پاڪستانخاصنيو‍‍ز

سانا طرفان فاطمه جي والدين لاءِ گھر، روزگار ۽ ڀينرن جي تعليم لاءِ 15 لک روپين جي مالي سھڪار جو اعلان

سنڌي ايسوسئيشن آف نارٿ آمريڪا طرفان راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ قتل ٿيل 10 سالن جي معصوم ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي والدين جي مالي سھاتا لاءِ 15 لک روپين جو اعلان ڪيو ويو آھي، اھا امدادي رقم فاطمه جي والدين لاءِ روزگار جو بندوبست ڪرڻ، رڌڻي ۽ ٽوائليٽ سان گڏ ھڪ ڪمري جي گھر جي تعمير ۽ سندس ڀينرن لاءِ تعليم تي خرچ ڪئي ويندي.

سانا جي جنرل سيڪريٽري مشتاق راڄپر ۽ پريس سيڪريٽري افتخار ميمڻ پنھجي پڌرائيءَ ۾ چيو آھي ته آچر 27 آگسٽ تي سانا جو صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو ۽ طفيل ميمڻ متاثر خاندان سان سندن ڳوٺ خانواھڻ ۾ پنھجي مدد ۽ ساٿ جو يقين ڏيارڻ لاءِ سندن ڳوٺ ويندا ۽ فاطمه جي والدين کي گذارش ڪندا ته ھو انصاف جي حاصلات لاءِ جدوجھد تان ھٿ ھر گز نه کڻن. گرفتار ماڻھن سان ڪو به سمجھوتو نه ڪن. جڏھن ڏوھارين کي سزا ايندي تڏھن ئي معصوم فاطمه سان انصاف ٿيندو.

پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ رھندڙ سنڌي ماڻھو پيرن جي حويلين ۾ ڪم ڪندڙ معصوم ٻارن جي ڪم ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪن ٿا. ٻارن کان پورھيو ڪرائڻ عالمي توڙي ملڪي قانون جي خلاف آھي.

سانا طرفان اعلان ڪيل مالي امداد مان پيرن جي حويلي مان زندھ بچي نڪتل ٻن ٻين ڇوڪرين اجالا ڦرڙو کي پڻ 50 ھزار مالي امداد طور ڏنا ويندا.

سانا جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ھن جديد دور ۾ پيري مريدي جي ڪا به جاءِ نه آھي. سنڌي ماڻھن کي پنھجي نياڻين کي اسڪولن ۾ پڙھائي بھتر مسقتبل لاءِ تيار ڪرڻ گھرجي. غربت، جھالت ۽ پسماندگي مان جند آجي ڪرائڻ جو رستو صرف تعليم ئي آھي. سانا جا ميمبر سنڌ جي ماڻھن سان گڏ ڏکئي وقت ۾ بيھندا رھندا.