بلاگنئون

”جيون گھاريو جن سين“ ڪتاب جو ادبي جائزو!

ڇَڪِ ڇَڪِ… ڇَڙائي پيسائيءَ جي مَشين مان نڪرندڙ آواز…! اهو آواز وري جڏهن وقت جي تيز بَرقي رفتار تي گُذري ويو ھجي..! ناسٽلجيا جي هڪ عجيب ڪيفيت ۾ اهو آواز دماغ جي ڦرهيءَ تي ڪنهن يادگيريءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ته جسم ۾ هلچل، دل کي پرسڪون ۽ دماغ کي پُرتجسس ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙي ئي هڪڙي آواز جو ذِڪر مون سان لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ گڏ گُھمندي ڦِرندي عيسيٰ ميمڻ ڪيو هو.! ان هلندڙ ڦرندڙ ڪچهريءَ ۾ مون کي عيسيٰ ميمڻ انهيءَ ڇَڙائي پيسائيءَ جي مشين جو ذڪر ڪيو هو، جيڪا اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان موجود شيروءَ جي ڳوٺ (شير محمد سهڙو) ۾ هوندي هئي..! هاڻي جڏهن به مان عيسيٰ ميمڻ سان ملندو آهيان ته مون کي ان ڇڙائي پيسائيءَ جي مشين مان نڪرندڙ ڇَڪِ ڇَڪِ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. هن ڳالهه ٻڌائڻ کانپوءِ مون کي خبر پئي ته عيسيٰ ميمڻ حقيقت ۾ منهنجي جُوءِ جو ماڻهو يعني ذري گهٽ منهنجو ڳوٺائي آهي. تڏهن ته چوندا آهن ته دنيا گول آهي ماڻهو ڦري گهري وري ڪٿي نه ڪٿي ملي پوندو آهي.!

اَڌَ ڀَرئي کان سڏ پنڌ تي ايل ايس بند جي وَٽِ ۾، درياهه بادشاھ جي ڀِڪَ تي تُرڪ پير جي ڀرسان هڪڙو ڳوٺ آهي نالي عبدالڪريم کوهارو جي..! هي ڳوٺ علائقي ۾ تُرڪ پير جي ڪري تمام گهڻو مشهور آهي، جيڪو پِيرُ هو يا جَرنيل اُها خبر خدا کي..! باقي اسان جي اَڌُ اَکري تاريخ ۾ ان جو ڪو ڏَس پتو ڪونهي..! هن ئي ڳوٺ ۾ مالوند محنتي پورهيت جي گهر ۾ محمد عيسيٰ ڪوري ڄائو جيڪو هاڻي ادبي کيتر  ۾ عيسيٰ ميمڻ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. حضرت عيسيٰ جو هڪڙو قول آهي “جيڪڏهن ڪير مون کي هڪ ڳل تي چماٽ هڻندو ته مان ان کي ٻيو ڳل به پيش ڪندس”..! عيسيٰ ميمڻ سان ادبي دوستي ٿيڻ کانپوءِ مون اهو محسوس ڪيو آهي ته هن ۾ به ايتري برداشت آهي جو جيڪڏهن ڪير هن جي راهن ۾ ڪنڊا اُڇلائيندو ته هو به ان جي واٽَ تي گل ضرور نِڇاور ڪندو…!

عيسيٰ ميمڻ چوندو آهي ته هو نج پُٺِتي پيل علائقي ۾ پيدا ٿيڻ جي ڪري هن جي گهر مان هن کانسواءِ ٻيو ڪوبه پڙهي ناهي سگهيو.! صرف هو هڪڙو ئي پڙهي سگهيو آهي..! هو پنهنجي ڪٽنب مان اڪيلو ئي پڙهيو آهي، پر واهه جو پڙهيو آهي. هو هن وقت تائين ستَ ڪتاب لکي ويو آهي. هن جي پهرئين لکڻي آهي ‘تون آن منهنجي جان امڙ، ٿيان توتان قربان امڙ’ هيءَ لکڻي ڪيڏي نه معصوم ٿي لڳي. ڪنهن معصوم ٻار جي مسڪراهٽ وانگر معصوم، پر پوءِ اڳتي هلي ايم. فل وري جيل ۾ سرجندڙ ادب تي ٿو لکي جيڪو ڪيڏو نه مزاحمتي آهي. ڄڻ اُو هينريءَ جي لکيل ڪهاڻي ‘حضرت عيسيٰ ۽ شيطان’ وارو مکيه ڪردار ٿو لڳي. هاڻي وري زندگيءَ جي وهنوار ۾ ڪنهن چوواٽي تي مليل سياسي، ادبي، تعليمي، سماجي ۽ ثقافتي سنگهرن ۾ جڪڙيل ڪردارن سان ملي انهن تي خاڪا لکي ڪتاب ڇپايو اٿائين “جيون گھاريو جن سين” جيڪو پڙهڻ کانپوءِ مون کي جيون ڳارِيو جن سين ٿو لڳي.

هاڻي اَچون ٿا خاڪن تي مشتمل ڪتاب “جيون گھاريو جن سين” تي. مان نڪو نقاد آهيان جو جاندار تنقيد ڪيان، نڪو وري ڪو مبصر جو شاندار تبصرو ڪيان،  ها باقي مان ننڍڙو تمام ننڍڙو لِکاري ضرور آهيان سو هن ڪتاب تي ٽيڪا ٽپڻي ضرور ڪندس..! هي ڪتاب ٽِيتاليهن خاڪن تي مشتمل اهڙن فردن تي آهي جن جو واسطو سياست، سماجيات، ادب، تعليم،  وطن پرستي ۽ قوم پرستيءَ سان ايئن آهي جيئن لطيف فرمايو ڳَنڍيون مَنجهه ڳَنڍير.! ڳنڍير گاهه جو هڪ قسم آهي جنهن ۾ ڳنڍ منجهان ڳنڍ ايئن نڪرندي آهي جيئن وقت گذرڻ سان فلڪيات جي ماهرن کي ڪهڪشان مٿان ڪهڪشائون نظر اينديون آهن. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ مون کي پڪ ٿي آهي ته عيسيٰ ميمڻ نه صرف هڪ سٺو اديب آهي، پر ماڻھن کي پڙهي وڃڻ وارو هڪ سٺو سماجي استاد/سائنٽسٽ به آهي.! هن ڪتاب ۾ هُن جيڪي به خاڪا لکيا آهن، هو انهن سان روبرو مليو آهي. يعني هن هي خاڪا ٻُڌُ سُڌُ، پرائي ڳالهين يا اَجائي انومانن تي ناهن لکيا.

هن ڪتاب جي شروعات ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي سان ڪئي وئي آهي، جنهن کي ننڍي کنڊ جي برک ڏاهي ٽيگور موهن جي دڙي جو ماڻهو ڪوٺيو هو..! هونئن ته موهين جي دڙي جي پسگردائي ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي موهين جا ماڻهو چئي سگهجي ٿو، پر ڪامريڊ جي ديومالائي ڪردار جي اوچائي ايتري آهي جو هو هڪڙو ئي موهين جو ماڻهو ٿي سگهي ٿو. ليکڪ مطابق ته ڪامريڊ نظرياتي ۽ عملي طور ڪميونسٽ هو ۽ آخر تائين پنهنجي فڪر سان جُڙيل رهيو. هن جي عملي ڪردار کان متاثر ٿي ٻيا به ڪيترائي دوست ڪامريڊ جي فڪري لڙهيءَ ۾ پوئجي ويا. زندگي ته هڪ دفعو ملي ٿي پر ان ئي زندگيءَ ۾ سجُ ڪيترائي دفعا اُڀري به ٿو ته ته لَهي به ٿو. اهڙي ئي هڪڙي لٿل سج جي پويَن پاڇن ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي پنهنجي ذاتي املهه لائيبريري ڪجهه ٽَڪَن عيوض وڪڻڻي پئي.! اهڙي ڳالهه جو ذِڪر عيسيٰ ميمڻ هن تي لکيل خاڪي ۾ ڪري ٿو. عبدالواحد آريسر صاحب تي لکيل مضمون ۾ ليکڪ چئي ٿو ته هن تي غريب هجڻ جا طعنا ۽ پياڪ هجڻ جا الزام لڳا. غلام سماج ۾ موجود هر فرد جي اها سوچ جوڙي ويندي آهي يا اهڙي ذهن سازي ڪئي ويندي آهي ته ڪنهن به سياسي جماعت جو اڳواڻ وڏو ڪو دبنگ خان هجي، وڏو ڪو هيبتناڪ هجي نڪو نفيس ۽ نازڪ.! هونئن به ڏسجي ته اسان جي ملڪ ۾ سڀني سياسي جماعتن جا اڳواڻ، سردار، سرمائيدار، جاگيردار، مير، پير ۽ وڏا وڏا دبنگ خان آهن. سو هو ڪيئن برداشت ڪندا ته ڪو غريب ٿَريو جنهن جي گهر کي به لوڙهو لڳل هجي، ڪنهن سياسي جماعت جو چيئرمئن ٿئي. باقي ٻيو اهو ڪهڙو ليڊر آهي جيڪو ساقيءَ جي پيش ٿيل پيالي کان بچيل هجي. ليکڪ ڪجهه هنڌن تي ڪجهه ڪردارن تي ڪکَ به رکيا آهن ته وري ڪن جي لاکَ به لاٿي اٿس. جيئن سرڪش سنڌيءَ جي سچل ڪالونيءَ واري عشق کي ۽ لاڙڪاڻي جي ان شاعره کي جنهن جو عشق ميرپورماٿيلي جي هڪ ديوان سان هو، واري راز کي افشان ڪيو اٿائين..! ته ٻئي پاسي سڪرنڊ ۾ ٿيل جيئمسٽ ڪائونسل جي ٿيل اجلاس ۾ عبدالواحد آريسر جي ويجهي دوست جو نالو نه لکي ڄڻ ان تي ڪَک رکيا اٿس يا لاڙڪاڻي جي ان سرمائيدار قومپرست جو نالو نه لکيو اٿائين جنهن جڳديش آهوجا کي اليڪشن  ۾ سرگرم ٿيڻ بجاءِ ٿڌو نرم ٿيڻ لاءِ چيو. ليکڪ ادل سومرو تي لکيل خاڪي ۾ لکي ٿو ته هن جي نئين وهي ۽ کهي هئي موبائيل فون جو زمانو ڪونه هو.! هو سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ جو سيڪريٽري ۽ ڪُل وقتي ڪارڪن هو. سو هو سکر ويو ادل سومرو کي سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ جي ڪنهن پروگرام جي دعوت ڏيڻ لاءِ وڏا ڪشالا ڪاٽي پُڇائيندو پُڇائيندو نيٺ وڃي ادل جي گهر پهتو.! جنهن اهڙو ته پيار ۽ عزت ڏني جو هو اڄ تائين ان کي ياد ڪري ٿو ۽ ادل جو گرويدا ٿي ويو. ٻيو لکيو اٿائين تاج جويو لاءِ جنهن جا دشمن ته گهڻا ئي آهن، پر تاج جو ڪوبه دشمن ڪونھي..! تاج جويو سڄي سنڌ جي اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن سان جتي ڪٿي وڃي ايئن پهچندو آهي ڄڻ کيس پيرن ۾ پَرَ هجن.

