ادب

”سانوڻيءَ جي سارَ جهڙو شاعر وسيم سومرو“

شاعري اهڙي ڏات آھي، جيڪا قدرت وٽان ملندي آھي. شاعر انيڪ خوبين جو مالڪ هجي ٿو ڇو ته هو پنهنجي تخليقي نهار سان جڳ جهان کي ڏسندو آھي. شاعر لفظن جو محتاج ناهي هوندو. جڏهن شاعر سان ڏات پرچي پوندي آھي ته پوءِ لفظ سندس محتاج ٿي ويندا آھن. شاعر لفظن جا موتي سمنڊ جي گهرائين مان به حاصل ڪري وٺندو آھي. اهڙو ئي سنڌ جو ٻهڳڻ شاعر وسيم سومرو به آھي. جنهن جي شاعري خوبصورت احساسن سان ٽمٽار هوندي آھي. وسيم سومرو ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي سندس تخليقن ۾ اهڙي خوبصورتي آھي جو لفظن ۾ بيان نه ٿي ڪري سگهجي. سندس شاعريءَ ۾ جماليات سونهن پيار جهڙو حسين رنگ سمايل آھي جيڪو اندازو اوهان سندس هن شعر مان لڳائي سگهو ٿا.

هي آڪاس تي ڪو چترڪار آھي!

يا تنهنجي نظر جو چٽيل پيار آھي!

خوبصورت ۽ جاندار مطلع ۾ ”رواني“ آھي جنهن ۾ شاعر جا خيال آسمان ۾ بيٺل تارن کي ڇُهن ٿا. وسيم سومرو سنڌي شاعريءَ جي آڪاس تي چمڪندڙ چنڊ جيان چمڪي رهيو آھي، سندس هر صنف ۾ جيئن شاندار سونهن اوتيل آهي، تيئن سندس گيت ۾ به لکڻي منفرد آھي.

ڄڻ ته  گهلندڙ هير آھي،

ڄڻ ته وهندڙ واھ آھي،

                پيار بي پرواھ آھي!

روپ ڪيئي رنگ  هن  جا،

رات هُن جِي چنگ هن جا،

جلترنگي   رنگ    هن  جا،  

               ۽ سندر سر ساھ آھي!

                پيار  بي پرواھ  آھي!

اوهان محسوس ڪيو هوندو ته گيت ۾ ڪيتري نه خوبصورتي آھي، شاعر جڏهن به ڪنهن موضوع تي لکندو آھي ته اهو موضوع شاعر لاءِ اڻ کٽ ٿي ويندو آھي، سائين وسيم سومرو به انهن شاعرن ۾ هڪ آھي. جڏهن به لکندو آھي ته موضوع اڻکٽ ٿي ويندا آھن. جڏهن به ڏات جي ڪويل شاعر جي دل جي وڻ تي ويهي ٻوليندو آھي ته شاعر پاڻ کي سرهو محسوس ڪري هر ڏکيي رديف قافيي ۽ بحر تي لکندو آھي. جڏهن سائين وسيم سومرو سان ڏات پرچندي آھي ته ههڙيون عاليشان تخليقون سندس جهوليءَ ۾ گلاب مثل ٿي پونديون آھن.

پاڻ وليون ٿي وياسين،

شام گليون ٿي وياسين،

مالهڻ کڻندي نيڻ ته ٻئي،

گل ڇليون ٿي وياسين،

تو لئه ٽڪريون ٽڪريون ٿي،

وقت! رليون ٿي وياسين،

جهنگل جي خاموشيءَ ۾،

مال ٽليون ٿي وياسين.

پاڻ هڪ خوبصورت شاعر هُجڻ سان گڏ هڪ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ پڻ آھي. نوجوان شاعرن کي اتساهڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آھي. سندس روشن خيالن ۾ جرڪندڙ شاعريءَ جهڙا ڪرڻا جڏهن پڙهندڙن تائين پهچندا آھن ته اهي ان کي پڙهندڙ پنهنجي من جو احساس سمجهي ويهندا آھن وسيم سومري جي وائيءَ جو هڪ پنهنجو رنگ آھي جنهن ۾ دل جون داخلي توڙي خارجي ڪيفيتون سمايل آھن.

