نئون

سنڌ حڪومت عوام جي معلومات تائين رسائي لاءِ ڪميشن جوڙي ورتي

عوام کي معلومات تائين پهچ ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران رائيٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ آڻڻ لاءِ ڪميشن جوڙي ورتي آهي، جنهن جو سربراهه شاهد گلزار شيخ هوندو، جنهن کي چيف انفارميشن ڪمشنر جو عهدو هوندو. هن ايڪٽ جو مقصد سرڪاري ادارن ۾ ٿيندڙ ڪم ڪار بابت عوام جي پهچ کي ممڪن بنائڻ هوندو. هن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن صوبائي انفارميشن اينڊ آرڪائيز منسٽري پاران جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تي ترت عمل ڪرڻ جو نوٽيس به هنيو ويو آهي. سنڌ انفارميشن ڪميشن جو چيف انفارميشن ڪمشنر شاهد گلزار حسين شيخ هوندو. ان کان علاوه گل منير شاهه ۽ سڪندر هليو ان ڪميشن جا ڪمشنر هوندا. واضح رهي ته 14 مهينا اڳ ٽرانسپيرنسي ايڪٽ جي اچڻ کانپوءِ چئن مهينن جي اندر هن ڪميشن کي قائم ڪرڻو هو، پر ان تي عمل ڪرڻ ۾ 14 مهينا دير ڪئي وئي آهي. هن ڪميشن جي طريقيڪار مطابق هر صوبائي اداري کي پنهنجو هڪڙو آفيسر مقرر ڪرڻو آهي، جيڪو عوام جي درخواستن تي اداري پاران جواب ڏيندو. ان کان علاوه هن ڪميشن جو سربراهه هڪ رٽائر سينئر گورنمينٽ جو آفيسر هوندو، جنهن جي لاءِ ضروري آهي ته اهو 20 گريڊ کان مٿي جو هجي. جڏهن ته هن وقت مقرر ڪيل ڪمشنرن مان هڪ اڳواڻو جج آهي ۽ ٻيو سول سوسائٽي سان واسطو رکي ٿو. هن ڪميشن جي اچڻ کانپوءِ ڪنهن به شهري جي درخواست تي لاڳاپيل اداري بابت يا ان جي ڪنهن اهڙي عمل بابت معلومات درخواستگذار کي ڏئي سگهجي ٿي، جنهن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح ان درخواستگذار سان تعلق هجي.