غزه، جيڪو صديءَ جي سڀ کان ڊگهي محاصري هيٺ آهي، اڄ به دنيا جي بي حسيءَ جو تماشو ڏسي رھيو آهي۔ “گلوبل صمود فلوٽيلا” ان ئي محاصري کي ٽوڙڻ لاءِ نڪتل هڪ اميد جو قافلو هو، پر اسرائيلي بحري فوج جي جارحيت ان اميد کي پڻ ختم ڪري ڇڏيو. هي فلوٽيلا 45 ٻيڙين تي ٻڌل هو، جن ۾ دنيا جي 47 ملڪن جا لڳ ڀڳ 450 رضاڪار شامل هئا. صحافي، ڊاڪٽر، استاد، سياستدان ۽ امن جا ڪارڪن انهن سڀني جو هڪ ئي مقصد هو: غزه تائين انساني امداد پهچائجي. ڇاڪاڻ ته انسانيت جو حق ڪنهن سرحد جو محتاج نه آهي.
پهرين ۽ ٻين آڪٽوبر 2025ع جي وچ ۾ اسرائيلي بحري فوج بين الاقوامي پاڻيءَ ۾ فلوٽيلا کي روڪڻ لاءِ حملو ڪيو ويو. ٻيڙين تي سامونڊي ڦورن وانگر هٿياربند ڪمانڊوز سوار ٿيا ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي هٿڪڙيون ھنيون ويون. انھيءَ قافلي مان ھڪ ٻيڙيءَ “ماري نيٽ” ڪجهه وقت لاءِ فرار ٿي، پوءِ ان کي به 3 آڪٽوبر تي 75 ميل پري غزه کان پڪڙيو ويو. اهو علائقو بين الاقوامي قانون مطابق “فري واٽر زون” ۾ اچي ٿو، پر اسرائيل ان کي به پنهنجي عملداري قرار ڏئي ڇڏيو، جيڪو عالمي سامونڊي قانون جي مڪمل ڀڃڪڙي آهي.
اسرائيلي اختيارين جو الزام هو ته ڪجهه ڪارڪن حماس سان همدردي رکن ٿا، جڏهن ته فلوٽيلا جي منتظمين واضح ڪيو ته ٻيڙين ۾ رڳو خوراڪ، دوائون، ٻارن جو لاءِ کير ۽ طبي سامان هو، ڪوبه هٿيار نه هو. ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ اقوامِ متحده جي ماهرن هن حملي کي غير قانوني ۽ انساني حقن جي لتاڙ سڏيو. اسرائيلي اختيارين جي فهرست ۾ سڀ کان مشهور نالو سوئيڊن جي نوجوان ماحولياتي ڪارڪن گريٽاٿنبرگ جو هو، جيڪا پنهنجي نوجوانيءَ ۾ به ضمير جي آزاديءَ لاءِ سڃاتي وڃي ٿي. گريٽا چيو: “مون سمجهيو هو ته موسمي تبديليءَ کان وڏو بحران ڪونهي، پر جڏهن مون غزه جي ٻارن جا چھرا ڏٺا، مون ڄاتو ته اصل بحران انسانيت جي بي حسي آهي.” هن جي گرفتاريءَ کانپوءِ يورپ ۾ زبردست احتجاج ٿيا، ڪيترن ئي شهرن ۾ ماڻهن اسرائيلي سفارتخانن آڏو ٻارن جا جوتا رکي انسانيت جي خاموش علامت طور مظاهرا ڪيا.