مونکي اورانگهي،

اُڏري ويو آڪاس تي!

هاڻي دل جي ڪونج پئي،

تڙ تڙ تي تانگهي،

اُڏري ويو آڪاس تي!

پنهنجي منفرد لکڻيءَ جي ڪري وسيم سومري جي وائيءَ ۾ هڪ شاندار خيال جي گهرائي آھي. معصوم ۽ حساس جذبن جهڙي شاعر وسيم سومري جي شاعري پڙھڻ وٽان هوندي آھي، اهو شاعر جنهن مهراڻ رسالي ۾، پر هر رسالي ۾ شاعري وسيلي پاڻ مڃرايو. جنهن جا غزل، جنهن جا نظم، جنهن جون وايون نيرڳ پکيءَ جو رقص آھن. مون اهو پڻ اندازو لڳايو آھي ته سنڌي شاعريءَ جو رنگ الڳ آھي، پر ان جي صنفن جو رنگ به وڻندڙ آھي. وسيم سومرو جنهن سنڌي شاعري جي ننڍڙي ۽ خوبصورت صنف ڏيڍوڻن کي پنهنجي صلاحيت ۽ ڏات جي رنگ سان رڱي هڪ شاندار صنف جو واڌارو ڪيو اهو بيحد شاندار آهي.

آ واءَ جيان آئي،

آ منهنجي آڳنڌ تي، پڙلاءَ جيان آئي!

ڪي نازڪ انگ کڻي،

هي پل پل پوپٽ آ، ٿو اڏري رنگ کڻي!

اوهان ڏٺو هوندو ته هن ننڍڙي صنف ۾ ڪيڏي نه حسناڪي آھي جيڪا اندر جي احساسن سان سلهاڙجي وڃي ٿي. وسيم سومرو سنڌي شاعريءَ ۾ جديد دور جو تخليقي سگهارو شاعر آھي، ان سان گڏ هو نثر نگاري ۾ به ڪمال جو ڪاريگر آھي، ائين کڻي چئجي ته وسيم سومري وٽ لفظن جو جادو آهي، جنهن جا مختلف ليک بيحد حسين آھن، هاڻوڪي هانءَ ڏاريندڙ برسات ۾ لکيل سندس تخليق ڄڻ ته پوري سنڌ جي دردن جي عڪاسي ڪري ٿي.

انسان جي رهڻ جا آساس سڀ ٻڏي ويا،

ڌرتيءَ جيان اکين جا آڪاس سڀ ٻڏي ويا.

گهر تڙ ڪِري اچي ويا جر جي تهن جي هيٺان،

وستين سان گڏ وڻن سان بنواس سڀ ٻڏي ويا.

سائين وسيم سومرو سنڌ جي اهڙن ماتمي حالتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ شامل ڪيو آهي، جنهن ۾ ڌرتيءَ جي وارثن جي سڏڪندڙ صدا سمايل آهي.

هر هڪ اک آلي،

ڪنهن جا ڪنهن جا لڙڪ اگهان مان!؟

من جي تن جي ساڳي موسم،

آھي جهڙالي،

ڪنهن جا ڪنهن جا لڙڪ اگهان مان!؟

هن ڏکايل وقت ۾ وسيم سومري جي هي لکيل وائي جدت سان ڀرپور آھي جنهن کي پڙهندي اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون. سنڌ کي ٻڏندي ڏسي سندس احساسن ۾ ڏک جي ڪيفيت سمائجي وڃي ٿي. آسمان کي التجا ڪندي لکن ٿا.

مون تي اڃا به وسندي اي آسمان ڇا؟

سک جو ساھ کڻندين ٻوڙي جهان ڇا؟

گهر ويا لڙهي اکين جا خواب ويا لڙهي،

اڳتي اڃا به آھن امتحان ڇا؟

اي آسمان اڃا به ٻوڙيندين ڇا؟ اکين جا خواب لڙهي ويا آھن ڇا، اڳتي به ڪي امتحان آھن ڇا، جهڙو روئاريندڙ احساس سچ پڇو ته رڳو درد ئي درد آھي. سائين وسيم سومرو جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ هميشه پيار، امن ۽ انسانيت جو پرچارڪ رهيو آھي. جنهن جي شعرن ۾ سچائي جي سوکڙي سمايل آھي جنهن جو هر انداز بيحد وڻندڙ آھي. سندس هن غزل ۾ به اهڙو ئي رنگ ڀريل آھي.

