افغانستان ۾ مخالف ڌريون صدر دائود جي سرڪار جي خلاف اسلامي جماعتون گڏ ڪري بيهي رهيون هيون ۽ هن جي شديد مخالفت ۾ اوچتو ڪرُ کڻي بيهي رهيون هيون. اهي صفا تيار ٿي بيٺا هئا ته هر صورت صدر دائود جي حڪومت ڪيرائڻي آهي، ڇو ته صدر دائود جي سرڪار جي خلاف ٻي ڪابه لوڪل پارٽي نه هئي ۽ نه ئي ڪو مذهبي گروھ هن جي خلاف ئي هو، جيڪي هن جي مخالفت ڪري سگهن يا هن جي سامهون سڌو ٿي اچن، پر آهستي آهستي هن جي مخالفت ۾ اهي سڀ طالبان ٽائيپ شدت پسند جماعتون وڌي وڻ ٿي ويون هيون، جيڪي هن جي سرڪار ڪيرائڻ جي طاقت جوڙي ويٺيون هيون. انهن سڀني پارٽين، جماعتن، گروهن ۽ گروپن کي لوڪل ايجنسين ۽ سي آءِ اي جي ڀرپور حمايت حاصل هئي ته اهي دائود جي سرڪار ڪيرائي وجھن. ڇو ته دائود جي سرڪار کي ڪميونسٽ پارٽي جي حمايت حاصل هئي ۽ روس ان جي پٺيان بيٺل هو ته جيئن روس جي ڪميونسٽ سوچ جي پوئيواري وڌي ۽ اها سوچ افغانستان کان هلي اچي پاڪستان ۾ پڄي. روس دائود جي سرڪار هوندي پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان جو به حمايتي هو، جنهن جا وري ٻه ڌڙا هئا، هڪ ”خلق“ ۽ ٻيو ”پرچم“، جن کي هڪ ڪرڻ جي لاءِ روس جي وڏي ڪوشش هئي ۽ 1967 کان 1977 تائين روس جو انهن تي دٻاءُ هو ته اهي هڪ ٿين، پر 1970 تائين ٽين دنيا جي حڪومتن ۽ سياستن ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو هو، صدر ”سڪارنو“ انڊونيشيا ۾ ۽ ”انور سادات“ مصر مان روس کي انتباھ ڏنو هو ته هو هاڻي غير ڪميونسٽ پارٽين ۽ پنهنجن ماڻهن تان هٿ کڻي. ايتري ۾ آمريڪا به ويٽنام مان ٽپڙ ويڙهي ويو هو، جنهن جي ڪري روس تي پريشر وڌندو رهيو هو. 1978 ۾ افغانستان جي پي ڊي پي اي جي پرچم جي اڳواڻ کي گولي لڳي وئي هئي، جنهن جو الزام صدر دائود ۽ سي آءِ اي اچي ويو هو. دائود بدلي ۾ ”پي ڊي پي اي“ جي اڳواڻن کي جيل ۾ وجھڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ ”پي ڊي پي اي“ جي ”خلق پارٽيءَ“ جي ماڻهن کي وارو ملي ويو ۽ 30 اپريل 1978 تي افغانستان ۾ دائود جو تختو اونڌو ٿي ويو، انقلاب اچي ويو ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي حڪومت اچي وئي، سوويت يونين نئين سرڪار کي خوش آمديد ڪيو، صدر حفيظ الله امين پرچم جي سڀني پروگرامن کي رد ڪري ”خلق“ جي پرگرامن کي آندو ۽ امپليمينٽ ڪيو ۽ سوويت يونين کي ڄڻ افغانستان ٽٽندو نظر آيو. هن صدر حفيظ الله امين تي ڪنٽرول جي ڪوشش ڪئي، پر حفيظ الله امين هنن جي هڪ نه ٻڌي ۽ روس جي ڊڪٽيشن وٺڻ کان نابري واري ويهي رهيو. ايران ۾ سي آءِ اي جي نه هلي، اتي انقلاب به اچي ويو هو.