“ڏوڪري آ گُلن جي ٽوڪري”! خاڪن جي هن ڪتاب ۾ ليکڪ گهڻي قدر ڏوڪري ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ موجود ڪردارن تي قلم کنيو آهي.! جيڪي سدائين گلن جون ٽوڪريون ڀري سماج ۾ خوشبوءِ ۽ کٿوري کي ورهائيندا ۽ وَنڊيندا رهيا آهن. ڏوڪريءَ جي اقتداري سياست ۾ ته تر جا ٻُگهيا سردار ۽ علي آباد جا اُنڙ ڪرتا ڌرتا رهيا آهن. اقتداري سياست کان علاوه ڏوڪريءَ نظرياتي سياستدان، ڪامريڊ، سماج سڌارڪ، تعليمدان، اديب، ڳائڻا ۽ ٻين مختلف ميدانن ۾ ڪيترن ئي عظيم انسانن کي به جنم ڏنو آهي. هنن عظيم شخصيتن سماج کي سدائين سُڌارڻ جو عَلمُ بلند  ڪيو آهي.! پروفيسر ديدار سولنگي، پروفيسر موهن لال پريمي، پروفيسر عبدالحق ساريو، سائين سرور منگي، سڄڻ سنڌي، حيدر جويو، علي بخش پٺاڻ، ادل سولنگي، حمز علي سوهو ۽ ٻين ڪيترن ئي املهه ڪردارن تي عيسيٰ ميمڻ خاڪا لکي ڄڻ ڏوڪريءَ جي هڪ تاريخ کي قَلمبند ڪيو آهي. هنن ڪردارن مان ڪيترن سان ته منهنجي به شناسائي رهي آهي.

ڪرپٽ جنريشن، ڪرپٽ جنريشن کي ئي جنم ڏيندي آهي. هينئر دنيا ۾ ته الائي ڪهڙي جنريشن پئي بدلاءَ مٿان بدلاءُ آڻي، باقي اسان وٽ مِڙئي خير آهي. اڄ کان چاليهه پنجاهه سال اڳُ جن ماڻهن سياستدانن جي گاڏين جي آڏو يا پويان ليٽي نوڪريون ورتيون هيون، جن ماڻهن کي پَني تي، سگريٽ جي پاڪيٽ تي يا قميص جي ڪالر تي آفر ليٽر مليا هئا. اهي ساڳيا ماڻهو هاڻي پيريءَ ۾ پنهنجي ٻارن کي پئسن تي نوڪريون ته ڇا، پر هو ميڊيڪل ڪاليج جي داخلا لاءِ نڪرندڙ پيپر کي به خريد ۽ فروخت ڪن ٿا.! هي ته صرف سرڪاري نوڪرين ۾ ڪرپشن جا مثال آهن، پر زندگيءَ جي هر وهنوار ۾ ڪرپشن عروج تي آهي. اهڙي ڪرپٽ جنريشن کان ڪهڙي چڱائيءَ جي اُميد رکي سگهجي ٿي..! ديدار سولنگي، عبدالحق ساريو ۽ موھن لال پريمي صاحب جن بابت لکيل خاڪن مان معلوم ٿئي ٿو ته هنن سان دوستن بيواجبيون ڪيون، هنن کي شاگردن کان به اها پذيرائي نه ملي جيڪا ملڻ گهرجي ها ۽ سماج ۾ موجود فردن به هنن کي ڌِڪاريو. حقيقت اها آهي ته ڪرپٽ جنريشن کي ڪهڙي خبر ته اسان جا رهنما، سونهان، رهبر ۽ هيرا ڪهڙا آهن. هنن کي ته صرف پنهنجا ذاتي مفاد گهرجن. هنن جو ٻين سان ڪوبه سروڪار ناهي. حقيقت ۾ مٿي بيان ٿيل غير معمولي ڪردارن کي جيئري هوندي ئي دوستن، شاگردن ۽ سماج مان مليل ڪوڙي واھ واھ جي ڪابه پرواهه نه هئي. هو پنهنجي قوم جا بي لوث خدمتگار هئا. هنن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سماج کي بهتر بڻائڻ جا جتن ڪيا.! ان ۾ هو سُرخرو رهيا. باقي لوڪَ کي ڇا ٿو ڪري سگهجي ته هو ڇا ٿو لوچي ۽ سوچي..!

بھرحال، عيسيٰ ميمڻ جو خاڪن تي لکيل هي ڪتاب ڄاڻ جو هڪ ڀنڊار آهي. جنھن ۾ هُن انهن ڪردارن سان گهاريل پلن، واقعن ۽ يادگيرين کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏني آهي.

***