ادب

ڪتابن جو مطالعو ڇو ضروري آهي؟

(جڏهن توهان پڙهو نه ٿا ته پوءِ لکو به نه)

هن چوڻيءَ ۾ ڪيڏي نه حقيقت سمايل آهي ٿورو غور ڪيو، اسان جي سامهون حقيقت واضح ٿيندي۔ اسان بغير پڙهڻ جي ڪنهن ڪالم يا مضمون کي لکڻ شروع ڪنداسين ته پوءِ ان ۾ ڪا صداقت ڪون هوندي صرف هوائي ڦوٽا جيڪي پاڻي ۾ ڦوڪجي ڦاٽي ڊهي ويندا آهن۔ اسان جي معاشري ۾ ڏٺو وڃي ڪتابن جو ڪوبه  مطالعو ناهي نه وري ان کي ڪا اهميت ڏني ٿي وڃي. اسان هميشه ڏسندا آهيون ته ڪڏهن لطيفيات تي گفتگو ڪئي ويندي آهي، لطيف جو ڪو شعر پڙهيو ويندو آهي، پڙهڻ وارا پنهنجي ليکي پيا وضاحتون ڪندا آهن، هن شعر جي  هي معنيٰ ۽ هي مفهوم آهي جيڪا ان شعر کي سونهندي ئي ناهي۔ ان جو اهو سبب آهي جو اسان ڪڏهن به شاھ صاحب جي رسالي جو مطالعو ڪيو ئي ناهي ته پوءِ اسان کي ڪيئن خبر پوندي ته سر ڪهڙو آ ۽ معنيٰ ڪهڙي ڪجي مجاز يا حقيقت جو فرق ڪيئن معلوم ڪجي۔

وري ڪڏهن سياست تي بحث شروع ٿي ويندو آهي، ان تي وڏي پٽاڙ ڪندا آهيون ۽ جيڏانهن دل لڙي وڃي، پوءِ ان جي بنيادي نظريي کي سمجهڻ کان بغير پيا ان جا قصيدا ڳائنداسين. اهو صرف ان جي ڪري جو اسان عقيدتن جي گرڻ ۾ گتل ۽ حقيقتن جي حرف کان غافل آھيون۔ نه اسان ڪڏهن پرڏيهي سياست جو مشاهدو يا  مطالعو ڪيو آهي، نه ئي عظيم سياستدانن کان واقف آھيون، سو  اسان کي  ڪيئن  خبر پوندي ته  اصل سياست ڪيئن  هوندي آهي. اسان پنهنجو وقت فيسبوڪ، واٽسپ، ڊارمن ۽ فلمن  ڏسڻ ۾  زيان ڪري ٿا ڇڏيون. اسان کي ڪيئن خبر پوندي ته دنيا ۾ جيڪي وڏا وڏا مفڪر دانشمند اديب فلاسافر ٿي گذريا آھن، انهن جو مقصد ڇا هو؟ نظريو ڪهڙو هو؟ ان کي پرکڻ لاءِ  مطالعو  ضروري  آھي. ڪتاب ڪيتري نه عجيب شي جو نالو آهي، جنهن ۾ ٿوروئي نظر وجهڻ سان اسان ڪنهن ٻئي شخص جي دماغ ۾ پهچي وڃو ٿا، جيڪو هزارين سال اڳ مري چڪو آهي، صدين جا سفر طئي ڪرڻ کانپوءِ به هو اسان سان لفظن جي ورق گرداني ڪندي مخاطب ٿيندو آهي. تحرير انسان جي وڏي ۾ وڏي طاقت آهي، جيڪا هر انسان کي هڪ ٻئي سان ملائي ٿي ڇڏي. ڪتاب جهالت جا زنجير ٽوڙي ڇڏيندو آهي، ڪتاب ان  ڳالھ جو ثبوت آهن ته انسان وٽ ڪيترين صلاحيتن جا ڪمال آهن، لائبريرين جا ڪمرا انهي ڪمالات سان ڀريا پيا آهن، ڪتاب اسان کي منجهيل راهن ۾ سفر ڪرڻ جي قابل بڻائين ٿا، اڄڪلهه نوجوان گهڻي ڀاڱي ڪتابن کان پاسيرا ٿيندا پيا وڃن، تمام ٿورا شاگرد ڪتابن سان لاڳاپيل آهي. اسان جيڪڏهن ڪتابن جو مطالعو ئي نه ڪنداسين ته پوءِ ڪيئن اڳتي هلي سگهنداسين؟! ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي ڪنهن جي ڳالهه ٻڌندا ئي ڪونهن، اهي سدائين ڊپريشن جو شڪار هوندا آهن، ان مسئلي جو خاص سبب مطالعو نه ڪرڻ هوندو آھي، خاص ڪري  ڪنهن به علمي  ادبي  ڳالھ ٻولھ وقت ڪتابن جو مطالعو اسان ۽ توهان کي ماڻهن ۾ ويهڻ ۽  ڳالهائڻ جي قابل بڻائيندو آهي، توهان جو مطالعي سان لڳاءُ هوندو ته پوءِ جنهن به ڪچهري ۾ توهان گفتگو ڪندؤ يا ڪنھن ڪتاب جو حوالو ڏيندؤ يا ڪتاب جي ليکڪ جو نالو کڻندو ته ان سان توهان جي ڪچهري کي چار چنڊ لڳي ويندا. توهان جي گفتگو ٻڌڻ لاءِ ماڻهو بيتاب هوندا، اهو ان جي ڪري جو توهان مطالعي سبب مهذب ۽ بااخلاق گفتگو جي قابل بڻجو ٿا. حقيقت ۾ ڪتاب اسان ۽ توهان جي زندگي بدلائي ڇڏيندا آھن هڪ مثالي زندگي بڻائي ڇڏيندا آھن. ڪتابن بابت ناميارن ڏاهن اديبن ڇا چيو آهي. اچو ته  پڙھون:

”سٺا ڪتاب اھي ناھن جيڪي اسان جي بُک کي ختم ڪري ڇڏين. سٺا ڪتاب ته اُھي آھن جيڪي اسان جي بُک وڌائين. زندگي کي ڄاڻڻ جي بُک“ (گورچ فوڪ). ”جڏھن ھڪ ماڻھو ڏھ ڪتاب پڙھندو آھي ته ھو ڏھ ھزار ميل جو سفر طئي ڪري وٺندو آھي.” (چيني چوڻي). ”ڪتاب خاموش استاد آھن“ (ائولس گيليوس). ”خيالن جي جنگ ۾ ڪتاب ھٿيار آھن“ (جارج برنارڊ شا). ”ھڪ ھزار ڪتاب پڙھو پوءِ توھان جي لفظن ۾ دريائن جھڙي روآنگي اچي ويندي“ (ورجينا وولف). ”ھن دنيا ۾ ڪي به ٻه ماڻھو ساڳي طرح سان ھڪ ڪتاب کي ناھن پڙھندا“ (ميڪسم گورکي). ”جڏھن مان عبادت ڪندو آھيان ته مان خدا سان ڳالھائيندو آھيان ۽ جڏھن مان ڪتاب پڙھندو آھيان ته خدا مون سان ڳالھائيندو آھي“ (ٿومسن فون ڪيمپن). ”اوھان کي ھن ڳالھ جو شعور ھُجڻ ضروري آھي ته جڏھن کان ھي دنيا وجود ۾ آئي آھي، وحشي نسلن کي ڇڏي، دنيا تي ڪتابن ئي حڪمراني ڪئي آھي“ (والٽيئر). ”مان جيترو گھڻو پڙھندو ۽ علم حاصل ڪندو آھيان ته مونکي يقين ٿيندو آھي ته مان ڪجھ به نٿو ڄاڻان“ (والٽيئر). ”جيڪڏھن توھان اُھي ئي ڪتاب پڙھو ٿا جيڪي ٻيا پڙھي رھيا آھن ته توھان به اُھو ئي سوچي سگھو ٿا جيڪو ٻيا سوچن ٿا“ (ھاروڪي مُراڪامي). ”ذھن کي ڪتابن جي ضرورت ھوندي آھي جيئن تلوار کي پٿر جي ضرورت ھوندي آھي. جيڪڏھن ھُن کي پنھنجي ڍال برقرار رکڻي آھي“ (جارج آر آر مارٽن). ”ھڪ پڙھندڙ پنھنجي مرڻ تائين ھزار زندگيون جي وٺندو آھي جڏھن ته جيڪو ناھي پڙھندو اُھو ھڪ ئي زندگي جيئندو آهي“ (جارج آر آر مارٽن). ”خريد ٿيل ڪتاب توھان جي جائيداد ۾ شامل ٿي ويندو آھي“ (مستنضر حسين تارڙ). مطالعي سان ڇا ملندو آھي؟ ”مطالعو انسان جي لاءِ اخلاق جو معيار آھي.” (علامه اقبالؒ). ”مطالعو ڏک ۽ اداسي جو بھترين علاج آھي“ (شيخ سعدي). ”جيئن جسم لاءِ ورزش ضروري آھي تيئن دماغ جي لاءِ مطالعو اھم آھي“ (ايڊيسن). ”دماغ جي لاءِ مطالعي جي اھا اھميت آھي جيڪا ڪنول کي پاڻي جي“ (تلسي داس). ”ذات جي سمجهه، ڄاڻ ۽ ڏاھپ“ (شبنم گل). ”شعور، آگاھي ۽ سوچ ۾ بلندي ۽ تبديلي ايندي آھي“ (بانو محبوب جوکيو). ”زندگي جي خوبصورت رازن سان تعارف جو موقعو“ (جيا شاھ). ”انسان جي هزارين سالن جي تهذيبن، ثقافتن، تاريخي ارتقا جو شعور مطالعي سان ئي ممڪن آهي“ (ايوب کوسو).

اسان  غور ۽ فڪر ڪيون ته هي چوڻيون اسان جي زندگي بدلائي ڇڏينديون، اسان کي معاشري ۾ جيڪڏهن پنهنجو رتبو ٺاهڻو آهي ته سڀ کان اول مطالعي ڪرڻ جي سگھ پيدا ڪرڻي پوندي، جيئن اسان معاشري ۾ پنهنجي علمي  ادبي سگھ جٽادار بڻائي سگهون ۽ ان  سان گڏ  اسان  عملي  طور به پاڻ کي مڃرايو. نوجوانن ۾ جيڪي ادب سياست مذھب يا علم جي ڪهڙي به موضوع تي دسترس جي خواهش رکن ٿا ته اهي مطالعو ڪن، ڪتاب ڪڏهن به بيوفا ساٿي ناهن۔

ڪتابن پڙھڻ جي هڪ سولي ترڪيب. اوهان اول چار ڪتاب رکو ڪهاڻيءَ جو ڪتاب، سياست تي لکيل ڪتاب، مذھبي تعليم جو ڪتاب، ادبي مواد وارو ڪتاب. هاڻي جنهن ڪتاب ۾ اوهان جي دل وڌيڪ لڳي ان کي مڪمل پڙھو، پوءِ روزانا ڏھ صفحا پڙھو يا وڌيڪ. اميد ته  نوجوان  مثبت موٽ ڏيندا.

***