شاعرينئون

شاعري

شبانه عالماڻي

گهڻ رخي شخصيت سرتي پروين موسيٰ ميمڻ کي منظوم ڀيٽا بيتن ۾:

دريا جيئين ديدَ ٿئي، پَرِکِين ٿي ڇوليُون،

پياريون توکي ٿيون لڳن، ٻاجهاريون ٻوليُون،

ويهي اڄ کوليُون، جيڏي! جيئڻ ڳالھڙِيون.

__

مَڃوتِي ڏِيندِي رهي، سڀ کي آهين تُون،

پرکيو مُون “پروين” آ، تو وٽ سَچُ سوچُون،

لَکڻَ مان ڏسجن پيون، تنهنجون سڀ لوچُون،

ڏينهَن حياتي ڏُون، ڏورين ٿي ڏکڙا کڻي.

__

تنهنجين اکين ۾ عِلمُ، تو وٽ جذبا، جهاتِ،

صبح ٿيندو سوجھرو، رڻ ۾ ٿوري راتِ،

توکي ڏاتر ڏاتِ، ڏني ڏکندڙ ڏيھَه ۾.

___

اکرن جي پاتال ۾، لهندين آهين تُون،

تنهنجي هر ڪتاب ۾، جاچيو آهي مُون،

تو وٽ ئي جوتُون، تو وٽ اوتون عشق جون.

__

تو وٽ ڪِلڪَ، ڪتاب آ، تو وٽ شانُ شعورُ،

تو وٽ موھُ مٽيءَ جو، دُوئي توکان دُورُ،

ليکڪ تنهنجي من اندر، صدين کان مزدورُ،

خوب “شبانه” نورُ، توکي ڏاتر آ ڏنو.

***

ڪامران اختر صديقي

سنڌوءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرين ٿو،

تون رِڻ پنهنجو آباد ڪرين ٿو،

ڏڪار چاهي سنڌ واسين لاءِ،

پنهنجي سک جو خواب ڏسين ٿو.

سنڌ، سنڌي ۽ سنڌو درياءَ،

هڪٻئي ۾ آ ساهه سندن جو،

ڌار ڪرڻ ڪو سولو ناهي،

ساهه ڇنڻ ڪو سولو ناهي.

ڦڙي ڦڙي جيئن تلاءُ ٿئي ٿو،

دريا دريا تيئن سنڌو ٿئي ٿو،

هر سنڌيءَ جو آ ساهه سنڌوءَ ۾،

ذات ۽ پات جو فرق ئي ناهي،

دشمن سنڌوءَ تان ميري نظر هٽاءِ،

پنهنجو ٿورو عقل هلاءِ،

سنڌ، سنڌي ۽ سنڌو دريا،

ٿيندا ڌار نه، ڪڏهن او چريا.

***

نظم

آغا جان آغا

تاريخ بي رحم اٿئي!

ڌرتي ماءُ ٿئي، درياھ ٿَڃ ٿئي،

راهه ۾ رهزن ٿئي، حلالي پُٽ بڻجي،

ديس خاطر جَھيڙين ڇو نه ٿو؟

اقتدار ته اچڻو وڃڻو آھي،

جو مَنصب مُنھُن تي ڪارنهن مَلَي،

ھڻي ٿُڏو تنھن کي، ڇَڏين ڇو نه ٿو؟

اھي ڀاشڻ رک پاڻ وٽ،

ماضيءَ جي کِڙڪي مان،

مير جعفر، مير صادق ڏِسين ڇو نه ٿو؟

ھي واھڻ وستي، مٿي نيرو امبر

ھر طرف ھريالي، دل آويز  آهي منظر

ٻَنيون ٻارا ۽ ھي گذر سفر،

دريا! حُسن ارپيو آھي ڌرتي کي،

پاڻي جياپو آھي، نسل در نسل،

ڪھڙي آھي دل تنھنجي!

سڀ ڄاڻين ٿو، لُڇين ڇو نه ٿو؟

اٿي ديس واسين سان بيھه..!

وطن فروش نه ٿيءُ،

تاريخ بي رحم ٿئي،

ٻوٿاڙو لاھي رکندئي،

ٻُڏي مرڻ لاءِ پوءِ چُڪو پاڻي به نه ملندئي،

شرم ۽ حياءُ ۾ ٻُڏي مرين ڇو نه ٿو؟

***

غزل

مشتاق تماچاڻي

رڳو  ڏيکاءُ جمهوري  ٿن،

سڄا سارا يھودي هِن

اسين  مظلوم جا ساٿي،

اهي ظالم يزيدي هِن

ڏسو پرڪار پي پيءَ جا،

سندن ايمان ڪرسي ٿن

اسان  هون  يار دودن  جا،

هنن  جا  يار،  ليگي هِن

اسين رکوال، ڌرتيءَ جا،

نظريا قوم پرستي هِن

اسين  آهيون  جيئي سنڌ جا،

ڏسو سينگار، سولي  هِن.

***

غزل

اسد انڙ

دردَ  جو  اتھاسُ  آ انسانَ  جي  اتھاسَ ۾

عشقَ جو احساسُ آ انسانَ جي احساسَ ۾

وقتَ  جي  ورقن  سندو  آھي گھڻو ٿِيَڙو

وقتَ جو وشواسُ آ انسانَ جي وشواسَ ۾

ڇا  ٿِيو  ٿورو  مگر  ڇاھي  گھڻو  ٿِيَڙو

آدمي اڀياسُ آ انسانَ  جي اڀياسَ ۾

ڳاھُ  عملن  جو  بشرُ  ڳاھي گھڻُو  ٿِيَڙو

ماڻھپو ئي  ماسُ آ  انسانَ جي ئي ماسَ ۾

روحَ  جو  رشتو  اَسَدَ  چاھي  گھڻو  ٿِيَڙو

مَڃُ وجودي واسُ آ انسانَ جي ئي واسَ ۾.

***

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

دين ۽ دنيا سنواڻ، رمضان اچي ويو

دل مومن جو وڌائڻ، رمضان اچي ويو

صبر جي هدايت ۽ سبق استقامت جو

عمل سڌارڻ لئه، رمضان اچي ويو

جوش ۾ آهي چوطرف، دريا سخاوت جو

کُلڻ لڳا خزانا، رمضان اچي ويو

جاري ٿيو آهي، نزول بخششن جو

کڻي رحمتون الاهي، رمضان اچي ويو

آهي هر چهرو روشن ۽ قلب سڀنن جو

“پروين” مهينو آيو بابرڪت، رمضان اچي ويو

***

 زاهده ابڙو

هُو عشق جي ڳليءَ ۾ سرهاڻ ونڊڻ آيو،

۽ سونهن جي نگر ۾ چانڊاڻ ونڊڻ آيو.

اڄ رات منهنجي اکڙين مان ڪهڪشائون اڀريون،

هو سمنڊ نينهن پيار جو، مهراڻ ونڊڻ آيو.

هر سار سُڏڪو آهي، هر لمحو کٽڪو آهي،

منهنجي اکين مان وهندڙ آلاڻ ونڊڻ آيو.

جڏهن به کير کنڊ ۾، ملندو مٺو ٿي ويندو،

پنهنجو وجود ڳاري، ڳاراڻ ونڊڻ آيو.

هيءَ ڪائنات منهنجي نيڻن مان ڇُلڪي پوندي،

اوتي شراب پيالا، ڇُلڪاڻ ونڊڻ آيو.

***