بلاگنئون سج گرهڻ: ڏند ڪٿا ۽ حقيقت April 8, 2024 Zahida Abro اوائلي انسانن جي وجود جا نمونا Fossils آفريڪا کنڊ ۾ ملن ٿا. هو اڄ کان ٻه کان ڇهه ملين سال اڳ اتي رهندا هئا. هن وقت تائين سائنٽسٽ ان ڳالھه تي متفق آهن ته انسانن جي ارتقا پندرهن کان ويهن اسپيشيز تائين پنهنجو سفر ڪيو آھي. هزارين سالن جي هن سفر ۾ عقلمند انسان پنهنجي هوشياريءَ جي ڪري گهٽ عقل واري تي پنهنجون سٺيون ۽ خراب سوچون، ڳالهيون ۽ عملَ ٿاڦيندو رهيو آهي. اڄ به پوري دنيا تي هڪ نظر ڦيرائبي ته وڌيڪ عقل وارا ملڪ مختلف حُربا استعمال ڪري ٻين ملڪن کي گهٽ عقل وارو ۽ غلام سمجهي ٽريٽ ڪن ٿا. ايئن ئي اوائلي دور کان وٺي عقل وارا ماڻهو گهٽ عقل واري کي پنهنجو ٻانهو/زيردست رکڻ لاءِ ڪڏهن سج، چنڊ، ستارن، خونخوار/فائديمند جانورن، جبلن، هوا، پاڻي ۽ ٻين شين جا ڀَوَ ڏيئي پنهنجي هڪ هٿي قائم رکندا آيا آهن. سج گرهڻ بابت به مختلف خطن ۾ مختلف ڏند ڪٿائون آهن، هي ڏند ڪٿائون به عقل وارن جي هٿ جون ٺهيل آهن ته ڪيئن انهن ايوريج هوشيار ماڻهن کي پنهنجي ماتحت بڻايو آهي. سج گرهڻ بابت مختلف ملڪن ۽ علائقن ۾ مختلف ڏند ڪٿائون جوڙيل آهن. يوناني سج گرهڻ کي ديوتائن جي ناراضگي سان تشبيهه ڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ديوتا ناراض آهن ۽ سج کي ڌرتيءَ کان پري ڪري رهيا آهن. لفظEclipse به يوناني ٻوليءَ مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي “ڇڏڻ” مصري وري سج گرهڻ کي وڏي نانگ جو سج ديوتا تي حملو ڪوٺيندا هئا. چيني به سج گرهڻ کي آسماني ڊريگن جو حملو سمجهندا هئا ۽ اهو سٺو سنئون ڪونه تصور ڪيو ويندو هو. جاپانين جو وري اهو خيال هو ته سج گرهڻ جي ڪري مٿان آسمان مان هيٺ ڌرتيءَ تي زهر اڇلايو ويندو هو. سج گرهڻ واري ڏند ڪٿا وارو معمو هاڻي سائنس ختم ڪري ڇڏيو آهي. سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي جو سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ جي هاڻي خبر ڪيترائي سال اڳ پئجي وڃي ٿي. سائنس نه صرف هن مد ۾ اها ترقي ڪئي آهي، پر جينيٽڪ انجنيئرنگ جي ذريعي ته هو گهرڙيCell جي جينGene کي تبديل (Mutation) ڪري نوان جاندار به ٺاهي سگھن ٿا. يعني هو جينيٽڪ انجنيئرنگ جي ذريعي اهو مڇر به ٺاهي سگهن ٿا جيڪو مليريا جي بيماريءَ جو سبب نه بڻجندو. سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي جو هو ماڻهو به ٺاهي سگهن ٿا، پر هن وقت ان تي بندشBan آهي. هاڻي اچون ٿا ته سج گرهڻSolar Eclipse حقيقت ۾ ڇا آهي؟ اصل حقيقت اها آهي ته چنڊ ۽ ڌرتي پنهنجي مدار ۾ ڦرندا رهن ٿا. سج کي گرهڻ تڏهن لڳي ٿي جڏهن چنڊ پنهنجي ڦيري مهل ڌرتي ۽ سج جي وچ ۾ اچي وڃي ٿو ۽ ڌرتيءَ تي سج جي روشني نٿي پهچي ۽ ڌرتيءَ تي اونڌاهه ڇانئجي وڃي ٿي. ڪجهه منٽن کانپوءِ (اهو دورانيو گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿو) جڏھن چنڊ ڌرتيءَ ۽ سج جي وچ مان هيڏانهن هوڏانهن ٿي وڃي ٿو ته ڌرتي هڪ دفعو ٻيهر روشن ٿي وڃي ٿي. هن سڄي عمل کي سج گرهڻSolar Eclipse چئجي ٿو. جڏهن سج کي گرهڻ لڳي ته سج ڏانهن نه ڏسڻ گهرجي. جڏھن سج مڪمل طور تي وٺجي وڃي تڏهن به ان کي اگھاڙين اکين يا عام عينڪ سان نه ڏسڻ گهرجي. ڇو جو سج مان نڪرندڙ انفرا ريڊ شعاع Infrared Radiation جيڪي نظر نه ايندا آهن، اهي اک جي ماڻڪيRetina کي تباھ ڪري سگهن ٿا. اڄ 8 اپريل تي اتر آمريڪا ۾ مڪمل طور سج وٺبو يعني سج گرهڻSolar Eclipse ٿيندي..! Post Views: 371