ادب

هڪ نظر هيڏانهن به
”علي دوست عاجز“

سندس تعلق سنڌ جي ان علائقي سان آهي، جتي لُڪ لڳي ٿي. اڪ تپن ٿا. رڃ جو راڄ آهي. اهو علائقو ۽ اتان جا ماڻهو سندس ئي سٽن ۾ سور جي ڪئنواس تي چرپر ڪندي اوهان کي نظر ايندا:

”هنن جا ڏک اُهي آهن، جو ڀائرن جي لاش تي اجرڪ به اوڌر تي وٺي وجهندا آهن!“

”هتان جي ماڻهن کي ورثي ۾ فقط ڏک ئي مليو آهي، جنهن کي هو ڪنهن قيمتي سامان وانگر سنڀاليندا ۽ ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪندا اچن ٿا. ان ئي ورثي جي وارثي منهنجي حصي ۾ به آئي آهي.“

اهو ڏک ئي آهي، جيڪو جنهن جي حصي ۾ اچي ٿو. اهو ديس جي ڌوڙ بڻجي وڃي ٿو ۽ اهو ڏُک ئي آهي، جيڪو جنهن جي حصي ۾ اچي ٿو. اهو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ خوشبوءِ جئن کلي ٿو.

اهو علائقو ميهڙ کان اولهه طرف چوويهه ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ڪاڇي جي ڪنڌيءَ تي ننڍڙو ٻيٽ نما ڳوٺ آهي. هتان جي مٽيءَ جو هڳاءُ ئي اهڙو آهي، جو وس ٿئي ته چوطرف مٽيءَ جي مٺي خوشبوءِ جون خرجينون کلي وينديون آهن. هتان جي شام خاموشيءَ جي چادر ڇڪي رات جي راهن تي رمندي رهندي آهي. هتان جا ماڻهو سج لٿي جو ئي در ٻيڪڙي پنهنجن ٻچن سان مٺا ٻول ٻولي ننڊ جي نگري ۾ گم ٿي ويندا آهن. وڏي اسر جو اٿي پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ ڏهاڙي تي ويندا آهن ۽ سج لٿي جو گهر ورندا آهن ته گهر جي چلهه ٻرڻ شروع ٿيندي آهي.

هي فريدآباد هاڻي اهو ناهي، جنهن ۾ ورند ويچارو هوندو هو ۽ شاهه جو پارکو وڏيرو رسول بخش ڏيرو هوندو هو ۽ سندس بچاءُ بند هيٺان کامن جي پاسي ۾ ٻيرن جا وڻ هوندا هئا. هيءُ فريدآباد اصل ماڻهو ڳڙڪائي ويو آهي ۽ انهن جي جڳهه تي اهي ماڻهو ايندا ٿا وڃن، جن جي ٻولي ئي ٻي آهي.

هو ڪير آهي؟ مون کي ڪابه خبر ناهي! ها، پر مون کي ايتري خبر ضرور آهي ته هو هڪ سراپا سور جو سمنڊ ضرور آهي! سور جو سمنڊ جنهن جي اندر ۾ سوين مڇيون ڦٿڪنديون رهن ٿيون. ان جي باوجود به هو؛ ان عورت جيان صبر ٿو ڪندو رهي. جيڪا پيءُ ۽ ماءُ جي عزت جي ڪري تڪليف جو پٿر پٺيءَ سان ٻڌي ٿي. هو؛ اهو صحرا آهي، جيڪو سوين ڏڪار سهڻ جي باوجود به هڪ ڪڪريءَ جي وسڻ سان به پنهنجي اندر مان زمين کي چيري سلو ڪڍندو آهي.

هو؛ ڪاڇي جي چيڪي مٽيءَ آهي، جيڪا وس کان پوءِ هڪ مخصوص خوشبوءِ پنهنجي اندر مان خارج ڪندي آهي، جيڪا جڏهن ذهن ۾ داخل ٿيندي آهي ته سرور جا ريشمي تاڪيا کولي ڇڏيندي آهي، ايئن ئي اوهان جي اڳيان جيڪڏهن هي اچي وڃي…. ڀلي اوهان ڪيڏي به ڪرب جي قبيلي جي ڪنڌيءَ تي بيٺا هجو ته توهان پو ساڳي ڪيفيت ۾ نه رهندا. هو ڀريل بادل بڻجي، اوهان جي ڪاڇي (ڪرب) تي وسندو ۽ اوهان کي ساوڪ (خوشيءَ) جي چادر چاڙهي ڇڏيندو.

خاموش رهندڙ ۽ جڏهن هو؛ ٻار هوندو هو ته عالمن جي محفلن ۾ ڪنڊ وٺي ڪچهري ٻڌندو هو. هو؛ اڄ به جڏهن ڪو جملو ڪنهن به حوالي سان چوندو آهي ته ڇيهه ئي ڇڄي پوندا آهن. توهان سندس ڪچهري ڪري ڏسو ته ڌيمي ڌيمي رفتار سان لفظن جي ادائگي ۽ انهن جي چونڊ ايئن ڪندو جهڙوڪ ڪو افسانو ٻڌائيندو هجي.