زندگي منهنجي اداس ئي سهي!

هر خوشي تو ساڻ راس ئي سهي!

آجيان لئه ڪو نه هار پوئيو،

تو ٽنگيو مون لاءِ ٽياس ئي سهي!

وسيم سومري جي خيالن جو وهڪرو سنڌو نديءَ جي وهڪرن جيان سدائين چاڙھ ۾ رهيو آھي، جن ۾ بهار مند جا گل به آهن ته سرءُ جي مند جا وڻن کان وڇڙيل پن به آهن. جيڪي حالتن ۽ ڪيفيتن ۾ هڪ الڳ احساس پيدا ڪن ٿا.

مون کي ناهي خبر ڪير آهي اڳيان!

رات جي خوف جي مير آھي اڳيان!

هن تتي ڏينهن ۾ هڪ ڪڪر کانسواءِ،

ٻي ڇـــڊي راھ ۾ ٻيـــر آھي اڳيان!

پيو وڻن جي وڌڻ جا پڙاڏا ٻڌان،

وڻ سٽيندڙ ڪو ڪاٺير آھي اڳيان!

ڪا خبر ناهي ڪير آھي اڳيان جهڙو حسِين تر احساس جنهن ۾ خوبصورت رنگ آھن، هڪ ڪڪر کانسواءِ ٻي ڇڊي ٻير اڳيان آھي جن وڻن اُس کان بچايو، جنهن ڪاٺير ان جي هيٺان ساھ پٽيو، اڄ اهو ڪاٺير انهن کي ڪٽي پيو اوهان ڏسو ته ڪيڏو نه حسين خيال، پر هڪ حقيقت تي مبني خيال آھي جنهن ۾ اڄڪلھ جي حالت جي عڪاسي ٿيل آھي، مٿي به چئي آيو آهيان ته وسيم سومري جون وايون به پنهنجي تخليقي سونهن ۾ بيحد حسناڪ آھي اهڙي ئي وائي جيڪا ڄڻ ساھ ۾ سڳنڌ ٿي پکيڙي ڇڏي.

منهنجا سڏڪي سڏ،

         مون وٽ موٽي آيا

گهري گهري سوچ جي،

مون ۾ کوٽي کڏ،

         مون وٽ موٽي آيا

منهنجا سڏڪيل سڏ مون وٽ ئي موٽي آيا آھن، جيڪي منهنجي سوچ ۾ کڏ ٿا کوٽن جهڙا عڪس ۽ منظر خوشبوئن جهڙي شهر جيان لڳن ٿا، جن کي پڙهندي چنڊ جي چانڊوڪي جهڙي روشني اکين ۾ جاڳي پوي ٿي، شاعريءَ جي هڪ ٻِي شاندار صنف دوهي ۾ به وسيم سومري ڪنئواس تي ڄڻ رنگ ڀري ڇڏيا آھن.

اڄ منهنجي نيڻن ۾ آھي ننڊ به جهڙي جاڳ!

ڪالهه ٻُڌا مون اوٺين کان ها ويهي رڻ جا راڳ!

ٻيڙيءَ وانگر منهنجي آھي واءَ هٿن ۾ واڳ!

يا ٻوڙي يا پار پڄائي پرچائي ڏي ماڳ!

سانجھ جي سرمائي رنگن جهڙا دوها سچ پچ صبح جي سج جي ڪرڻن جيان من کي وڻندڙ آهن جن ۾ خوشبودار موضوع مرڪن ٿا.

ناهيان هاڻي مان،

             تنهنجي وهم گمان ۾!

جاء نه ننڍڙي پيار جي،

سگهيس ماڻي مان،

              تنهنجي وهم گمان ۾!

هڪ ٻي جاءِ تي وائيءَ جي صورت ۾ درد جي منظر ڪشي ڪندي لکي ٿو:

هيڏي قبرستان ۾،

منهنجو ئي سڏڪو،

          اڏريو پئي منهنجي مٿان!

ڳوڙهي ڳوڙهي جو لهي،

اندر جو اڌمو،

           اڏريو پئي منهنجي مٿان!

