فيسبوڪ طرف وڌندڙ رجحان
اڄ جي ھن آرٽيڪل جو عنوان سمارٽ موبائل ۾ ھلندڙ ھڪ مشھور ميڊيا پليٽفارم جي نالي فيسبوڪ سان رکيو ويو آھي، ھن عنوان تي لکڻ کان اڳ پڙھندڙن کان معذرت وٺندي ٿورڙو پوئين صدي تي ھڪ نظر وجهڻ گھران ٿو ته پوئين صدي ۾ اڄ جون ميڊيا سھولتون نه ھئڻ سبب ھر ڪھاڻيڪار، شاعر يا ڊرامانگار کي دنيا جي نظرن آڏو اچڻ لاءِ ڪافي ڏکين مرحلن مان گذري پار پوڻو هوندو ھو. تڏھن سينيما، ٽي وي ۽ ريڊيو جون سھولتون موجود هيون. ريڊيو تي ته صرف آواز ٻڌڻ ۾ ايندو ھو باقي تصوير نظر نه ايندي ھئي، تنھنڪري اڪثر ماڻھو ٽي وي تي پاڻ ڏيکارڻ لاءِ مشڪلاتن جو شڪار رھيا، بنسبت پوئين صديءَ کان ھيءَ صدي تمام ترقي يافته آھي. ميڊيا جون سھولتون اسان جي کيسي ۾ موجود موبائل ۾ ميسر آھن، اسان ڪٿي به ڪوبه ٽي وي چينل ڏسي سگھون ٿا، خبرون ٻڌي سگھون ٿا، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويٺل ماڻهوءَ سان مختلف ايپليڪيشنن جي ذريعي رابطو ڪري ڳالهائي به سگهون ٿا ۽ ان جي تصوير به ڏسي سگهون ٿا، نه صرف شين کي ڏسي سگهون ٿا، پر انهن کي فون جي حافظي ۾ محفوظ به ڪري سگهون ٿا وغيره. موبائل فون ۾ موجود ميڊيا ايپليڪيشن جي فھرست ۾ فيسبوڪ جو نالو پڻ اچي وڃي ٿو. فيسبوڪ ھڪ ڪارائتي ۽ سولي ايپليڪيشن آھي جنهن ۾ اڪائونٽ رکندڙ ماڻهو پنهنجي وال تان پنھنجا خيال، شاعري، ڪھاڻيون مختلف قسمن جون پوسٽون سڀ ڪجھ دنيا تائين پھچائي سگھي ٿو ۽ کيس ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آساني سان سندس خيالن تي رايا ڏئي سگھن ٿا. سچ پڇو ته فيسبوڪ ھڪ منفرد، بھترين ۽ سولي ايپليڪيشن هجڻ ڪري نوجوان جن جو تعلق مختلف شهرن، ڳوٺن ۽ گهرن سان آهي ان کي پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ استعمال ڪن ٿا.
فيسبوڪ استعمال ڪندڙ ھر فرد ڄاڻي ٿو ته فيسبوڪ ڪيترو ڪارائتو پليٽ فارم آھي. بنسبت پوئين صدي جي خط لکي مھينن جا مھينا موٽ لاءِ انتظار ڪرڻ واري مرحلي کان ھي ايپليڪيشن تمام مضبوط رابطا رکڻ واري ايپليڪيشن آھي.
فيسبوڪ سڄي دنيا جي ماڻهن کي هڪ هنڌ تي ڳنڍي رکيو آھي ۽ هڪ گلوبل وليج جو تصور قائم ٿيو آهي. جتي ان ڳالهه جي خوشي آهي اتي ٻئي طرف ڏسجي ته ڪجهه نوجوانن کان فيسبوڪ قلم ۽ ڪتاب کسي ورتو آهي ۽ تعليمي ميدان ۾ پاڻ ملھائڻ وارو جذبو به کسي ورتو آھي. هجڻ ته ائين گھرجي ته نوجوان ان ايپليڪيشن کي مثبت طريقي سان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪتب آڻيندي مختلف شيون ۽ هنر سکي سگهن ٿا. ٻوليون سکي سگهن ٿا، دنيا جي مختلف ماڻهن سان پنهنجو پاڻ کي ڳنڍي انهن جا خيال ۽ ويچار سمجهي انهن کي پنهنجي زندگي ۾ مثبت طريقي سان شامل ڪري سگهن ٿا. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ھڪ اسمارٽ فون ۽ ان جي ڪابه ايپليڪيشن اسان جي مٿان حاوي ڪيئن ٿي ٿئي جڏهن ته ان جون واڳون اسان جي ھٿ ۾ آھن. اسان کي پنھنجون ۽ پنهنجي زندگي جون ترجيحون منتخب ڪرڻيون پونديون، پڙھائي ۽ ٻين لازمي ڪمن کان فارغ ٿي ٿورڙي وقت لاءِ موبائل ڏسڻ کپي، پر انھي جي ابتڙ اسانجو نوجوان نسل پنھنجا حقيقي دوست قلم ۽ ڪتاب کي ڇڏي انھن کان جدايون ڪري ھن وقت مڪمل وقت موبائل فون کي ڏئي رهيا آهن. جنھن سان ايندڙ وقت ۾ اهڙن نوجوانن جي مستقبل کي ڪاپاري ڌڪ رسي سگهي ٿو. اسانجي آبادي جو وڏو حصو ننڍن ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ رهي ٿو، جنهن جي ڪري انهن کي اتي ڪاروبار لاءِ ذريعا به ميسر نه آهن ۽ وڏن شهرن ۾ ڪاروبار تي ڌارين جو قبضو آهي. جيڪڏهن اسان تعليم تي توجهه نه ڏنو ۽ پنهنجو قيمتي وقت جنهن ۾ اسان پنهنجي مستقبل سازي تي ڌيان ڏئي سگهون ٿا. اهو وقت جيڪڏهن اسان مختلف سوشل ميڊيا جي ايپليڪيشنن کي ڏئي وڃائي ڇڏيون ته پوءِ اسان سڀ ڪجھ وڃائي ويهنداسين. جيڪڏھن اسان اينڊرائڊ فون جي فائدن ۽ نقصانن جو تجزيو ڪنداسين ته نقصانن ۾ ان جو اجايو ۽ گهڻو استعمال سرِفهرست ملندو. ڇو ته هن وقت نوجوانن جي مصروفيت جو محور گهڻو ڪري فيسبوڪ ئي آهي. اسان وقت وڃايون پيا ۽ ياد رکو ته وقت قيمتي ھوندو آھي، وڃايل وقت پلاند ضرور وٺي ٿو. اسان ته ھٿ تي ھٿ رکي موبائل فون ۾ اکيون وجھي ڪيترو ئي وقت وڃايون پيا ته مستقبل ۾ اسان جو ڇا ٿيندو اسان جا نوجوان اڄ فيسبوڪ تي بي سبب ماڻھن کي ھر وقت تنگ ڪندا رھن ٿا. نه رڳو ايترو پر ڪيترائي نوجوان پنهنجا اڪائونٽ عورتن جي نالي سان ٺاهي ٻين ماڻهن کي تنگ ڪندا رهن ٿا ۽ پنهنجو قيمتي وقت به وڃائن ٿا. نوجوان نسل کي عرض آهي ته پنهنجو قيمتي وقت انهن بيڪار مصروفيتن ۾ گهارڻ بجاءِ هو پنهنجي تعليم ۽ هنري سکيا تي صرف ڪن ته جيئن اڳتي هلي هو هڪ ڪامياب زندگي ماڻي سگهن. تعليمي ميدانن ۾ پاڻ ملھائڻ لاءِ جذبي سان ئي خوشحالي ٿيندي، ڇو جو نسلن جي خوشحالي جا فيصلا تعليمي درسگاهن ۾ ٿيندا آهن. ھنر سکو ڪاروبار ڪيو ڪجھ به ڪيو مطلب اھو آھي ته پنھنجي ايندڙ نسلن لاءِ ڪجھ ڪري وڃو. دنيا کي ڪجھ ڏئي وڃو، ياد رکو ته دنيا کي اھي ئي ماڻهو ياد رھندا آھن، جيڪي ڪجھ ڏئي ويندا آھن. ڪجھ ڏيڻ لاءِ ڪجھ ڪرڻو پوندو آھي ۽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ وقت جو مثبت استعمال ڪرڻو پوندو آهي.!!!
***