ڊائري جا ورق
هيل ڄانڀي ڦول ڦلاريا آهن ۽ سرنهن جي پيلاڻ ۾ اها وائي لڳي پئي ته تون خوش آهين.
***
سياري جا پڇاڙڪا ڏينهن ۽ ماضيءَ جا نينهن پاڻ ۾ هم ڪلام هڪ ڀيرو ٻيهر گڏجي ۽ پکڙي ويا.
***
سرد هوائن جا چوٻول وڇوڙي سان لاڳاپيل ڪو نڪور نثر لکڻ لاءِ دل کي همٿائي رهيا آهن.
***
خواب اکڙين جا هيل سال به آبگيني ۾ اٽڪيل اڌورا رهجي ويا.
***
ڪڏھن ڪڏھن ننڍي منزل لاءِ ڪيل پنڌ به ڊگھا ٿي پوندا آهن.
***
بنا اظهاريل محبتون ۽ هڪ طرفي پريت جا رنگ به دنگ جا ٿيندا آهن، جنهن ۾ کلڻ جا کيٽا ۽ روئڻ جي راحت ٻئي تنهائي ۾ مرڪندي اچي ملهائيندا آهن.
***
خوشيون زندگيءَ لاءِ آسائتيون ته هونديون آهن، مگر غميون به ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ ۾ اڳتي رهن ٿيون.
***
ها جياپو سارو يادن جي سهاري به گذري سگهي ٿو.
***
مرڪ غمن جو به ڪڏهن ڪڏهن حصو بڻجي وڃي ٿي.
***
سوچون سدا بهار بڻجي دل تي آبادي جو راڄ ڪنديون رهن ٿيون، پوءِ خوشين سان سلهاڙيل هجن يا وري غمن جي ڳوٺ ۾ وسنديون هجن.
***
جندڙي سان نڀائڻ وارا خاص ڪري صبر جي پلئه سان گهڻو پيار ڪندڙ ئي هوندا آهن.
***
وڇڙڻ ۽ ملڻ حياتي جا ڀاڱي وار پھلو آهن، مگر اوچتي ملاقات جا احساس سڀ رنگ سانول تو سان جاڳڻ ڳائڻ جهڙا ٿيندا آهن.
***
منهنجو ۽ تنهنجو ٻه اهڙا الفاظ آهن، جنهن ۾ جيتري ويجهڙائي آهي ته انهي جي ٻيڻ جي وٿي به وسي ٿي.

