نيب طرفان نجي ميڊيڪل ڪاليجن جي مالڪن جي اثاثن جي تحقيقات ڪرائڻ جو فيصلو
خبرن موجب نيب ايف آءِ اي جي مدد سان نجي ڪاليجن جي مالڪن جي ملڪ کان ٻاهر سفري معلومات وٺڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آهي. جڏهن ته نيب 90 نجي ميڊيڪل ڪاليجن جي مالڪن کان پوئين اٺن سالن جي ٽيڪس رڪارڊ جو ڊيٽا به گهري ورتو آهي. ان کان علاوه فلاحي طور قائم ڪيل ڪاليجن جي مالڪن جون به لسٽون تيار ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه انهن ڪاليجن پاران ورتل في بابت معلومات بينڪن کان گهري وئي آهي.