خاص

پي ڊي ايم کان لاتعلقي: پيپلز پارٽي استعيفائون فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهچائي ڇڏيون

پيپلز پارٽي پي ڊي ايم کان لاتعلقي واري اعلان جي فيصلي تي عمل ڪندي سمورن عهدن تان استعيفائون فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهچائي ڇڏيون آهن. جنرل سيڪريٽري نيئر بخاري شيري رحمان، راجه پرويز اشرف ۽ قمر زمان ڪائره جون استعيفائون پهچايون ويون. پيپلز پارٽي جو پي ڊي ايم عهدن تان استعيفائن جو معاملو چيئرمين بلاول ڀٽو جي لکت ۾ منظوري کانپوءِ پيپلز پارٽي استعيفائون مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهچائي ڇڏيون. جنرل سيڪريٽري سيد نيئر حسين بخاري جي ذريعي استعيفائون مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهچايون ويون. واضح رهي ته پي ڊي ايم سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي چونڊ دوران بلوچستان عوامي پارٽي کان ووٽ وٺڻ تي پيپلز پارٽي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو.