بلاگنئون

وچ اوڀر بارود جي بوءِ کان امن جي خوشبوءِ تائين

تاريخ جي ورقن تي جڏهن به تهذيبن جي ٽڪراءُ جو ذڪر ٿيندو ته وچ اوڀر جي جنگ آپريشن ايپيڪ فيوري عظيم تباهي کي هڪ عبرتناڪ باب طور ياد رکيو ويندو، پر اڄ وقت جي اهم گهرج اها آهي ته بارود جي هن تيز بوءِ کي امن جي خوشبوءِ ۾ تبديل ڪيو وڃي. وچ اوڀر اڄ به پراڻي ورلڊ آرڊر جي سڀ کان نازڪ رڳ آهي، جتي ايران ۽ اسرائيل جي دشمني رڳو ٻن ملڪن جو تڪرار ناهي، پر اها ان آخري تهذيبي ٽڪراءُ جو مظهر آهي جنهن جو ذڪر تاريخ صدين کان ڪندي رهي آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا هيءَ ڇڪتاڻ ابدي آهي؟ يا آبنائي هرمز جي لهرن ۾ امن جو ڪو نئون پيغام لڪل آهي، ايران پنهنجي هزارين سالن جي تاريخي شان ۽ وقار جي دفاع لاءِ موزيڪ (وکريل گوريلا) جنگي حڪمت عملي تي عمل پذير آهي ۽ موجوده عارضي جنگ بنديءَ کي هڪ سياسي ڄار تصور ڪري ٿو. ٻئي طرف آمريڪا پنهنجي عالمي برتري (Supremacy) ۽ معاشي مفادن جي بقا لاءِ تڙپي رهيو آهي، جڏهن ته اسرائيل پنهنجي وجودي سلامتيءَ کي ايران جي ميزائيل ۽ ايٽمي پروگرام جو خاتمو پنھنجي بقاءُ سمجھي ٿو. حقيقت اها آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو مستقل حل ناهي، جڏهن اهي ڌريون چين، پاڪستان ۽ روس جي ٽياڪڙي سان مذاڪرات جي ميز تي آمهون سامهون ويهنديون ته اها رڳو سياسي گفتگو نه، پر انساني تهذيب جي بقا جي ضمانت هوندي.

آبنائي هرمز رڳو هڪ سامونڊي لنگهه ناهي، پر هي عالمي توانائيءَ جي شهرڳ آهي. جيڪڏهن هن رڳ ۾ رت جي رواني (تيل ۽ گئس جي فراهمي) متاثر ٿي ته سڄي دنيا جي ترقيءَ جو ڦيٿو ڄام ٿي ويندو، ايران پاران هن لنگهه کي هڪ اسٽريٽيجڪ هٿيار طور استعمال ڪرڻ جو مقصد دنيا کي اهو باور ڪرائڻ آهي ته هو هن طاقتور ڪارڊ تان آسانيءَ سان هٿ نه کڻندو، امن معاهدو تڏهن ئي پختو ٿيندو جڏهن ايران کي پڪيون ضمانتون ملنديون ته سندس خودمختياريءَ تي ڪوبه وار نه ٿيندو. وچ اوڀر جي سمورن محاذن تي دائمي امن تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن احترامِ متبادل جو اصول هجي، هڪ مستحڪم معاهدي کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ توانائيءَ جي قيمتن ۾ استحڪام ايندو، جنهن جو سڌو فائدو غريب ۽ ترقي پذير قومن کي پهچندو. انسانيت جي علمبردارن کي هاڻي اهو سوچڻو پوندو ته اسان ايندڙ نسل کي هٿيارن جا انبار ڏيڻ چاهيون ٿا يا هڪ اهڙي دنيا، جتي ترقي، ڀائيچارو ۽ جديد ٽيڪنالاجي جهڙيون علمي اڳڀرايون هجن. وچ اوڀر، جيڪو صدين کان عالمي طاقتور سامراجي رانديگرن جو مرڪز رهيو آهي، اڄ به عالمي سياست جو محور آهي. خليجي رياستون، جيڪي تيل جي دولت تي بيٺل آهن، هاڻي هڪ نئين آزمائش مان گذري رهيون آهن. انهن جي خوشحاليءَ جو دارومدار انهن سامونڊي رستن تي آهي، جيڪي هاڻي غير يقينيءَ جي گهيري ۾آهن. گڏيل عرب امارات جهڙيون رياستون پنهنجو معاشي ڍانچو تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن، پر وقت تمام تيزيءَ سان وڃائجي رهيو آهي.

اڄ جي صورتحال سيکاري ٿي ته طاقت جو توازن ڪڏهن به مستقل ناهي هوندو، جيڪي قومون وقت جي وهڪري سان گڏ پاڻ کي نٿيون بدلائين، اهي تاريخ جي وهڪرن ۾ گم ٿي وڃن ٿيون، ايران جي نئين قيادت، سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي جي حڪمت عملي ۽ چين توڙي پاڪستان جي امن ڪوششن کي جيڪڏهن مڃتا ملي ٿي ته هي معاهدو ڏهاڪن تائين قائم رهي سگهي ٿو، پر شرط اِهو آهي ته عالمي طاقتن کي ايران جي دفاعي حق کي تسليم ڪرڻو پوندو. هن سموري صورتحال ۾ چين جي صلح پسندي ۽ پاڪستان جو امن پُل وارو ڪردار انتهائي اهم آهي. چين ڄاڻي ٿو ته جنگ تيل جي قيمتن کي باهه ڏئي عالمي معيشت کي رک ڪري ڇڏيندي. تاريخ جي هن موڙ تي جتي پراڻيون سرحدي لڪيرون مٽجي رهيون آهن ۽ نوان نقشا رت جي لڙڪن سان ٺهي رهيا آهن، اتي بقا صرف انهن جي آهي جيڪي وقت جي نبض کي سڃاڻين ٿا. دنيا هاڻي هڪ اهڙي شام ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي پراڻو سج ته لهي چڪو آهي، پر نئين صبح جو اعلان اڃان بارود جي دونھين ۾ لڪيل آهي، هي تاريخ جو خاتمو ناهي، پر هڪ اهڙي درد جي شروعات آهي، جنهن جو انت اڃان گهڻو پري آهي.