امان؛ هڪڙي ڳالهه ٻڌائيندي آهي ته ”هو؛ جڏهن پيارو اسٽيشن ۾ سائين عبدالرحمٰن شاهه؛ وٽ پڙهندو هو ته سندس ٻاراڻي عمر ۾ شادي ٿي. هو؛ بنهه تلهڙ / سنهڙو هو. هڪ ڀيري موڪلن جي ڏينهن ۾ ڳوٺ آيو. امان؛ ک (کي) چيائين ته امان؛ دعا ڪر! ته امان؛ کيس دعا ڏني ابا؛ الله! ڪندو ته ستان پُٽان جو پيءُ ڇندين (ٿيندين) ته…. ان دعا تي هن؛ حيرت نون چيو ته امان! ايترا پٽ جو ڇندا (ٿيندا) ته ڪير کارائيندون؟…. امان؛ ورندي ڏنيس ته ابا؛ الله! ڪندو ته ست پٽ به کائيندا ته ٻيا ماڻهو به کائيندا.“ ۽ نانيءَ؛ جي دعا حقيقت جو روپ ڌاريو. اسان ڏٺو ته کيس ست پٽ ٿيا. نياڻيون ٿيون ۽ هن پنهنجي اولاد سان گڏوگڏ راڄن کي به کارايو.

مان جڏهن هن جي ٻارن لئه لکيل لولي ”الله هُو…. الله هُو….“ ممتاز لاشاريءَ؛ جي آواز ۾ ٻڌندو آهيان ته منهنجي چهري تي ڳوڙهن جو ڳوٺ ٻڌجي ويندو آهي. هڪ غزل جي محفل ۾ ندا فاضلي؛ امير خسرو؛ جي غزل

”زحال مسکیں مکن تغافل دورائے نیناں بنائے بتیاں“

تي ڳالهائيندي. جڏهن ان جي تشريح ڪندي خاموش ٿي ويندو آهي ۽ اڳتي ڪجهه به ناهي ڳالهائي سگهندو. بلڪل ايئن ئي مون سان ٿي رهيو آهي جو سندس ان لوليءَ جي تشريح ڪندي مان خاموش ٿيو ٿو وڃان!

هُن اڳيان هر روز هڪ نه، پر هزارين ڀيرا چار اکيون ڀريل بادلن جيان وڏ ڦڙا وسائن ٿيون ۽ هو هڪڙي بند ڪمري ۾ ڪرسيءَ تي ويٺل آهي. آڏو رکيل ٽيبل تي ڪورا ڪاغذ پيا آهن. جن تي شاعري لکي رهيو آهي. سوچي ٿو…. چشمو لاهي ۽ پائي ٿو…. ڪجهه لکي ٿو وري سوچ جي صحرا ۾ ڪونج جيان ڪرڪي ٿو. هو جنهن ڪمري ۾ رکيل ڪرسيءَ تي ويٺو آهي. ان ڪمري جي چو طرف ڪٻٽن ۾ رکيل ڪتاب کيس اها التجا ڪري رهيا آهن ته اي! ساجان؛ جا اُمارو؛ اي! شاعر هنن جي اکين ڏانهن نهار جيڪي ڀريل بادلن جيان وڏ ڦڙا وسائي رهيون آهن!

مون؛ کيس هڪ ڀيري اکين ۾ ڳوڙها ڏٺا هيا. نانيءَ؛ جِي تدفين وقت…. ويجهر ۾ سندس؛ خاڪن جو ڪتاب ”مٿي ڪلهن ڪينرا“ ڇپيو ۽ اهو ڪتاب پنهنجي محسن صوفي چنيسر جهتيال جي پٽ کي ڏيڻ لئه مون کي ساڻ نيائين. اتي پهتاسين…. مزار تي دعا گهري ويٺاسين ته ايتري ۾ صوفي صاحب جو وڏو پٽ آيو. ساڻس چنيسر صاحب جون يادون ونڊيندي هر جملي جي اڌ ۾ اکيون ۽ ڳلو ڀرجي پئي آيس. مون کي ايڏي ته حيرت وٺي وئي جو هو سور کي ايئن پي پيو وڃي، جيئن ڪو جون مهيني جي تکي اُس ۾ پيرين پنڌ مسافر کي اُڃ لڳي ۽ هڪ ساهيءَ ۾ مٽ کي مزي سان پي وڃي!

درياهه جيڪو سڀ جو پيءُ آهي ۽ ان درياهه سان سندس؛ ياراڻي کي ڏسي ڪري هڪ خوشگوار احساس ٿيندو آهي. هو؛ ”سائر جي سوداءُ“ ۾ سڙي خاڪ ٿيندي نظر ٿو اچي ته ”فونيڪس“ جيان وري جيئرو ٿي اڀ ڏانهن شعري اوچي اُڏام ٿو ڪري. مون کي خبر ناهي ته هو هن وقت ڪيئن ۽ ڪٿي هوندو/آهي، پر مون کي اها خبر ضرور آهي ته سڄڻ، ساڻيهه ۽ سائر جي مالها ضرور جپيندو هوندو!

ناءَ ڪنڌيءَ جي چپن کي چمي ٿي:

ڪاڇي کان حيدرآباد ۽ ٿر تائين هو هڪ ڪريون وکون کڻندو رهي ٿو. مون محسوس ڪيو آهي ته سندس بي چين روح کي راحت ڏيڻ لئه ئي هو عمر جي هن حصي ۾ به پاڻ کي شاعريءَ ۽ سفر ۾ مصروف ٿو رکي نه ته سور جو سمنڊ هن کي پاڻ ڏانهن سوري سگهيو پئي. ويجهر ۾ کيس دل جي تڪليف ٿي ته مون جي من ۾ هن لئه محبت ٻه رتيون وڌيڪ پيدا ٿي. هڪ هن جي شخصيت، ٻيو هن جي شاعري، ٽيون هن جي محبت…. انهن سڀني جي ڪري به هو مون کي پيارو هو ۽ آهي!