وسيم سومري جا ڪيترائي خوبصورت نثري نظم پڻ بيحد وڻندڙ احساسن سان رچيل آھن، جن جي منظر نگاري خوبصورت نظارن جهڙي آھي.

ڪالهه کان،

ڀت تي ٽنگيل وڻن منجهان،

هڪ وڻ گم آهي،

ڇا اُن کي ڪنهن ٻالڪ چورايو؟

يا اُهو پکي ٿي،

ان روشندان مان اُڏامي ويو؟

جنهن مان، نيري آسمان جو ليئو،

هميشه ساڻن ڳالهيون ڪندو هو،

آسمان جو ليئو ئي ڄاڻي ٿو،

ته ڀت تان اُڏامي ويل وڻ،

ڪنهن چورايو آهي،

هوا ته بنهه بي خبر آهي،

ڪالهه کان،

ڪمري جي ڀت تي ٽنگيل وڻن منجهان،

هڪ وڻ گم آهي!

هي نظم ڪيڏو نه خوبصورت آهي جنهن ۾ وسيم سومري اڃايل احساس سجائي لکيو آھي. هائيڪن جهڙي ڪنهن معصوم ٻالڪ جي مرڪن جهڙو معصوم احساس هن صنف ۾ سائين وسيم سومرو صفا من ۾ ڪا بهار آڻي ٿو ڇڏي.

مون جيئن در کوليو،

اتر ڀاڪر ۾ ڀري،

مونکي ڇاڇوليو.

ڪهڙا وڻ هئا، 

هو جي تارن جا اُتي،

ويندڙ ڌڻ ھئا.

ڌڻ کي وڻ جي ڪاڻ،

ويٺو آھي ڇانو ۾،

تون به ته سڱ سڃاڻ.

هنن خوبصورت هائيڪن ۾ وسيم سومرو پاڻ به ڄڻ ته چوڏهين جي چنڊ جيان نروار ٿيو بيٺو آھي جنهن ۾ مون جيئن دري کولي اتر جي هوا ڀاڪرن ۾ ڀري ڇاڇوليو ته وري ڪٿي رات جو تارن کي گردش ڪندي ڏسي ٿو ۽ ڄڻ ته تارا ڌراڙن جي ڌڻ جيان گهمي رهيا آھن. ادبي کيتر ۾ منهنجو استاد وسيم سومرو آھي جيڪو بيحد حساس انسانن مان هڪ آھي جنهن جي طبيعت ۾ مون ڪڏهن به ڪاوڙ نه ڏٺي، هُن سنڌي شاعريءَ جي هر ڏکئي وڏي توڙي ننڍي بحر تي لکيو آھي ۽ لکندو آھي هڪ طويل غزل ۾ لکي ٿو ته: 

منهنجي سپنن جي سفر ۾ ننڊ نيريءَ جو سفر!

ڪيستائين ڏس هلي ٿو يادگيريءَ جو سفر!

هاڻ پڃري کي ڀڃڻ جي تون گهڻي ڪوشش نه ڪر،

راس منهنجي روح کي آ، هي اسيريءَ جو سفر!

گلاب جي گلن سان واسيل غزل جنهن ۾ تجسس ۽ نرالي ڪيفيت سمايل آھي شاعر جا خيال هماليه جيڏا ان کان ڪجھ وڌ آھن جن ۾ شعرن جا پوپٽ غزل کي رنگ ڀري ٿا ڇڏين. ڏٺو وڃي ته شاعر جا جذبا  احساس ۽ ڏات ڪڏهن به مرڻ وارا ناهن ها بهرحال وقتي طور تي جدا ٿيندا تيئن ئي شاعر جي به پوري شاعريءَ جو ڪاٿو ڪو نه ٿو لڳائي سگهجي ڇو ته شاعر سمنڊ آھي ۽ ڏات انهيءَ مان درياھ ٿي وهندي آھي. وسيم سومري جي شاعريءَ تي جيترو لکجي سو گهٽ ڇو ته سندس شعرن جي خوشبو اهڙي گل جي خوشبو آهي جيڪا هڪ ڀيرو پسڻ کان پوءِ من ۾ ساھ جيئن سمائجي ٿي وڃي.

***