بلاگنئون

رئيس علي احمد خان نظاماڻي

رئيس علي احمد نظاماڻي جي پيدائش رئيس غلام محمد نظاماڻيءَ گھر ۾ 1945ع ڌاري ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي ۾ ٿي. وفات پهرين آڪٽوبر 2025ع تي حيدرآباد ۾ سندس گھر ۾ ٿي.

ڪڏھن ڳاڙھو گھوٽ، ڪڏھن مڙھ مقام ۾

رئيس علي احمدخان نظاماڻي جي گھراڻي جون انسانيت، وطن، ۽ نظاماڻي ذات لاءِ ڪيل خدمتن جون ڪجھ ڳالھيون جيڪي تاريخ جو حصو آھن، جيڪي تاريخ جي ورقن ۾ لکيون ويون آھن.

حيف تنين کي ھوءِ، وطن جن وساريو

ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي پنھنجي ھڪ الڳ تاريخ رکندڙ ڳوٺ آھي جتي سياسي، سماجي تحريڪون ھليون، جتي مذھبي ميڙاڪا ٿيندا رھندا آھن، پر ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي جي تاريخ بھادرن، دلير نوجوانن ۽ سخين جي تاريخ جو رُخ پڻ وڏي اھميت جو حامل آھي.

سورھيه مرين سوڀ کي، دل جا وھم وسار

ھڻ ڀالا، وڙھ ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار

مٿي تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين

رئيس شھيد سورھيه دريا خان نظاماڻي ولد ڪرم خان نظاماڻي جنھن کرڙي جي جنگ ۾ شجاع پٺاڻ سان وڙھندي شھادت جو جام پيتو. جنھن جي مزار شھيد شاھ حسين (ڍير ڌڻي) جي مقام ۾ آھي، پر ڪن ماڻھن جو خيال آھي ته سندس مزار لطيف سائين جي درگاھ تي آھي. ڇو ته رئيس ڪرم نظاماڻي جنھن نالي تي ڳوٺ آھي ان جي مزار به لطيف سائين جي درگاھ تي آھي. شھيد رئيس دريا خان نظاماڻي ھڪ باشعور، باعلم، بھادر، عقلمند، سياسي سماجي طاقت سان گڏ ھڪ جاگيردار ۽ اللہ تعالى جي ڪيترين خاص خوبين سان نوازيل انسان هو. کيس مير مراد علي خان مختيارڪار جو عھدو پڻ ڏنو ھو. شھيد جي بھادري جا قصا شاعرن پنھنجي شاعري ۾ ڪيا آھن. سندس ڪيترائي قصا آھن جن جي ھاڪ ھلندي آھي. رئيس دريا خان نظاماڻي ڪڏھن به تلوار مياڻ ۾ نه رکندو ھو، سندس ھٿن ۾ هميشه ننگي تلوار رکڻ جي روايت پڻ ملي ٿي. شھيد چوندو ھو ته موت ۽ دشمن جو ڪوبه وقت مقرر ناھي، ڪنھن مھل به دشمن وار ڪري سگھي ٿو. جڏھن رئيس دريا خان نظاماڻي کرڙِي جي جنگ ۾ وڙھي رھيو ھو ته ميرن جا ٻيا سپاھي پٺاڻن جي سپاھ کي ڏسي واپس ھليا ويا ھئا، پر رئيس درياءَ خان نظاماڻي ۽ سيد مرتضيٰ شاھ دشمن سان جنگ جوٽي 2 فيبروري 1834ع تي شھادت جو جام نوش ڪيو، جن ۾ ٽنڊي مستي جا مري ۽ ٻيا سنڌي شامل ھئا. ڳالھ ڪرڻ جو مقصد ھي آھي ته رئيس دريا خان نظاماڻي جو ھڪ دور ھو جنھن پنھنجي پڄاڻي ڪئي. سنڌ جي تاريخ ۾سنھري ورقن ۾ سمائجي ويو.