پاڪستان کان ٻه نالا دنيا جي هن انسان دوست تحريڪ ۾ نمايان رهيا، اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان ۽ هڪ بهادر عورت ڪارڪن، جنهن پنهنجي خاندان کي ڇڏي هن مشن جو حصو بڻيا. سينيٽر مشتاق اڳ به فلسطين جي حق ۾ پارليامينٽ ۾ آواز اٿاريندو رهيو آهي ۽ هاڻي هن پنهنجي عمل سان دنيا کي ڏيکاريو ته همدردي لفظن سان نه، پر قربانين سان ثابت ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ انهن جي گرفتاريءَ کانپوءِ جماعت اسلاميءَ ۽ ٻين تنظيمن پاران ملڪ گير احتجاج ٿيا. وزيراعظم شهباز شريف سندن فوري آزاديءَ جو مطالبو ڪيو، پر ڪيترن حلقن حڪومت جي خاموشيءَ تي تنقيد ڪئي. سوشل ميڊيا تي #PakGovTakeAction4Sumud ۽#FreeMushtaqKhan ٽرينڊ ڪيا، جنهن ۾ لکين ماڻهن پنهنجي آواز کي غزه جي ماڻهن سان گڏ جوڙيو.
ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردگان چيو ته “هي حملا انسانيت جي بنيادن تي حملو آهن، اسرائيل کي دنيا ۾ جواب ڏيڻو پوندو” اٽلي، برازيل، آئرلينڊ، اسپين ۽ يونان جا وزيراعظم ۽ ٻيا اعليٰ عملدارن اسرائيل سان تجارتي ۽ سفارتي لاڳاپن جي جائزي جو اعلان ڪيو. اٽليءَ ۾ مزدورن جي يونينن قومي هڙتال جو اعلان ڪندي چيو ته “جيستائين غزه جا ٻار بکيا آهن، اسان جا ڪارخانا بند رهندا” بارسلونا ۾ فٽبال ليجنڊ پيپ گوارديولا جي اپيل تي هزارين ماڻهو هٿن ۾ “Free Gaza” جا پلي ڪارڊ کڻي رستن تي نڪتا. اهو احتجاج رڳو فلسطيني ماڻهن لاءِ نه، پر انسانيت جي بقا لاءِ هو.
غزه تي اسرائيلي ناڪابندي 2007ع کان جاري آهي. گذريل 18 ورهين ۾ غزه دنيا جو سڀ کان وڏو “اوپن ايئر جيل” بڻجي ويو آهي، جتي 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو قيد آهن. دوائن، بجلي، پاڻي، کاڌ خوراڪ، سڀ ڪجهه محدود ڪيو ويو آهي. اسپتالن ۾ ٻارن لاءِ دوائون ناياب ٿي ويون آهن ۽ ڪيترائي مريض علاج نه ملڻ سبب فوت ٿي رهيا آهن. اهي ئي حالتون آهن، جن سبب “صمود فلوٽيلا” جا ڪارڪن پنهنجون زندگيون خطري ۾ وجهي مدد لاءِ نڪتا.
“صمود” لفظ پنهنجي معنيٰ ۾ ئي پيغام آهي، استقامت، حوصلي ۽ اميد جو استعارو. هي فلوٽيلا تاريخ ۾ هڪ اهڙي جدوجهد جي صورت ۾ لکجي ويندي، جتي دنيا جي عام ماڻهن حڪومتن جي خاموشيءَ جي باوجود عمل ڪيو. اهو ثابت ٿي ويو ته جڏهن حڪومتون ناڪام ٿين ٿيون، تڏهن عوام جي ضمير ۾ انسانيت زنده رهندي آهي. هي واقعي رڳو غزه جي نه، پر سڄي انسانيت جي ڪهاڻي آهي. سوال اهو آهي ته ڇا دنيا جي طاقتور ملڪن جا ضمير هن ظلم کانپوءِ به خاموش رهندا؟ اڄ جيڪڏهن غزه لاءِ آواز نه اٿاريو ويو ته سڀاڻي ڪنهن ٻئي قوم لاءِ خاموشيءَ جو الزام اسان سڀني تي هوندو. “گلوبل صمود فلوٽيلا” جي قربانيءَ دنيا کي ياد ڏياريو آهي ته انسانيت جو سفر خطرن سان ڀريل هوندو آهي، پر خاموشيءَ جو انجام ان کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي.