وڏي وزير پاران ڪراچي کي صاف ڪرڻ لاءِ بلو جيڪٽ موومينٽ شروع

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي کي صاف رکڻ لاءِ مهم شروع ڪئي آهي، جنهن جو نالو بلو جيڪٽ موومينٽ آهي ۽ هن جو سلوگن Say no to open littering رکيو ويو آهي. هن مهم جو مقصد کليل جڳهين تي ڪچرو اڇلائڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ آهي. هن مهم جي شروعات ڪراچي ڏکڻ کان ڪئي وئي جنهن جو دائرو بعد ۾ وڌايو ويندو. ڪالهه مهم جي آغاز واري تقريب ۾ صوبي جي وزيرن، صلاحڪارن، ٽي وي اداڪارن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي. تقريب سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اهو بنيادي طور تي حڪومت جو ڪم آهي ته اها شهر کي صاف رکي، پر عوام جي به ذميداري آهي ته اهي پنهنجي محلن ۽ علائقن کي صاف رکن. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي وڏي وزير جي هائوس ۾ هڪ شڪايتي مرڪز شروع ڪيو ويندو، جتي سڄي شهر مان ڪٿان به گند نه کڻڻ يا ٻوهاري واري جي نه اچڻ جي شڪايت درج ڪرائي سگهجي ٿي. بلو جيڪٽ مهم بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ڪجهه علائقا چونڊينداسين جنهن جي صفائي کي نموني طور سامهون آندو ويندو. مهم جا رضاڪار انهن علائقن ۾ مستقل ڪم ڪندا. هن موقعي تي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو ته هن مهم لاءِ ڪل 600 رضاڪارن پاڻ کي رجسٽر ڪرايو آهي جنهن جو مطلب آهي ته هن شهر جا ماڻهو پنهنجي شهر کي صاف رکڻ چاهين ٿا بس ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن کي گائيڊ ڪيو وڃي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *