بلاگنئون

“شڪارپور تاريخ ۽ اهڃاڻ” تي هڪ نظر

سنڌ جي خوبصورت شهر شڪارپور جي تاريخ تي منهنجي پياري دوست حسيب ناياب منگيءَ جو نئون ڪتاب “شڪارپور تاريخ ۽ اهڃاڻ” شڪارپور جي مشهور اشاعتي اداري “مهراڻ اڪيڊمي” طرفان تازو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هن ڪتاب کان اڳ حسيب ناياب منگيءَ جا شڪارپور جي موضوع تي ٽي ڪتاب “شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾”، “شڪارپور تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو” ۽ “شڪارپور تي هڪ نئين نظر” شايع ٿيل آهن، انهن ٽنهي ڪتابن ۾ جيڪو مواد شامل هو ان کي ڇڏي ڪري نون موضوعن جو انتخاب ڪري هي ڪتاب سامهون آندو ويو آهي، جنهن جي ضرورت وڏي وقت کان محسوس ٿي رهي هئي. ان ڳالھ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته شڪارپور اهڙو خاص موضوع به آهي جنهن تي ڏيهي ۽ پرڏيهي قلمڪارن تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي پر منهنجي دوست حسيب ناياب منگي کي جس هجي جو هر ڀيري نون موضوعن کي متعارف ڪرائي شهرين، علم ادب دوستن ۽ شاگردن کي ڄاڻ ڏيندو رهيو آهي.

“شڪارپور تاريخ ۽ اهڃاڻ” منفرد موضوعن وارو اهم ڪتاب آهي، جيڪو 120 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب کي حسيب ناياب منگي پنهنجي شهر شڪارپور جي ٻن نامور ليکڪن پروفيسر لطف الله بدوي ۽ سائين حبيب الله ڀٽو ڏانهن منسوب ڪري ڄڻ پنهنجي شهر جي وساريل قلمڪارن جي ياد ڏياري آهي. ڪتاب متعلق مهراڻ اڪيڊميءَ جي ڊائريڪٽر وسيم گل شيخ لکيو آهي ته “هي ڪتاب شڪارپور جي گهٽين مان گذرندي ان جي ماضيءَ ۽ حال جو سفر آهي. ليکڪ شڪارپور جي بڻ بنياد کان وٺي دلڪش عمارتن جي ذڪر سان گڏ شهر جي ڀرپاسي ۾ موجود خوبصورت باغن ۽ باغيچن جي باري ۾ به مستند معلومات ڏني آهي”. (ص 6) ڪتاب جو پيش لفظ سنڌ جي نامور اديب ۽ راڳي سائين بيدل مسرور بدوي لکيو آهي. ڄاڻائي ٿو ته “منهنجي لاءِ اصل خوشيءَ جي ڳالھ اِها آهي ته شڪارپور جي هِن نسل کي به تحقيق جي چيڙهالي ڪم ۽ پنهنجي وڏڙن جي ان تسلسل کي قائم رکڻ جو شوق آهي. جنهن سان شڪارپور جو علمي ادبي ماحول قائم ۽ دائم آهي.” (ص 8) ليکڪ جو خيال آهي ته “شڪارپور تاريخ ۽ اهڃاڻ” شڪارپور شهر تي ڇپيل تحقيقي ۽ تاريخي مواد جي ڳاڻاٽي واري تعداد ۾ پنجاھ نمبر تي ايندڙ اهم تاريخي ڪتاب آهي. جيڪو گهڻين ئي حقيقتن کي پڌرو ڪري ٿو.”(ص 9)

هن ڪتاب ۾ ليکڪ حسيب ناياب منگيءَ جا ارڙهن مضمون ۽ مقالا شامل آهن جن ۾ ڪجھ موضوع بالڪل نوان آهن. “شڪارپور جي تاريخ جو ابتدائي ورق”، “شڪارپور سنڌ جو تاريخي شهر”، “شڪارپور جو قلعو”، “شاهه شجاع الملڪ جون شڪارپور ۾ ڪارروايون”، “شڪارپور پرڏيهي سياحن جي نظر ۾”، “انگريزن جي دور ۾ شڪارپور جا صحت مرڪز”، “شڪارپور جون ڪجهه قديمي مسجدون”، “شڪارپور جون ڪجهه تاريخي جايون ۽ ماڳ”، “شڪارپور جو جماڻي هال”، “شڪارپور ۾ وڪيل جو باغ”، “شڪارپور جا ڪجهه مشهور اشاعتي ادارا”، “شڪارپور ۾ ڪسرت جا ڪجهه مشهور مرڪز”، “شڪارپور ۾ تعليم جي ترقي”، “شڪارپور ۾ اسٽيج ڊرامي جي روايت”، “شڪارپور جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي”، “شڪارپور ۾ کاڌي جا سواد”، “شڪارپور جون جَهڪيون ٿيل جايون” ۽ “شڪارپور کي شڪارگاهه ٿيڻ کان بچايو”. هي سڀئي مضمون ۽ مقالا تاريخ جي حوالي سان اهم ۽ معلوماتي آهن.

هن ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل سجاد مهر جي وڻندڙ نثر تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب جو ملھ 250 رپيا رکيو ويو آهي جيڪو نهايت مناسب آهي. هي ڪتاب سڌي ريت شڪارپور مان مهراڻ اڪيڊمي واڳڻودر يا سنڌ جي مشهور ڪتاب گهرن تان خريد ڪري سگهجي ٿو.