولھ ٿئي کان پوءِ، منشي ڪريم بخش، جج صاحب جي مھربانين جي ڳالھ ڇيڙي ڇڏيندو. ان جي ڀلي ڪردار جي وضاحت وڏي فدائي انداز سان ڪندو ۽ ورجائي ورجائي چوندو؛ “الله سائين بخشيس، مرحوم ڏاڍو فرشتي جي گڻن وارو ماڻھو ھو. خدا، کيس جنت ۾ جايون نصيب ڪندو.”

منشي ڪريم بخش جي لھجي ۾ خوشامد وغيره جي ذري جي به ملاوٽ نه ھوندي ھئي. ھو جيڪو ڪجھ به چوندو ھو، محسوس ڪري پوءِ ئي چوندو ھو. ان بابت جج صاحب جي پٽ کي، جيڪو ھاڻ خزاني جو وڏو آفيسر ھو، ڀليءَ ڀت ڄاڻ ھئي. اھو ئي سبب آھي جو کيس عزت سان، پاڻ وٽ ويھاريندو ھو ۽ چڱي دير تائين، اوڀاريون لھواريون ڳالھيون ڪندو رھندو ھو.

ھر مھيني، ٻين ڳالھين کان علاوه منشي ڪريم بخش جي انبن جي باغ جي ڳالھ به نڪرندي ھئي. مند اچڻ تي جج صاحب جي پٽ جي بنگلي تي انبن جو ھڪڙو ٽوڪرو پڄندو ھو. منشي ڪريم بخش جي دل وٺڻ لاءِ مھيني سر مھيني، ان جي يادگيري به ڏياريندو ھو؛ “منشي صاحب! ڏسجانءِ! ھن مند تي، انبن جو ٽوڪرو موڪلڻ نه وسارجانءِ! پوئين دفعي تو جيڪي انب موڪليا ھئا، تن منجهان ته مون کي رڳو ٻه نصيب ٿيا.”

ڪڏھن اھي ٽي ٿي ويندا ھيا، ڪڏھن چار ۽ ڪڏھن ته صرف ھڪ ئي رھجي ويندو ھو.

منشي ڪريم بخش، اھو ٻڌي ڏاڍو گد گد ٿيندو ھو؛ “سائين منھنجا! ائين ڪڏھن ٿي سگھي ٿو! جيئن ئي انب لھندو، مان ٿڏي تي اوھان جي خدمت ۾ ٽوڪرو کڻي اچي حاضر ٿيندس. ٻه چئو، ٻه پڄائيندس. اھو باغ آھي ڪنھن جو؟! اوھان جو ئي ته آھي!”

ڪڏھن ڪڏھن ننڍڙو جج صاحب، پڇي به وٺندو ھئس؛ “منشي! اوھان جو باغ، آھي ڪاٿي؟”

“دينا نگر ۾ منھنجا سائين! گھڻا نه صرف ٻه آھن. منجھانئن ھڪڙو ته مون ننڍي ڀاءُ کي ڏئي ڇڏيو آھي، جيڪو ھاڻي اھو ئي کڻندو کائيندو آھي.”

مَئي جي پينشن وٺڻ لاءِ منشي ڪريم بخش جون جي ٻين تاريخ تي خزاني ويو. ڏھين ڏھين جا پنج نوٽ جن جو ڪو وزن ئي نه هوندو هو، ڏڪندڙ ھٿن سان ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ رکي ھن ننڍڙي جج صاحب جي ڪمري جو رخ ڪيو. معمول مطابق ٻنھي ۾ ساڳي ئي رسمي ڳالھ ٻولھ ٿي. آخر ۾ انبن جي ڳالھ به نڪتي. جنھن تي منشي ڪريم بخش چيس؛ “دينا نگر مان خط آيو آھي ته اڃا انب ٽپڪو نه کاڌو آ. جيئن انب ٽپڪو کاڌو ۽ انب لٿو ته مان تنھن مھل پھريون ٽوڪرو ڀرائي اچي اوھان جي خدمت ۾ پيش ڪندس. ننڍڙا جج صاحب! ھن ڀيري اھڙا انب جا تحفا ھوندا جو اوھان جي دل ئي خوش ٿي ويندي. ماکيءَ ۽ مَلائيءَ جا ڍُڪ نه ھجن ته مون تي ميار! مون لکي ڇڏيو اٿن ته ننڍڙي جج صاحب جي لاءِ ھڪڙو ٽوڪرو، نجو پجو ڀرائي، خاص گاڏيءَ تي چاڙھي موڪليو وڃي ته جيئن جلدي ۽ احتياط سان پڄي وڃي. اوھان کي ڏھ پندرھن ڏينھن اڃا انتظار ڪرڻو پوندو.”

