ادب

آئينو (ڪهاڻي)

مَن اندر جي ڪامڻي، جڏهن ڇال ڏيئي اُٿي ٿي ته هوءَ پريشان ٿي هيڏي هوڏي ڏسي ٿي ۽ پوءِ چوڪس ٿي آئيني آڏو بيهي پنهنجو عڪس تڪي ٿي. ”ڪيڏي نه خوبصورت آهيان“ آئينو جواب ڏيڻ بدران سندس حُسن کي تڪيندو رهي ٿو. ڪجل جي ڪاني سُندر نيڻن ۾ ڦيرائي ٿي ۽ اکيون اڳي کان به وڌيڪ سندر ٿيو پونس، چپڙن تي سرخي لڳائي ٿي ته چپ ڄڻ دُکيل ڪوئلن وانگر چمڪيو پونس. اڇو اجرو کير جهڙو رنگ، مٿان ڪارا وار چيلهه کان به هيٺ، هٿن ۾ موتيي جا گل ۽ مٿي تي ڳاڙهي چُني پائي هڪ دفعو ٻيهر آئيني کان پڇي ٿي ”مان ڪيتري سُندر آهيان؟“ آئينو خاموشي سان کيس ڏسندو رهي ٿو. پنهنجي جسم جي خد و خال کي ڏسي ٿي ۽ پوءِ گول گول ڦري اُهي موتيي جا گل پنهنجي مٿان اُڇلائي ٿي ۽ ٽهڪ ڏيئي کلي ٿي. سندس ٽهڪ وڌندا ٿا وڃن ۽ هوءَ گول ڦري ڦري ڪري ٿي.

سندس ڪمري جو دروازو کڙڪي ٿو ۽ مختلف آواز اچن ٿا. دروازو کول، هل جلدي ڪر، ٽائيم ٿي ويو آهي، در کول آشا، هوءَ در نه ٿي کولي دريءَ مان ٽپي سندس ڪمري جو در کولي کيس هوش ۾ آڻين ٿا ۽ کيس وٺي ٿا وڃن، هوءَ آئيني ڏانهن ڏسي ٿي ۽ سُڏڪي ٿي پوي.

چِتا تي سندس 70 سالن جي مڙس جو لاش پيل آهي ۽ کيس اُن سان گڏ سَتي ٿيڻ لاءِ وٺي پيا وڃن ۽ آئينو خاموش آهي!

***