افغانستان ۾ مخالف ڌريون صدر دائود جي سرڪار جي خلاف اسلامي جماعتون گڏ ڪري بيهي رهيون هيون ۽ هن جي شديد مخالفت ۾ اوچتو ڪرُ کڻي بيهي رهيون هيون. اهي صفا تيار ٿي بيٺا هئا ته هر صورت صدر دائود جي حڪومت ڪيرائڻي آهي، ڇو ته صدر دائود جي سرڪار جي خلاف ٻي ڪابه لوڪل پارٽي نه هئي ۽ نه ئي ڪو مذهبي گروھ هن جي خلاف ئي هو، جيڪي هن جي مخالفت ڪري سگهن يا هن جي سامهون سڌو ٿي اچن، پر آهستي آهستي هن جي مخالفت ۾ اهي سڀ طالبان ٽائيپ شدت پسند جماعتون وڌي وڻ ٿي ويون هيون، جيڪي هن جي سرڪار ڪيرائڻ جي طاقت جوڙي ويٺيون هيون. انهن سڀني پارٽين، جماعتن، گروهن ۽ گروپن کي لوڪل ايجنسين ۽ سي آءِ اي جي ڀرپور حمايت حاصل هئي ته اهي دائود جي سرڪار ڪيرائي وجھن. ڇو ته دائود جي سرڪار کي ڪميونسٽ پارٽي جي حمايت حاصل هئي ۽ روس ان جي پٺيان بيٺل هو ته جيئن روس جي ڪميونسٽ سوچ جي پوئيواري وڌي ۽ اها سوچ افغانستان کان هلي اچي پاڪستان ۾ پڄي. روس دائود جي سرڪار هوندي پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان جو به حمايتي هو، جنهن جا وري ٻه ڌڙا هئا، هڪ ”خلق“ ۽ ٻيو ”پرچم“، جن کي هڪ ڪرڻ جي لاءِ روس جي وڏي ڪوشش هئي ۽ 1967 کان 1977 تائين روس جو انهن تي دٻاءُ هو ته اهي هڪ ٿين، پر 1970 تائين ٽين دنيا جي حڪومتن ۽ سياستن ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو هو، صدر ”سڪارنو“ انڊونيشيا ۾ ۽ ”انور سادات“ مصر مان روس کي انتباھ ڏنو هو ته هو هاڻي غير ڪميونسٽ پارٽين ۽ پنهنجن ماڻهن تان هٿ کڻي. ايتري ۾ آمريڪا به ويٽنام مان ٽپڙ ويڙهي ويو هو، جنهن جي ڪري روس تي پريشر وڌندو رهيو هو. 1978 ۾ افغانستان جي پي ڊي پي اي جي پرچم جي اڳواڻ کي گولي لڳي وئي هئي، جنهن جو الزام صدر دائود ۽ سي آءِ اي اچي ويو هو. دائود بدلي ۾ ”پي ڊي پي اي“ جي اڳواڻن کي جيل ۾ وجھڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ ”پي ڊي پي اي“ جي ”خلق پارٽيءَ“ جي ماڻهن کي وارو ملي ويو ۽ 30 اپريل 1978 تي افغانستان ۾ دائود جو تختو اونڌو ٿي ويو، انقلاب اچي ويو ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي حڪومت اچي وئي، سوويت يونين نئين سرڪار کي خوش آمديد ڪيو، صدر حفيظ الله امين پرچم جي سڀني پروگرامن کي رد ڪري ”خلق“ جي پرگرامن کي آندو ۽ امپليمينٽ ڪيو ۽ سوويت يونين کي ڄڻ افغانستان ٽٽندو نظر آيو. هن صدر حفيظ الله امين تي ڪنٽرول جي ڪوشش ڪئي، پر حفيظ الله امين هنن جي هڪ نه ٻڌي ۽ روس جي ڊڪٽيشن وٺڻ کان نابري واري ويهي رهيو. ايران ۾ سي آءِ اي جي نه هلي، اتي انقلاب به اچي ويو هو.
