بلاگنئون

مردن ۾ هارمونل تبديليون: فطرت ۽ سماج جو سنگم‎

زندگيءَ ۾ هارمونز جو ڪردار هڪ ناديدہ طاقت وانگر آهي جيڪا وجود جي پوشيده توازن کي برقرار رکي ٿي. هي اهي پيغام رسائڻ وارا آهن، جيڪي جسم جي هر ذري کي هڪ ئي تال ۾ نچائين ٿا جتي جذبات، سوچ، توانائي ۽ وجود جي هر شعبي جو انحصار انهن تي آهي. هارمونز جسماني ڪيميا جا اھم حصا آهن، جيڪي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ هر صفحي تي پنهنجو نقش ڇڏي وڃن ٿا. اهي وقت جي سائنسدانن جيان آهن جيڪي ڄمڻ کان مرڻ تائين وجود جا قانون طئي ڪن ٿا. اگر انهن ۾ بي ترتيبي ٿئي ته زندگيءَ جو توازن ٽُٽي پوي ٿو ۽ هڪ وجود جا سڀ نظام بي قابو ٿي وڃن ٿا.

انساني وجود فطرت جي هڪ اهڙي عظيم تخليق آهي جنهن جي هر پهلوءَ ۾ تبديليءَ جو راز لڪيل آهي. جسماني نظام هجي، ذهني صلاحيتون يا جذباتي وابستگيون، سڀ ڪجھ فطرت جي هڪ ترتيب ۽ توازن سان هلندڙ آهن، پر هن وجود جي حيرت انگيز ڪهاڻيءَ ۾ سڀ کان اهم ڳالھ اها آهي ته انساني جسم جي اندر جيڪي تبديليون ٿين ٿيون اهي نه رڳو حياتياتي آهن، پر انهن جو گهاٽو رشتو نفسيات، جذبات ۽ سماج سان پڻ آهي.

مردن ۾ ٿيندڙ هارمونل تبديليون ۽ ان سان جڙيل اصطلاح’Irritable Man Syndrome‘ هڪ اهڙو موضوع آهي جيڪو فقط طبي سائنس نه پر انساني ۽ سماجي سمجھ سان ڳنڍيل آهي. مردن جي جسم ۾ ٽيسٽسٽرون، جيڪو انهن جي جنسي خواهش، جذباتي توازن ۽ جسماني توانائيءَ جو بنيادي سرچشمو آهي، وقت بوقت تبديل ٿيندو آهي. سائنس اهو ثابت ڪري ٿي ته مردن ۾ به هارمونل چڪر موجود آهي، پر اهو عورتن جي حيض واري چڪر جيان باقاعدگي سان نظر نٿو اچي.

پر سوال اهو آهي ته هارمونل تبديليون انسان جي وجود کي ڪيئن متاثر ڪن ٿيون؟ ڇا اها رڳو جسماني صحت جو مسئلو آهي يا انساني نفسيات ۽ سماج لاءِ ڪو وڏو سبق؟

 ڏسجي ته تبديلي انساني وجود جو بنيادي اصول آهي. جيئن ڏينهن رات جو هڪ تسلسل سان اچڻ فطرت جي توازن کي ظاهر ڪري ٿو، تيئن مردن جي جسم ۾ ٿيندڙ هارمونل تبديليون به انهن جي زندگيءَ جي تال جو حصو آهن. ٽيسٽسٽرون جو صبح جو بلند ٿيڻ ۽ شام تائين گهٽجڻ اهو ڏيکاري ٿو ته مردن جو جسم به فطرت جي تال سان هم آهنگ آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا مرد ان تبديليءَ کي سمجهي پنهنجي زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو؟

ڊاڪٽر يمن ال ٽل جو چوڻ آهي ته مرد پنهنجي هارمونل تبديلين کي سمجهي، ان مان فائدو وٺي سگهن ٿا. مثال طور: صبح جو ٽيسٽسٽرون جي بلند سطح تي مرد پنهنجي ذهني ۽ جسماني توانائيءَ کي وڌائي سگهن ٿا، پر ڇا اسان جو سماج مردن کي اهڙي خود شناسي ۽ پنهنجي جسم جي اندر هلندڙ تبديلين کي سمجهڻ لاءِ تيار ڪري ٿو؟

سماج جي هڪ وڏي مسئلي جو تعلق ان ڳالھ سان آهي ته مردن کي جذباتي طور مضبوط، بي پرواھ ۽ هر حال ۾ “ساڳيو” رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو آهي ’Irritable Man Syndrome‘ جي حوالي سان ٿيندڙ تحقيق اهو ظاهر ڪري ٿي ته هارمونل تبديليون رڳو جسماني نه، پر مردن جي نفسيات، مزاج ۽ سماجي لاڳاپن تي وڏو اثر وجهن ٿيون.

