ڊائري جا ورق
18 ڊسمبر 1992
اڪثر رات جو نور محمد ساڻ ڪچهريون ٿينديون آهن، نور محمد جي ڪچهري جو مزو پنهنجو آهي، هڪ ته هن جو تمام وسيع مطالعو ۽ مشاهدو آهي. مشاهدو به اڌ صدي جو. اُن کانسواءِ سنڌ جي تقريبن تمام عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن سان هن جي ميل ملاقات ۽ دوستانه تعلقات پڻ آهن، خاص طور تي سنڌ جي چوٽي جي قومي شاعر محترم شيخ اياز، محترم ابراهيم جويو، محترم ممتاز مرزا، ع ق شيخ، طارق اشرف، وليرام ولڀ، غلام نبي مغل سان ويجهو تعلق آهي.
اسان ته علم، ادب سکيو ئي نور محمد کان. هاڻ نور محمد جي عمر به 55 کان مٿي آهي، ان ڪري دماغ به هاڻ ياداشت جي سلسلي ۾ ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهيس، ويسر واري بيماري ٿي اٿس، هر ڳالهه، هر شئي، هر سامان جيترو ان کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اوترو يقيني طور اها وڃائي ايندو آهي. خاص طور تي سندس چشما ۽ رومال ته ٻه ٽي ڏينهن به ڪونه ٿا جهلين، پاڻ ڏاڍو پريشان آهي، ان مرض کان، پر مجبور آهي. بهرحال مجموعي طرح سان نور محمد ڏاڍو سٺو، نيڪ ۽ بهترين انسان آهي.
***
22 ڊسمبر 1992
کجين، نمن، انبن ۽ وڏن بڙن جي وڻن سان ڍڪيل تلهار شهر جي اتر واري ڪنڊ سڄي ساوڪن سان ڍڪي پئي آهي. صبح و شام قسم قسم جي پکين جي ٻولين ۽ سريلين لاتين سان عجيب دلفريب موسيقي فضائن ۾ ٻُرندي رهندي آهي.
اڄ به سرد شام جي لهندڙ سج جي ڪرڻن ۾ هي علائقو جرڪي رهيو هو. انهن وڻن ۽ ساوڪن جي وچ ۾ هڪ ڪکائين جڳهه جنهن ۾ شام ٿيندي ئي شهر جا عام مزدور يا شهري دڪاندار يا واپاري نوجوان گڏ ٿيڻ شروع ٿيندا آهن، وچ تي مچ ٻرندو آهي ۽ پوءِ سُلفين جا دور هلڻ شروع ٿيندا آهن، ٿاڌل جا گرڙاٽ گونجندا آهن، ڪچهري جيئن پوءِ تيئن زور ٿيندي ويندي آهي، ريڊيو به چالو هوندو آهي ڪوبه سٺو شاهه جو ڪلام وغيره هوندو آهي يا ڪو قول ۽ ڪهاڻي وغيره ٻڌندا آهن ته پوءِ واهه واهه ڪري سارهائيندا آهن. اٽڪل ڏهه ويهه نوجوان آس پاس جا اچي گڏ ٿيندا آهن، جن ۾ پڙهيل، اڻ پڙهيل، مزدور، هاري، واپاري دڪاندار وغيره هوندا آهن، سڀ سمجهو باشعور ۽ ملڪي حالتن کان پوري ريت آگاهه هوندا آهن، انهن جو سردار آهي هڪ ڇوڪرو اظهر خواجه. جيڪو سٺو باشعور پڙهيل ڇوڪرو آهي. مان ان ڪچهري ۾ شريڪ ٿيس ته سڀ ڏاڍو پيار ۽ حب سان مليا ڏاڍي سٺي ڪچهري ۽ رهاڻ ٿي.
***
26 ڊسمبر 1992
دنيا جون هن وقت جون حالتون ڌرتيءَ تي آباد قومن ۽ ملڪن ۾ تيز تر تبديليون، سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ جنگ ۽ هٿيار جي راند ختم ٿي. هاڻ سڄي دنيا ۾ امن، برابري، انصاف ۽ پيار تي مشتمل سماج قائم ڪرڻ تي سڄي دنيا جا ماڻهو متفق آهن. قومي عوامي جمهوري انقلاب، في الوقت ڪامياب ۽ قابل قبول آهي. هر جاءِ تان آمريت، ڏاڍ ۽ جبر ختم ٿيندو پيو وڃي، علم انسانن کي نيڪي ۽ ڀلائي ڏانهن وٺي پيو وڃي.
دنيا هاڻ ڀلائي ۽ بهتري ڏانهن پئي وڌي. لڳي ائين ٿو ته نئين صدي انسان جي ارادي ۽ نجات جي صدي ٿيندي.
***
29 ڊسمبر 1992
سال پورو پيو ٿئي، ڇا ورتو ڇا ڏنو.
بظاهر ته عام گذرندڙ سالن جيان هي سال به گذريو، پر هن سال جي جذبات کي ڏسجي ته، هن گذريل سال ۾ مجموعي انساني ڀلائي واري سوچ ڪافي اڳتي وڌي آهي، ۽ مونکي ته ذاتي طور تي سڄي دنيا جي مجموعي سوچ ۽ عمل ڏاڍو پراُميد، سچائي ۽ انساني ڀلائي طرف تيز قدم طور محسوس ٿيو آهي، سرد جنگ جو خاتمو، روس جو ٽُٽڻ، قومي عوامي جمهوري انقلاب جو ڪامياب ٿيڻ، انساني حقن جي حاصلات ۽ ان جي سارسنڀال، انساني حقن جي خلاف ورزين تي سڄي دنيا جي عوام جو گڏيل ۽ فوري ردعمل، ان جو اثر ۽ احترام. اهي سڀ حقيقتون، مجموعي انساني نجات آزادي ۽ انصاف طرف گامزن آهن ۽ ان جو اثر آئون پنهنجي بدنصيب ملڪ سنڌ ۾ به پيو محسوس ڪريان، جو اسانجو نظام ٽنڊو بهاول جو واقعو يا ٻيا اهڙا واقعا لڪائي نه سگهيو آهي. هاڻ ميڊيا، اليڪٽرڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا سڄي دنيا کي هڪ گهر بنائي ڇڏيو آهي. هاڻ ظلم، جبر، آمريت ۽ ڏوهه کي لڪائڻ ناممڪن ٿيندو پيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو هاڻ سچائي قائم ٿيندي پئي وڃي، قومي عوامي جمهوريت دنيا تي ڪامياب نظام طور قبول ڪئي پئي وڃي.
مطلب ته اسانجي دنيا ۾ آباد سڀني ملڪن، قومن ۽ عوام، آزادي، انصاف ۽ امن جو رستو ڳولهي ڪڍيو آهي. ان مان اُميد آهي ته اسانجي ملڪ ۾ به هاڻ قومي عوامي جمهوريت ڪامياب ٿيندي. اسان جو مستقبل روشن آهي. آزادي انسانن جو مقدر آهي.
***
8 جنوري 1993
زندگيءَ تي اعتبار ڪونهي، آرزو آهي ته اڃا جيئان. ڌرتي جون ۽ ڌرتي ڌڻين جون خوشيون ۽ آزادي ڏسان، اهڙي ريت پنهنجن ٻارن ۽ مٽن مائٽن جون خوشيون ڏسان. اڃا هن ڌرتيءَ جي حُسن ۽ فطرت جي رنگن سان ڀريل رنگين ڪائنات کي ڏسان، پروڙيان. پيئان نه ڊاپان.