ڊسمبر 1979 ۾ روس جي صدر ”ليونڊ بريزنو“ افغانستان کي هٿان وڃڻ نه پئي ڏنو ۽ انهن تي پنهنجي اثر رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، هن افغانستان ۾ پنهنجي ريڊ آرمي موڪلي ڇڏي، حالانڪه صدر حفيظ الله امين ان کي مڃڻ ۽ وٺڻ لاءِ تيار نه هو، پر روس هنن جي سرڪاري املاڪ تي ضابطو آندو ۽ هر شيءِ ڪنٽرول ۾ ورتي. ازبڪستان جي بارڊر کان وٺي روس جي آرمي ڪنٽرول ڪندي وئي، هر شيءِ تي ضابطو آڻيندي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺندي وئي، پر افغانستان ۾ مجاهدين ۽ طالبان جي موجودگي ته اڳ ۾ هئي، انهن کي سي آءِ اي ۽ لوڪل ايجنسين جي امداد ۽ سپورٽ پهرين کان ئي هئي، جيڪي واحد لشڪر هئا جيڪي روس جي آرمي کي سامهون اچي مقابلو ڪري سگهن پيا ۽ روس جي اهڙي عمل جي خلاف طالبان جو فورس پهرين تيار ويٺو هو، جنهن ۾ اسلامي جذبو ۽ ويڙھ واري رڳ رڳ ۾ شامل هئي. آمريڪي صدر جمي ڪارٽر 1980 ۾ 30 ملين جي امداد افغانستان جي لاءِ موڪلي ڏني هئي، وري 1985 ۾ صدر ريگن جي سرڪار ۾ اها امداد وڌي 240 ملين ڊالر ٿي وئي هئي ۽ سعودي به ان جيترو پئسو وهايو ته جيئن روس جي اهڙي حملي کي منهن ڏئي سگهجي ۽ افغانستان کي هر سال 630 ملين ڊالرن جي امداد طالبان کي ملندي رهي ته جيئن اهي جنگ جاري رکن. ان دوران اسرائيل، چين ۽ مغربي ملڪ به ان ڪارِ خير ۾ لهي پيا ته طالبان جي اهڙي جهاد کي هٿي ڏجي ۽ روس جي حملي کي روڪجي ته جيئن روس وڌي نه وڃي. وري روس افغانستان ۾ 5 بلين ڊالرن جي امداد ڏيندو رهيو ته جيئن اهي روس مان راضي ٿين ۽ نه وڙهن ڇو ته ان ويڙھ ۾ رڳو پختون ۽ افغاني فارسي ڳالهائڻ وارا ڪجھ ڌڙا شامل هئا، باقي ٻئي ڌريون ته روس سان راضي هيون. ”ملٽن بيئرڊن“ جيڪو ان وقت سي آءِ اي جو پاڪستان ۾ نمائندو هو ۽ 1986 کان 1989 تائين رهيو. ان جي مطابق افغانستان ۾ فوجي جٿا هڪ لک ويھ هزار تائين وڌايا ويا هئا ته جيئن روس جي حملن کي ٻنجو ڏجي. 1983 تائين آمريڪا ته رڳو پئسن جي امداد هلائي، پر هنن لوڪل ساخت جا هٿيار افغان مجاهدين کي نه ڏنا ته متان اهي پڪڙجي پون ۽ آمريڪي مداخلت ظاهر ٿي پئي ۽ روس جي ڪاوڙ ۾ اضافو اچي وڃي يا روس وري آمريڪا سان سڌو ٿي پئي، ڇو ته اتي جهيڙو وري ٻن سپر پاورن جو ٿي پئي ها. ان ڪري آمريڪي سفير رونالڊ اسپيئر (جيڪو ان وقت پاڪستان ۾ مقرر هو) ان مطابق آمريڪا کي اهڙا احتياط ڪرڻ ضروري هئا، ان ڪري مجاهدين کي لوڪل، اسرائيل ۽ چيني ساخت جا هٿيار هئا ته جيئن روس کي ڪو شڪ نه ٿئي، پر صدر ريگن جي سرڪار 1985 ۾ وري دل ٻڌي جو هنن اهو قطعي فيصلو ڪيو ته روس جي ريڊ آرمي کي مڪمل طور تي افعانستان مان ڀڄائڻ جي لاءِ هاڻي آمريڪا کي سڌي طرح سامهون اچڻو پوندو ته جيئن انهن کي افغانستان مان ڌڪي سگهجي ۽ آخرڪار ڪانگريس جي هڪ زبردست بحث کانپوءِ صدر ريگن اهو فيصلو ڪيو ته مجاهدين کي اينٽي ڪرافٽ ميزائيل ڏنا ويندا ته جيئن اهي زبردست مقابلو ڪري سگهن. آمريڪا جو اهڙو فيصلو سيپٽمبر 1986 تائين توڙ تائين نه پڳو هو، پر آخرڪار هنن طالبان کي پنهنجي ساخت جا هٿيار مهيا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا، ڇو ته آمريڪا کي اهو به خوف هو ته جي اهي آٽوميٽڪ هٿيار ٽين دنيا ۾ ڦهلجي ويا ته اهو وري آمريڪا جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندا، جو انهن کي وري ڪير روڪي نه سگهندو، جيڪي 1990 کان 2001 تائين واقعي کي غلط هٿن ۾ رهيا، جنهن جو ڏوھ وري به آمريڪا، سي آءِ اي ۽ لوڪل ايجنسين جي سر تي آهي، ڇو ته انهن خطرناڪ هٿيارن جي ترسيل، طالبان کي گهربل تربيت ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي ۽ اهو به سي آءِ اي ۽ لوڪل ايجنسين جي فرضن ۾ شامل هو. ان وقت سي آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ”جان ميڪ ميهن“ جو چوڻ هو ته آءِ ايس آءِ جي ان کانپوءِ حت الامڪان ڪوشش رهي ته اهي هٿيار ڪنهن صورت طالبان وٽان ختم ٿين يا تباھ ٿين، ڇو ته انهن هٿيارن جي ترسيل جي لاءِ ايجنسيون ڪراچي، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڪوئيٽا جون ايئرپورٽون استعمال ڪندا هئا ته جيئن اهي چمن ۽ تورخم بارڊر جي ذريعي طالبان تائين پڄن. لوڪل ايجنسين جي وري اها ڪوشش هوندي هئي ته اهي سي آءِ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سر توڙ ڪوشش ڪنديون رهن ته انهن کي جيڪي به ڪم، هدايتون ۽ ڊالر وغيره ملن ته اهي لوڪل ايجنسين ۽ طالبان ۾ ورهائي ونڊي ڇڏين ۽ پاڻ به کائين ڇو ته لوڪل ايجنسين جي لاءِ اهو چوڻ مشهور هو ته انهن اسٽيٽ جي اندر اسٽيٽ ٺاهي ورتي آهي. وري لوڪل ايجنسيون اهڙن گروهن کي سڃاڻڻ ۽ مڃڻ کان نابري واري ڇڏينديون هيون جيڪي غير اسلامي ۽ اڻ ڌاريا هئا، انهن ڪڏهن به ڪنهن پختون قومپرست پارٽي ۽ افغان ملت پارٽي تي ۽ نه ئي ڪنهن افغان رايل فيملي تي هٿ کنيو، جيڪي قانوني توڻي غير قانوني طور پاڪستان ۾ ۽ افغانستان ۾ رهن پيا. ان ڪري لوڪل ايجنسيءَ به انهن تي ڪڏهن آڱر نه کنئي ۽ نه انهن تي هٿ رکيو يا ڪڏهن به انهن جي سڃاڻپ ۽ تصديق نه ڪئي ته جيڪي به هنن جا پاليل، پوئلڳ، پوئيواري ڪندڙ يا هنن جا تربيت يافتا هئا اهي ڪڏهن سي آءِ اي وارا هئا يا سي آءِ اي ڪڏهن اهڙن گروهن، گروپن ۽ جٿن جي مدد ڪندو رهيو يا انهن کي پنهنجي ڪڇ ۾ رکيو آيو هو، جيڪي ڳڻپ ۾ ست گروھ هئا جن کي آءِ ايس آءِ نوازيو ۽ سندن ۾ انعام ۽ اڪرامن ورهائيندو رهيو، حقيقت ۾ آءِ ايس آءِ گلبدين حڪمت يار (جيڪو مجاهدين جي گروهن جو ڪمانڊر هو) ڪشمير ۾ اسلامي گروهن جو وڏو اڳواڻ ۽ ويڙهو به رهيو ۽ ان سان گڏ مسود وري مجاهدين جو وڏو پراثر اڳواڻ ۽ ويڙهو هو. ساڳي جاءِ تي تاجڪ گروھ جا ماڻهو ايترا ويڙها نه هئا، پر پوءِ به انهن مجاهدن ۾ شامل هئا ضرور، حالانڪه لوڪل ايجنسين انهن جي انعامن اڪرامن ۽ ورڇ ونڊ ۾ ڦير ڦار به ڪندو رهيو، جيڪو هنن جي وچ ۾ ڏڦيڙ جو باعث به هو. وري لوڪل ايجنسين جي اهڙي ڪرم نوازي جي ڪري ڀارت آمريڪا کان پاسي تي رهيو، جو هنن جي ڪاررواين جي ڪري ڪشمير ۾ ڪاررواين ۾ اضافو اچي ويو هو ۽ ”ڪشمير ڪاز“ جنهن ۾ ڀارت جو فائدو هو تنهن کي وري ڌڪ رسيو هو.