مثال طور: ٽيسٽسٽرون جي گهٽتائيءَ دوران مردن ۾ ٿڪاوٽ، ڊپريشن ۽ جنسي خواهشن ۾ گهٽتائي جا آثار نظر اچن ٿا، پر سماج هنن تبديلين کي سنجيدگيءَ سان نٿو وٺي، جنهن سبب مرد پنهنجي اندر جي جنگ وڙهڻ لاءِ اڪيلو رهجي وڃي ٿو. اهو انساني وجود جي ان اڻپوري تفصيل کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ جذبات ۽ نفسيات کي جسماني وجود کان ڌار سمجهيو وڃي ٿو.

فطرت ۾ هر تبديلي هڪ مقصد لاءِ ٿيندي آهي ۽ انساني جسم ان توازن جو بهترين مثال آهي. مردن ۾ ٿيندڙ هارمونل تبديليون سندن جسم جي اندر هلندڙ هڪ مسلسل ڳولا کي ظاهر ڪن ٿيون. جيڪڏهن اهي تبديلين کي سمجهي، پنهنجي زندگيءَ ۾ شامل ڪن ته مرد پنهنجي جذبات، صحت ۽ رشتن ۾ بهتري آڻي سگهن ٿا. ڊاڪٽر يمن جو اهو خيال ته ٽيسٽسٽرون جي تبديلين کي ’بائيو هيڪنگ‘ ذريعي جنسي ۽ جذباتي زندگي بهتر بڻائي سگهجي ٿي، ان ڳالھ جي تصديق ڪري ٿو ته خود ڄاڻ ئي زندگيءَ کي شعور ۽ مقصد ڏئي سگهي ٿي.

Irritable Man Syndrome تي ٿيندڙ تڪرار صرف طب جو مسئلو نه آهي، پر اهو انساني نفسيات ۽ سماجي اصولن تي نئين بحث جو آغاز آهي. ڇا مردن ۾ مزاج جي تبديليءَ کي صرف نفسياتي مسئلو سمجهڻ صحيح آهي؟ ڇا ان کي نظر انداز ڪرڻ مرد جي وجود جي اهميت کان انڪار ناهي؟

مردن ۾ هارمونل تبديليون فطرت جي ان پيغام جو حصو آهن ته زندگي مسلسل تبديليءَ جي وهڪري ۾ آهي. زندگيءَ جو مقصد ان وهڪري کي سمجهڻ ۽ ان سان هم آهنگ ٿيڻ آهي. جڏهن هڪ مرد پنهنجي جسماني ۽ جذباتي تبديليءَ کي قبول ڪري ٿو ته اها قبوليت هن کي پاڻ سان گڏ سماج جي بهتريءَ لاءِ تيار ڪري ٿي.

Irritable Man Syndromeانساني زندگيءَ جي ان نازڪ تعلق کي ظاهر ڪري ٿو جتي جسم، جذبات ۽ فطرت هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. مردن ۾ ٿيندڙ هارمونل تبديليون رڳو جسماني نه پر انهن جي وجود جي مڪمل تصوير آهن، جنهن کي سمجهڻ ۽ قبول ڪرڻ سماج لاءِ ضروري آهي. ان سان زندگيءَ جي عظمت ان ۾ آهي ته اسين پنهنجن اندر جي تبديلين کي سمجهون ۽ انهن کي پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ استعمال ڪريون. جيئن فطرت هر بدلجندڙ موسم سان پاڻ کي نئون ڪري ٿي، تيئن مردن کي به پنهنجي تبديليءَ کي قبول ڪري، پنهنجي زندگيءَ ۾ نئون توازن پيدا ڪرڻ سکڻ گهرجي.

هارمونز زندگيءَ جي ڪائنات جا اهڙا گم ٿيل ستارا آهن جيڪي پنهنجي نور سان هر گوشي کي روشن ڪن ٿا. انهن بغير زندگي اڌوري آهي، جيئن ساز بغير سُر.