ننڍڙي جج صاحب شڪريو ادا ڪيس. منشي ڪريم بخش پنھنجي ڇٽي کنئي ۽ خوش خوش گھر موٽي آيو.

گھر ۾ سندس زال ۽ وڏي ڌيءُ ھيون. پرڻي جي ٻئي سال جنھن جو مڙس مري ويو ھو. منشي ڪريم بخش کي ٻيو ڪو اولاد نه ھو. مگر ايتري ننڍڙي آڪھ ھئڻ جي باوجود پنجاھ رپين مان سندس گذارو ڏاڍو تنگيءَ سان ٿيندو ھو. انھيءَ تنگيءَ سبب سندس زال جا سمورا زيور انھن اٺن سالن ۾ ٿورا ٿورا ٿي وڪامي چڪا ھيا.

منشي ڪريم بخش ھٿ ڦاڙ نه ھو. سندس زال ۽ پاڻ ڏاڍا ڪفايت شعار ھئا. مگر انھيءَ ڪفايت شعاريءَ ھوندي به پگھار منجھان ھڪڙو پيسو به وٽن ڪين بچندو ھو. ان جو ڪارڻ صرف اھو ھو ته منشي ڪريم بخش چند ماڻھن جي خدمت ڪرڻ ۾ ڏاڍي دلي خوشي محسوس ڪندو ھو. انھن چند خاص الخاص ماڻھن جي خدمت ڪرڻ ۾ جن سان سندس دل جو صِدق ھو.

انھن خاص ماڻھن منجھان ھڪڙو ته جج صاحب جو پٽ ھو. ٻيو ھڪڙو اڃا ٻيو آفيسر ھو، جيڪو رٽائر ڪري پنھنجي حياتيءَ جو باقي حصو ھڪڙي وڏي بنگلي ۾ گذاري رھيو ھو. ساڻس منشي ڪريم بخش جي ملاقات ڏھاڙي صبح مردان جو ڪمپني باغ منجھ ٿيندي ھئي.

باغ جو سير ڪندي منشي ڪريم بخش کانئس ڏھاڙي، پوئين ڏينھن جون خبرون چارون وٺندو ھيو. ڪڏھن ڪڏھن ته ھيءُ، گذريل ڏھاڙن جي تار ڇيڙيندو ھيو ته ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ صاحب وري پنھنجي بھادريءَ جا قصا ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيندو ھو ته ڪيئن ھن لائل پور جي ٻيلن ۾ ھڪڙي خوني قاتل کي پستول يا خنجر ڏيکارڻ بنا گرفتار ڪيو ھو ۽ ڪيئن سندس رعب جي ڪري ھڪڙو ڌاڙيل سڄو مال ڇڏي وٺي ڀڳو ھو.

ڪڏھن ڪڏھن منشي ڪريم بخش جي انبن جي باغن جي ڳالھ به نڪرندي ھئي؛ “منشي صاحب! اھو ته ٻڌاءِ ھيل فصل ڪيئن رھندو؟” وري ھلندي ھلندي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ صاحب اھو به چوندس؛ “پَروڪي سال، تو جيڪي انب موڪلرايا ھيا، ڏاڍا ڀلا ھئا، ڏاڍا ذائقي دار ھئا!”

“انشآءَالله خدا جي حڪم سان، ھيل به اھڙا ئي انب پڄائيندس. ھڪ ئي ٿڙ جا ھوندا. اھڙا ئي لذيذ بلڪه پوين کان به اور ھوندا.”

ان ھمراھ کي به منشي ڪريم بخش ھر سال ھڪڙو ٽوڪرو موڪليندو ھو. بنگلي تي ٽوڪرو نوڪرن جي حوالي ڪري جڏھن ھيءُ ڊپٽي صاحب سان ملندو هو ۽ سندس ٿورا مڃندو هو ته منشي ڪريم بخش وڏي نھٺائيءَ کان ڪم وٺندي چوندو؛ “ڊپٽي صاحب! اوھان مون کي ڇو ٿا لڄي ڪيو. پنھنجا باغ آھن. اگر ھڪڙو ٽوڪرو ھتي کڻي آيس ته ڇا ٿي پيو. بازار منجھان اوھان ھڪ ته ڇا ڪيئي ٽوڪرا گھرائي سگھو ٿا. ھيءُ انب جيئن ته پنھنجي باغ جا آھن ۽ باغ ۾ ھڪڙو ئي ٿڙ آھي جنھن جا سمورا پِتا ڳر، خوشبو ۽ مٺاس ۾ ھڪجھڙا آھن، تنھنڪري ھيءُ ٿورڙا سوکڙيءَ طور کڻي آيس.”

انب پڄائي جڏھن ھو بنگلي مان ٻاھر نڪرندو هو ته سندس چھري تي سرھائي ھوندي ھئي. ھڪ عجيب قسم جي روحاني تسڪين کيس محسوس ٿيندي ھئي، جيڪا ڪيترن ئي ڏھاڙن تائين کيس سرور ۾ رکندي ھئي.

منشي ڪريم بخش ھڪ اڀرو ماڻھو ھو. ڪراڙپ سندس جسم کي ڍرو ڪري ڇڏيو ھو. مگر اھا ڍلڙائپ بدصورت نه لڳندي ھئي. سندس سنھڙن سنھڙن ھٿن جون ڦنڊيل رڳون مٿي جي ھلڪڙي لوڏ ۽ چھري ۾ پيل گھاٽا سَرَ، سندس پختگيءَ ۽ سنجيدگيءَ ۾ واڌارو ڪندا ھئا. ائين لڳندو ھو ته ڪراڙپ کيس نکاري ڇڏيو آھي. ڪپڙا به ھو صاف سٿرا پائيندو ھو، جن سان اھو نکار اڃا اڀري پوندو ھو.

سندس چھري جو رنگ اڇاڻ مائل پيلو ھو. سنھا سنھا چپ جيڪي ڏندن ڀڄي پوڻ پڄاڻان، اندر جي طرف وريل رھندا ھئا، سي ھلڪا لال ھئا. رت جي ان گھٽتائيءَ جي ڪري سندس چھري تي اھڙي صفائي پيدا ٿي وئي ھئي جيڪا چڱيءَ طرح منھن ڌوئڻ کان پوءِ ٿوري جھٽ تائين قائم رھندي ھئي.

هو ڪمزور ضرور ھو، پنجھٺ سالن جي عمر ۾ ڪير ڪمزور نه ٿي ويندو آھي، مگر انھيءَ ڪمزوريءَ جي باوجود منجھس ڪيترا ئي ميل پنڌ ھلڻ جي ھمت ھئي. خاص طور تي جڏھن انبن جي مند ٿيندي ھئي ته ھو ڊپٽي صاحب ۽ ننڍڙي جج صاحب کي انبن جا ٽوڪرا موڪلڻ جي لاءِ ايڏي ڊڪ ڊوڙ ڪندو ھو جو ويھن پنجويھن سالن جو نوجوان ئي ڪري سگھي. وڏي اھتمام سان ٽوڪرا کولبا ھئا. منجھن پيل پال جو گاھ ڌار ڪبو ھو. داڳيل يا سڙيل داڻا ڌار ڪبا ھئا ۽ صاف سٿرا انب نون ٽوڪرن ۾ ڳڻي وجھبا ھئا. منشي ڪريم بخش ھڪ دفعو ٻيھر اطمينان ڪرڻ خاطر انھن کي ڳڻيندو ھيو ته جيئن بعد ۾ شرمندگي نه ٿئي.

انبن ڪڍڻ وقت ۽ ٽوڪرن ۾ ٻيھر سٿڻ وقت منشي ڪريم بخش جي ڌيءَ ۽ سندس زال جو وات پاڻي پاڻي ٿي ويندو ھو. مگر اھي ماٺ ئي رھنديون ھيون. وڏن وڏن ڳر ۽ رس سان ڀريل خوبصورت انبن جو ڍير ڏسي جڏھن منجھانئن ڪا اھو چوڻ کان رھي نه سگھندي ھئي؛ “ڇا ٿي پوي ھا جي اگر ھن ٽوڪري منجھان ٻه انب ڪڍي وٺجن ھا.” ته منشي ڪريم بخش وٽان اھو جواب ملندو ھين؛ “ٻيا اچي ويندا! ايڏي ڦٿڪي جي ڪھڙي ضرورت آھي.”

اھو ٻڌي، ھو ٻئي ماٺ ٿي وينديون ھيون ۽ پنھنجو ڪم ڪنديون رھنديون ھيون.

جڏھن منشي ڪريم بخش جي گھر منجھ انبن جا ٽوڪرا ايندا ھئا ته گھٽيءَ جي مڙني ماڻھن کي سڻس پئجي ويندي ھئي. عبدالله نڙ-گوءِ واري جو پٽ جيڪو ڪبوترن پالڻ جو شوقين ھو، ٻئي ڏينھن اچي پڄندو ھو ۽ منشي ڪريم بخش جي زال کي چوندو ھو؛ “ماسي! گاھ وٺڻ لاءِ آيو آھيان. ڪالھ، ماسڙ انبن جا ٻه ٽوڪرا آندا ھئا، تن منجهان جيڪو گاھ نڪتو آھي، سو مون کي ڏيو.” پاڙيسرڻ نوران جنھن وٽ ڪيتريون ئي ڪڪڙيون پاليل هيون، سا به ان ڏھاڙي تي شام جو ملڻ لاءِ ھلي ايندي ھئي ۽ اوڀارين لھوارين ڳالھين ڪرڻ کان پوءِ چوندي ھئي؛ “پروڪي سال، جيڪو تو مون کي کارو ڏنو ھو، سو ڇيتيون ڇيتيون ٿي ويو آھي. ھيل به ھڪڙو کارو ڏي ته تنھنجا وڏا وڙ ٿيندا.”

ٻئي کارا ۽ انھن جو گاھ ته ائين ھليو ويندو ھو.

ساڳيءَ طرح ھيل به انبن جا ٻه ٽوڪرا ڀرجي آيا. ڳريل سڙيل داڻا ڌار ڪيا ويا. جيڪي سٺا ھئا، تن کي منشي ڪريم بخش پنھنجي نگرانيءَ ۾ ڳڻائي نون کارن ۾ رکرايو. ٻارھين بجي کان اڳ اھو ڪم پورو ٿي ويو. جنھن ڪري ٻئي ٽوڪرا وھنجڻ واري ڪوٺيءَ ۾ ٿڌڙي جاءِ تي رکيا ويا ته جيئن انب خراب نه ٿي وڃن. ھيڏانھن اطمينان ڪري ڏپھرو ڪرڻ بعد منشي ڪريم بخش ڪمري ۾ کٽ تي وڃي سمھي پيو.

جون جا پويان ڏھاڙا ھئا. ايڏي ته گرمي ھئي جو ڀتيون تئي وانگر تتل ھيون. ھو گرمين منجھ عام طور تي وھنجڻ جي ڪوٺيءَ اندر ٿڌي فرش تي تڏي وڇائي سمھندو ھو. جتي موريءَ جي رستي کان ٿڌي ٿڌي ھوا پڻ ايندي ھئي. ليڪن ھاڻ اتي ٻه وڏا وڏا ٽوڪرا پيا ھئا. کيس گرم ڪوٺيءَ ۾ جيڪا بلڪل تندور وانگر تتل ھئي، ڇھين بجين تائين وقت ٽپائڻو ھو.

ھر سال گرمين جي موسم ۾ جڏھن انبن جا ھيءُ ٽوڪرا اچن ته کيس ھڪڙو ڏھاڙو باھ جي بستري تي گذارڻو پوندو ھو. مگر ھو، ان تڪليف کي مرڪي منھن ڏيندو ھو. لڳ ڀڳ پنجن ڪلاڪن تائين ننڍڙو وڃڻو، ھر ھر پاڻيءَ ۾ پُسائي ھڻندو رھندو ھو. وڏي ڪوشش ڪندو ته ننڊ اچي، مگر ھڪ پل لاءِ به کيس آرام نصيب نه ٿيندو. جون جي گرمي ۽ ضدي قسم جون مکيون ڪنھن کي ٿيون سمھڻ ڏين.

انبن جا ٽوڪرا وھنجڻ جي ڪوٺيءَ ۾ رکرائي، جڏھن ھو گرم ڪمري ۾ ستو ته وڃڻو ھڻندي ھڻندي ھڪدم سندس مٿو چڪرائجڻ لڳو. اکين آڏو آنڌاريون اچي ويس. پوءِ کيس ائين محسوس ٿيو ته ساھ اڦرجي رھيو آھي ۽ پاڻ سڄي جو سڄو کاھين ۾ ھيٺ لھندو ٿو وڃي.

انھي قسم جا دورا کيس ڪيترا گھمرا پئجي چڪا ھئا. جنھنڪري سندس دل ڪمزور ھئي. مگر اھڙو زبرو دورو اڳي ڪڏھن نه پيو ھيس. ساھ کڻڻ ۾ کيس ڏاڍي ڏکيائي محسوس ٿيڻ لڳي. مٿو زور سان چڪرائڻ لڳس. گھٻرائجي، ھن واڪا ڪيا ۽ پنھنجي زال کي سڏ ڪيائين.

اھي سڏ ٻڌي سندس زال ۽ ڌيءَ، ٻئي ڊوڙنديون اندر آيون. ٻنھي کي ڄاڻ ھئي ته ان قسم جا دورا کيس ڇو پوندا آھن. ڌيڻس تڙي کڙي عبدالله نڙ-گوءِ واري جي پٽ کي سڏايو ۽ کيس چيائين ته ڊاڪٽر کي وٺي آءُ ته اھو طاقت جي سئي اچي ھڻيس. ليڪن چند منٽن ۾ ئي منشي ڪريم بخش جي حالت تمام گھڻي بگڙجي وئي. سندس دل بيھڻ لڳي. لوڇ ايتري قدر وڌي ويس جو کٽ تي مڇيءَ وانگر تڙپڻ لڳو. سندس زال ۽ ڌيءَ اھو لقاءُ ڏسي ريھاڙ شروع ڪيو. جنھن جي ڪري وٽس ڪيترا ئي ماڻھو اچي ڪٺا ٿيا.

وڏي ڪوشش ڪئي وئي ھن جي حالت ٺيڪ ٿي وڃي، ليڪن ڪاميابي نصيب نه ٿي.

ڊاڪٽر کي سڏائڻ لاءِ ٽي چار ماڻھو ڊوڙايا ويا، ليڪن ان کان اڳي جو منجھانئن ڪو ھڪڙو به واپس موٽي اچي، منشي ڪريم بخش حياتيءَ جا پويان پساھ کڻڻ لڳو. وڏي مشڪل سان پاسو ورائي ھن عبدالله نڙ-گوءِ واري کي جيڪو سندس ويجھو ئي ويٺو ھو، پاڻ ڏانھن متوجهه ڪيو ۽ گھوگھريل آواز ۾ چيائين؛ “اوھان سڀ ماڻھو ٻاھر ھليا وڃو! مان پنھنجي زال کي ڪجھ چوڻ چاھيان ٿو.”

سڀئي ماڻھو ٻاھر ھليا ويا. سندس زال ۽ ڌيءُ ٻئي اندر آيون. روئي روئي بيحال ٿي ويون ھيون. منشي ڪريم بخش، اشاري سان پنھنجي زال کي سڏيو ۽ چيائينس؛ “ٻئي ٽوڪرا، اڄ شام جو ئي ڊپٽي صاحب ۽ ننڍڙي جج صاحب جي بنگلن تي ضرور پڄڻ گھرجن. پِئي پِئي خراب ٿي ويندا.”

ھيڏي ھوڏي ڏسي سرٻاٽ ۾ چيائينِ؛ “ڏسو! اوھان کي منھنجو قسم! منھنجي مرڻ کان پوءِ ڪنھن کي انبن جو راز معلوم نه ٿئي. ڪنھن کي اھو نه ٻڌائجو ته اسان اھي انب بازار مان خريد ڪري ماڻھن تائين پڄائيندا ھياسين. ڪير پڇي به ته اھو چئجوس ته دينا نگر ۾ اسان جا باغ آھن. بس. ٻيو ٻڌو! جڏھن مان مري وڃان ته ننڍڙي جج صاحب ۽ ڊپٽي صاحب کي ڄاڻُ ضرور ڪجو.”

چند لمحن پڄاڻان، منشي ڪريم بخش جا پساھ پورا ٿي ويا. سندس موت بابت ڊپٽي صاحب ۽ ننڍڙي جج صاحب کي ماڻھن ڄاڻ ڪيو. مگر ٻئي، ڪن اڻٽر مجبورين سبب، سندس جنازي ۾ شامل ٿي نه سگھيا.

***