پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

حڪومت چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ ٽي نالا موڪلي ڇڏيا

چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جي معاملي تي وفاقي حڪومت ٽي نالا تجويز ڪري ڇڏيا. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا اڄ پنجن سالن جي آئيني ملازمت جو مدو پورو ڪري عهدي تان رٽائر ٿي ويندو. حڪومت نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ بابر يعقوب، فضل عباس ۽ عارف خان جا نالا موڪلي ڇڏيا آهن. وزيراعظم ٽنهي نالن جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. بابر يعقوب سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن آهي، فضل عباس اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري آهي ۽ عارف احمد خان به اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري آهي. ان کان پهرين اپوزيشن پاران شهباز شريف نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ ناصر محمود کوسو، جليل عباس جيلاني ۽ اخلاق احمد تارڙ جا نالا تجويز ڪيا آهن.