سورھيه مرين سوڀ کي، جنگ جامي سين جوڙ

وھم، حيلا، خطرا منجھان من واڍوڙ

آرڻ جا عشق جي، تنھن کان منھن مَ موڙ

ناجي نفس نھوڙ، ته راز پسين ھن رڻ جو

رئيس علي بخش خان نظاماڻي شھيد مياڻي جي سورمن ۾ نمايان ڪردار جو حامل آھي، جنھن جو نعرو ھو (مرسون، مرسون سنڌ نه ڏيسون) ھن نعري کي پوءِ وري ٻين ماڻھن جي نالي سان منسوب ڪيو ويو ھو، پر سرائيڪي جو نعرو جو رئيس علي بخش خان نظاماڻي ھنيو ھو، پر پوءِ سنڌ جي سڀني سپاھين انھيءَ نعري جي گونج ۾ مياڻي جي جنگ وڙھي. رئيس علي بخش خان نظاماڻي جو تعلق ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي سان ھو. جنھن جي ولادت پڻ ھڪ معجزي سان ٿي ھئي. چون ٿا رئيس علي بخش خان جي والدين کي اولاد نه ھو، سندس والدہ ھميشه حضرت علي ڪرم اللہ وجھ کي ياد ڪندي ھئي ۽ دُعا گھرندي ھئي ته ھڪ رات خواب ڏسڻ ۾ آيو ته پاڻ وٽن آيا آھن ۽ کين ياد ڪرڻ جو سبب پڇي رھيا آھن، پاڻ گھوڙي تي سوار آھن ۽ خاتون کي نرينا اولاد جي مبارڪ ڏني.

سخي رئيس حاجي حيدر خان نظاماڻي به رئيس علي احمد خان نظاماڻي جي خاندان جو وڏو علمي، ادبي انسان ٿي گذريو آھي، جنھن پنھنجي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي کي علم جي روشني سان نوازيو، مسافر ٻار جيڪي ٻاھرين ڳوٺن جا ھوندا ھئا انھن جي رھڻ جو بندوبست پڻ ڪندو ھو. سخاوت جي نالي سان رئيس حاجي حيدر خان نظاماڻي پنھنجو مٽ پاڻ ھوندو ھو، آڌي رات جو به سخي رئيس حاجي حيدر خان جي اوطاق تي ماني بکايلن کي ھر وقت ملندي ھئي. ٽپالي رستي جي ڪري ھتان اچ وڃ مسافرن جي ٿيندي رھندي ھئي ته رئيس حاجي حيدر خان نظاماڻي جي اوطاق تي اچي ماني کائيندا ھئا. رئيس سنڌ جي مختلف تحريڪن ۾ حصو ورتو ھو، جن ۾ ريشمي رومال تحريڪ پڻ ھڪ آھي. رئيس حاجي حيدر خان نظاماڻي به ھڪ دور ھو، جنھن پنھنجون خدمتون انسانيت لاءِ پنھنجي قوم ۽ راڄ لاءِ ڪيون ھيون. رئيس حاجي حيدر خان نظاماڻي کي نظاماڻي برادري جو پھريون سردار پڻ چونڊيو ويو ھو.

رئيس علي احمد خان نظاماڻي جي نانا رئيس مولوي حاجي شفيع محمد خان نظاماڻي جن مختلف مدرسن مان تعليم پرائي ھئي جنھن ۾ ديوبند مدرسو ھندستان، محمديه  مدرسو ھالا، دارالرشاد، پير جھنڊو. رئيس مولوي شفيع محمد ديني تعليم سان گڏوگڏ قومي سرگرمين ۾ پڻ شرڪت ڪئي ھئي، جنھن ۾ ممبي تحريڪ پڻ ھڪ آھي. فلاحي، سياسي سماجي ڪمن ۾ پڻ ھن گھراڻي جو اڳين کان اڳرو تاريخ ۾ رھڻ شامل آھي. رئيس مولوي حاجي شفيع محمد نظاماڻي ھڪ مدرسي جامع منصورہ جو بنياد وڌو، جامع منصوره مدرسي کي زرعي زمين ٽي سئو ايڪڙ به ڏني، جتي پوري پاڪستان جا ٻار ۽ غير ملڪي ٻار به ديني تعليم پرائين ٿا. جتي پرائمري اسڪول، ھاءِ اسڪول، پڻ رئيس مولوي حاجي شفيع محمد نظاماڻي جي زمين ۾ قائم ٿيل آھن. جيڪا سندن خدمت نه وسارڻ جھڙي آھي.

رئيس حاجي محمد ھاشم نظاماڻي جيڪو بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻي جو ويجھو ساٿي ۽ محسن ھو، جنھن جون سياسي، سماجي سرگرميون تمام گھڻيون مشھور آھن، ھالا جي مخدوم خاندان سان پڻ ويجھو ساٿي طور رھيو ھو. رئيس حاجي محمد ھاشم نظاماڻي پنھنجي ڳوٺ وارن لاءِ ڇپر ڇانو ھو. رئيس علي احمد خان نظاماڻي جي خاندان انساني خدمتن جي حوالي سان ھر ميدان ۾ پاڻ ملھايو آھي جنھن جي تاريخ گواھ آھي.

محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي ھيڪڙو

رئيس علي احمد خان نظاماڻي پرائمري تعليم سندس ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي مان پرائي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي. رئيس علي احمد نظاماڻي کي رئيس حاجي محمد ھاشم نظاماڻي کانپوءِ نظاماڻي برادري جو سردار پڻ چونڊيو ويو ھو، جنھن گڏجاڻي ۾ سڄي نظاماڻي برادري جي معززن شموليت ڪئي ھئي. رئيس علي احمد نظاماڻي، پڻ مخدو صاحبن جي تمام گھڻي ويجھي ساٿين مان ھڪ ھو. جنھن سياسي سماجي سرگرمين سان گڏ مذھبي جامع منصورہ جا ميمبر پڻ تاحيات رھيا ھئا. ڪيترن ڪتابن جا مھاڳ پڻ لکيا ھئا، جن ۾ مخدوم جميل الزمان صاحب جو ڪتاب “سامي سج واڙء” پڻ ھڪ آھي. منهنجي والد بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻي جي وفات تي مون کيس روئندي ڏٺو ھو، رئيس علي احمد خان نظاماڻي جا بابا سائين سان تمام ويجھا ناتا رھيا، رئيس علي احمد نظاماڻي ادا، فقير علي ڏنو نظاماڻي کي ۽ مونکي تمام گھڻي شفقت ڏيندا ھئا. منهنجي والد بابا فقير غلام حيدر نظاماڻي سان ويجهڙائپ وارو ناتو رئيس علي احمد خان نظاماڻي خوب نڀايو، جيڪو اسان جي وڏڙن جو ساٿ پڻ ھو، ڏاڏا حاجي شير محمد نظاماڻي، رئيس حاجي حيدر خان نظاماڻي ۽ سندس خاندان سان ويجھو رھيو، بابا سان رئيس حاجي محمد ھاشم نظاماڻي جو به انتھائي ويجھو رشتو رھيو ھو. اسان جو سندس خاندان سان نسلن جو ساٿ رھيو آھي. رئيس علي احمد نظاماڻي بابا جي وفات تي اسان کي چيو ھو ته فقير غلام حيدر نظاماڻي منھنجي وڏڙن جو ساٿي ھو، بابا فقير غلام حيدر نظاماڻي جي رئيس غلام محمد خان نظاماڻي سان پڻ ويجھي دوستي ھئي، جيڪو رئيس علي احمد نظاماڻي جو والد صاحب ھو. ان ناتي کي بابا سائين سان، رئيس علي احمد خان نظاماڻي خوب نڀايو.

رئيس علي احمد نظاماڻي جي ڪيل خدمتن تي ڪيئي ڪتاب لکي سگھجن ٿا. رئيس علي احمد خان نظاماڻي پنھنجي وقت جي دور جي ھڪ تاريخ رقم ڪئي آھي، سندس اوطاق تي انسانن جو ميلو متل رھندو ھو. سدائين غريبن جي خدمت ڪندو رھندو، رئيس علي احمد خان نظاماڻي ھڪ تاريخ جو دور اسان نظاماڻي برادري کي ڏيئي ويو آھي. رئيس علي احمد خان نظاماڻي کي پنج فرزند آھن جن ۾ رئيس نورمحمد (نورل) خان نظاماڻي، رئيس فاروق خان نظاماڻي، رئيس شفيع محمد خان نظاماڻي، رئيس محمد حيات خان نظاماڻي، رئيس محمد مرتضيٰ خان نظاماڻي شامل آھن. رئيس علي احمد خان نظاماڻي پنھنجي اولاد جي تمام بھترين تربيت ڪئي آھي. رئيس نور محمد خان نظاماڻي ضلعي تي پڻ  نائب ناظم به رھيو آھي. رئيس نور محمد خان نظاماڻي ۾ نظاماڻي قوم ۽ سڀني علائقي واسين کي ساڳيون اميدون آھن جيڪي رئيس علي احمد خان نظاماڻي نڀايون ھيون. رئيس علي احمد خان نظاماڻي ۾ اُھي سڀ خوبيون ھيون جيڪي سندس خاندان مان ورثي طور مليون ھيون، يتيمن، بيواھن، غريبن کي مھيني طور مدد ڪرڻ کي رئيس علي احمد خان نظاماڻي پنھنجو فرض سمجھندو ھو. رئيس يتيمن جو يار، غريبن جو ڀرجھلو، علائقي جو آسرو ھو. اميد ھو، ته رئيس علي احمد خان نظاماڻي جو جانشين ٿي رئيس نور محمد خان نظاماڻي پنھنجن جي سار لھندو، پنھنجي والد جي ڏنل واٽ تي پورو لھندو، بردبار ٿي درگذر واري واٽ وٺي ساڳي رستي ھلي، غريبن جو مددگار ٿيندو.