پنجاب جي عبوري وزير اعليٰ جو نالو واپس وٺڻ تي پي ٽي آءِ تي تنقيد
ڪالهه بني گالا ۾ عمران خان جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب جي عبوري وزيراعليٰ جو نالو واپس ورتو وڃي، جنهن بعد پي ٽي آءِ تي سخت تنقيد ٿي آهي. نئون نالو اڄ وزيراعليٰ ڏانهن مشاورت لاءِ موڪليو ويندو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي آپوزيشن ليڊر جو چوڻ آهي ته اسان اهو نالو نيڪ نيتي جي بنياد تي ڏنو هو، پر غلطي اها ٿي ته ان کي ڪجهه ڏينهن پنهنجي ميمبرن کان لڪايو ويو، پر نالو ظاهر ڪرڻ بعد انهن پاران سخت تنقيد ڪئي وئي. هن چيو ته اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ناصر کوسا نواز شريف سان گڏ ڪم ڪيو آهي ۽ هن جي نالي جي چونڊ ٿيڻ نواز شريف جي سلسلي جو جاري رهڻ هوندو، جيڪو اسان جي پارٽي خلاف به ڪم ڪري سگهي ٿو. ان ڪري ئي اسان اهو نالو واپس ورتو، نوٽيفڪيشن اڃان جاري نه ٿيو هو ان ڪارڻ نالو واپس وٺڻ ممڪن هو.

