محبوب جِي مُرڪ جهڙو ماڻهو، اياز گل
مون کي نثر جي نگريءَ مان لڏو کڻندي تقريبن ڏيڍ مهينو ٿي ويو آهي ۽ مان هن وقت نظم جي نيري نديءَ ۾ هڪ ٻيڙيءَ تي سير ڪري رهيو آهيان. ان سير دوران مون کي هڪ ٻيٽ نظر ٿو اچي، جنهن جي ڪنڌيءَ تي مان ٻيڙي بيهاري هيٺ لهان ٿو ته منهنجو آڌر ڀاءُ هڪ خوبصورت مُک مُرڪ جي مُکڙي آڇي ڀاڪر ۾ ڀري ٿو. مان کيس ڀڳت ڪنورام جيان ٻانهون ٻڌي سيني تائين آڻيان ٿو ۽ بدلي ۾ چپن جي ٽاريءَ تي مُرڪ جو گُل ٽڙي پوي ٿو.
هو مون کي هڪڙي اهڙي هنڌ ويهاري ٿو، جتي چئني طرفن کان مختلف مورتيون مُرڪي رهيون آهن ۽ آرٽ جا نادر نمونا اکيون کڻي نهاري رهيا آهن. هو منهنجي سامهون ويٺو آهي، جهڙوڪ شاعريءَ جو شهر ڪَر کنيو بيٺو آهي. سندس شخصي سڀاءُ اهڙو آهي، جهڙو ٻاجهه جو هٿ مٿي تي پيو هجي. کيس ڏسندي ئي منهنجي ذهن جي زمين زرخيز ٿي وڃي ٿي ۽ ڏور ڏور تائين ڌرتيءَ تي سائي چادر وڇائجي وڃي ٿي.
مون کي سنڌ اندر اهڙا گهٽ شاعر نظر آيا آهن، جيڪي پنهنجي حُليي ۾ ئي شاعر لڳندا هجن. هي اهو شاعر آهي، جيڪو پنهنجي حُليي ۾ ئي شاعر لڳندو آهي ۽ شاعر به اهڙو جهڙو کير جي ڀريل پيالي ۾ ترندڙ گُلاب جو گُل… هو اهڙو گُل ضرور آهي، جنهن پنهنجي نانءُ جي ڀرم جي ڀري صحيح سلامت کڻي شاعريءَ جي شهر پڄائي آهي. کيس ڏسندي مون کان خوشگوار حيرت جون حدون اورانگهجي وينديون آهن ته اهڙو نفيس نظر ايندڙ… ڪيئن نه شاعريءَ جي پُرخطر جهنگ مان ڪاٺيون ڪري سنڌي شاعريءَ جي شهر ۾ ماڙي ٺاهي ويٺو آهي ۽ اُها ماڙي اهڙي آهي، جنهن کي ڏسڻ سان ئي ٿڌو ساهه ڀرجي ٿو وڃي.
مون کي اها خبر ناهي ته هو سکر جي گرميءَ ۾ شاعريءَ جي ٿڌي ڇانو ۾ ويهندو آهي يا ”ڪنهن“ جي سار جي سُڳنڌ ۾ واسجي گرم سکر کي سنڌوءَ جي ٿڌي پاڻي جا ڇنڊا هڻندو آهي. سندس ڌيرج ڀريو لهجو ۽ شاعريءَ جي نرملتا کي ٻُڌي/پڙهي اهو چئي سگهجي ٿو ته هو؛ جون جي سج کي جنوريءَ جي سج ۾ مزي سان مٽائڻ جو خوب هنر ڄاڻي ٿو.
هو منهنجي اڳيان ويٺو آهي ۽ مان هن جي اڳيان ويٺو آهيان. هن جي چهري کي ڏسي ڪري منهنجي اندر ۾ ڪيئي سوال ڪر موڙي اٿيا ٿي ۽ مان ساڻس سوال اڳيان رکڻ ٿي چاهيا، پر اهو ٽاڻو ايترو مختصر ٿي ويو… جيترو ”هن“ کانپوءِ جيون جو سفر… جيئن ڪنهن باغ ۾ وڃبو آهي ۽ گُلن جي ويجهو وڃي، خوشبوءِ کي محسوس ڪندي سڪون جي سرحد تي پهچي وڃبو آهي، بلڪل ايئن ئي مان هن وٽ ويٺي انهن گُلن (شعرن) جِي خوشبوءِ محسوس ڪري رهيو هئس، جيڪي سندءِ شعر منهنجي حافظي جي حصي ۾ ان وقت آيا هئا، جڏهن مان اڃا شاعريءَ جي شهر ۾ داخل ڪونه ٿيو هئس!
اڄ به ڪيترين ئي دلين جي دائري ۾ هن جي شعرن جون سٽون ساهه واري شيءِ جيان چرپر ڪري رهيون آهن… ڇا اهو ڪنهن لاءِ اعزاز ناهي ته سندس شعر ڪنهن جي زبان کي سگهه بخشيندي اظهار بڻجي وڃن. ڪنهن به تخليقڪار کي جيئارڻ جي لاءِ هڪ سٽ ئي ڪافي هوندي آهي پر هن جون ته سوين سٽون حوالاتي بڻجي چپن ۾ چري رهيون آهن. اها منزل هر ماڻهوءَ جي حصي ۾ ڪٿي ٿي اچي، جو سندس تخليقي پورهيي کي پورهيت کان ويندي مزدور جي پگهر ۾ به جاءِ ملي ته وطن، ٻولي ۽ ثقافت جو حصو به بڻجي وڃي.
هر ڪو حسناڪيءَ جي هنڌ کي ناهي ماڻي سگهندو، هر ڪو محبت جي معراج کي ناهي ماڻي سگهندو ۽ هر ڪو مٽيءَ سان ملي مٽي ناهي ٿيندو… اهڙيءَ ئي طرح هر ڪو هر کنڊ ۾ ناهي پهچي سگهندو. شاعري اهڙو تخليقي شعبو آهي، جنهن جي آڌار تي اوهان حسناڪيءَ جي هنڌن کي به ماڻي سگهو ٿا ته محبت جو معراج به ماڻي سگهو ٿا ته مٽيءَ سان ملي مٽي به ٿي سگهو ٿا ته هر کنڊ ۾ خوشبوءِ ٿي پهچي به سگهو ٿا. اها شاعري ئي آهي، جيڪا فطرت جو فانوس هر وقت شاعر جي اکين اڳيان آڻي رکي ٿي.
هن جي هٿن سان غزلن جو اُڻيل غاليچو جڏهن ڏسجي (پڙهجي) ٿو ته رومانويت جا رنگين ڌاڳا ٻانهن ۾ ويڙهجي وڃن ٿا. سندس غزل ۾ محبوب سان تخاطب ڏسڻ وٽان آهي. هن جو محبوب سان مخاطب ٿيڻ سائڻ ۽ مٺيءَ جهڙن معصوم لفظن سان مون کي ايترو ئي وڻندو آهي، جيترو ”هُوءَ“ مون کي ”احمي“ چئي سڏيندي آهي.
***