نئونناول

هائپرسومنيا (ناول: باب ٻارهون)

ماريه کي واپس گهر ايندي ايندي رات ٿي وئي ھئي، ھوءَ عبدالرحيم لاءِ پکين جي زندگيءَ بابت ڪِيو ميڪلير جو لکيل ڪتاب Birds, Arts Life A year of observation وٺي آئي ھئي.
“مان به ڪجهه ڏينھن کان چاھيان پيو ته، پکين جي زندگيءَ بابت ڪجهه ڪتاب گهرايان!” ڪتاب ڏسندي ئي کيس چيائين، ھڪ پل رکي سندس ٿورو مڃي، کيس ڀاڪر پاتائين، انھيءَ ڀاڪر ۾ آسيس جون انيڪ لھرون ھيون، جيڪي سندس وجود ۾ تحليل ٿي ويون ھيون.
“ڪجهه وقت کان سوچيان پيو ته، پکين جي تحفظ ڪاڻ ھڪ تنظيم ٺاھيان!” ھن کيس چيو.
“ضرور.” ماريه هڪدم وراڻيو.
ھڪ سمي کانپوءِ کيس چيائين: “انھيءَ سان ڪيترن ئي پکين جي نسل کي بچائي سگهبو! ھينئر ته، ھونئن به ڪيترن ئي پکين جو نسل خطري ھيٺ آھي!”.
“بلڪل.” عبدالرحيم ھلڪي آواز ۾ کيس وراڻيو… سندس ان آواز ۾ پکين جي نسل جي خاتمي جو وقت ويجهو ٿيندي محسوس ٿي رھيو ھو.
انھيءَ گفتگو مان اک ڇنڀ ۾ نڪري، عبدالرحيم سوچي ورتو ھو ته، ھاڻي پکين جا نسل ته ڇا پر، ھو بذات خود خوابن جي خطري ھيٺ آھي، کيس پڻ ڪنھن مسيحا جي ضرورت آھي، جيڪو سندس وجود بچائي‏ سگهي!
ان رات گهڻي دير تائين کيس ننڊ نه آئي ھئي ۽ ھن ننڊ ڪرڻ به نه چاھي ھئي. ماريه سندس ڀر ۾ ستل ھئي. ھن ڪي ئي ڀيرا کيس ڀاڪر پائي، پاڻ کي پنھنجي ڪمفرٽ زون ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر، ناڪام رھيو ھو. اچانڪ بي خوديءَ جي عالم ۾ اچي عبدالرحيمَ کيس ڀاڪر ۾ زور ڏنو ته، ھوءَ ننڊ مان سجاڳ ٿي پئي ھئي… ۽ مرڪي ڏانھس ڏٺو ھئائين. سندس مرڪڻ باوجود به عبدالرحيم کي پنھنجي اھڙي بي ساخته عمل تي ندامت ٿي.
ماريه پاسو ورائي کيس پنھنجي ٻانھن ڏني، عبدالرحيم کيس ڪلھي تي ۽ ڇاتيءَ جي ساڄي پاسي چمي ڏني… ھو ڪا دير ائين ھڪٻئي جي ڀاڪرن ۾ رھيا ھئا… پر، عبدالرحيم کي ان منجهان به ڪوفت ٿيڻ لڳي ھئي، کيس زال جي ساھن جو آواز زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو پريشان ڪري رھيو ھو.“باھه لڳندي مطلب!؟ شھر کي ڪير ساڙيندو ڇا؟” ھن کانئس پڇيو.
“باھه لڳندي مطلب شھر اجڙندو!”ڪراڙي کيس چيو، ۽ سندس جواب جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ ھليو ويو ھو… ان پل عبدالرحيم غور ڪيو ته، ان ڪراڙي کي ڪڇ ۾ ٻليون پڪڙيل ھيون.
ھن ڏٺو ته: ھو ڳوٺ ۾ پنھنجي سئوٽن سان گڏ ڇري واري بندوق سان ڳيرا ماري رھيو آھي، وري ھن پاڻ کي سرنھن جي فصل ۾ بيٺل ڏٺو، جتي ھو تترن جو شڪار ڪري رھيو آھي…
ان کانپوءِ ھن ڏٺو ته: اٺن جو وڳ آھي، مختلف نسلن جا ڪيترائي اٺ آھن، ڪي رڙن پيا ته ڪي وات مان پنھنجي زبان ٻاھر پيا ڪڍن ته، ڪي ھيٺ زمين تي ويٺل آھن… ٻئي پل ھن پاڻ کي ھڪ اٺ تي سوار ڏٺو، کيس خبر ناھي ته ڪيڏانھن ڪاھي پيو آھي… پر، ھو ھڪ اھڙي مست اٺ تي سوار ٿيو آھي، جيڪو سواريءَ کان پھرين بي پناھه گوڙيون ڪري رھيو ھو… مھار سندس ساڄي ھٿ ۾ آھي، پھرين اٺ آرام سان ھلي رھيو آھي، پر نه ڄاڻ ڪنھن خيال ڪارڻ عبدالرحيم اٺ کي تيز ھلڻ لاءِ جيئن ھڪليو آھي ته، اٺ مڇرجي پيو آھي… ۽ تيز… گهڻو تيز ڊوڙڻ لڳو آھي، ھن ٿوھي ۾ پنھنجا ھٿ مضبوطيءَ سان وڌا آھن… کيس ڪِرڻ جو ڊپ وڪوڙي ويو آھي، ھن اٺ کي بيھارڻ چاھيو آھي، پر، اٺ بيھڻ کان انڪاري آھي… جنھن پل سندس اک کلي ته، ھن پنھنجو ئي آواز ٻڌو: “ھش… ھش… ھش!”
***