نومبر 2024 کان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي سربراهيءَ ۾ ڪئنالن خلاف تحريڪ شروع ٿي، جنهن سنڌ ۾ ڪئنالن جي خلاف عام ماڻهن کي سجاڳي ڏني ۽ پوءِ اها سجاڳي مهم 18 اپريل 2025ع تي هڪ تحريڪ جي صورت ۾ ان وقت تبديل ٿي، جڏهن ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ جي سربراهيءَ ۾ سنڌ جي مختلف ضلعي بارن جي وڪيلن ڌرڻو هڻي ٻٻرلوءِ باءِ پاس کي بند ڪري پنجاب ويندڙ سڄي گڊس ٽرانسپورٽ کي هڪ جاءِ تي بيهاري ڇڏيو. هيءَ تحريڪ سنڌ جي عوام پنهنجي آئيني ۽ بنيادي انساني حقن جي حاصلات جي لاءِ هلائي آهي. سنڌ جو عوام باشعور به آهي ته با همت به ۽ هتان جو سنڌي ماڻهو ئي آهي جنهن سنڌ اسيمبليءَ مان 03 مارچ 1943 تي قرارداد پاڪستان منظور ڪرائي پاڪستان جي ٺهڻ جا بنياد رکيا. بدنصيبي جي ڳالهه آهي ته 1973ع جي آئين ٺهڻ کانپوءِ به، جنهن ۾ صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ وسيلن جي ورڇ ۽ ملڪ کي هلائڻ جا اصول طئي ٿيل آهن، پر ملڪ ۾ آئين کي هميشه نظرانداز ڪري وفاق ننڍن صوبن کي انهن جي آئيني حقن کان محروم ڪري پنجاب کي نوازيندو آيو آهي، جنهن سبب ٽن صوبن ۾ پنجاب جي خلاف نفرت ۽ وفاق تي ڀروسو نه هجڻ جو احساس مضبوط کان مضبوط تر ٿيو آهي.
سڀني کان وڏو ثبوت اهو آهي ته جڏهن مشرقي پاڪستان ۽ مغربي پاڪستان گڏ هئا ۽ مشرقي پاڪستان پنهنجي سِڻي (Jute) جي پيداوار جي ڪري وڌيڪ پرڏيهي ناڻو ڪمائيندڙ ۽ وفاق کي وڏو حصو ڏيندڙ صوبو هو، پر مشرقي پاڪستان ۾ انفرااسٽرڪچر کي مضبوط نه بڻايو ويو ۽ ان جي گُهر هئي ته مشرقي پاڪستان جي وڌيڪ آبادي هجڻ ڪري ۽ وڌيڪ پيداوار ڏيڻ جي ڪري ان کي ملڪ جي پيداوار جو وڏو حصو ملڻ گهرجي، جنهن کان مغربي پاڪستان انڪار ڪيو. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته مشرقي پاڪستان جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ پنجاب ساڳئي فارمولا جي بنياد تي آباديءَ جي وڌيڪ هجڻ کي بهانو بڻائي قومي پيداوار جو وڌيڪ حصو کڻندو آيو آهي. جڏهن ته قومي پيداوار ۾ سڀني کان وڌيڪ حصو ڏيندڙ صوبو سنڌ آهي. 1973ع جي آئين ۾ نيشنل فنانس ڪميشن ايوارڊ (اين ايف سي ايوارڊ) جو بنياد وڌو ويو ۽ آئيني طور تي هر پنجن سالن کانپوءِ ان ايوارڊ کي صوبن ۾ ورهائڻو آهي، پر افسوس ته ان ۾ به آئيني طريقن کي نظرانداز ڪري فيصلا ڪيا وڃن ٿا، ان جي باوجود به سنڌ جو عوام خاموش رهيو آهي. هن وقت پنجاب جي آبادي 52.87 سيڪڙو جڏهن ته سنڌ جي آبادي 23.06 سيڪڙو، خيبر پختونخواهه جي آبادي 16.92 سيڪڙو، بلوچستان جي 6.17 سيڪڙو، اسلام آباد جي 0.98 سيڪڙو آهي. جڏهن آباديءَ جي حساب سان وسيلن جي ورڇ ٿئي ٿي ته سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ڪمائيندڙ صوبو سنڌ پنهنجو وڏو حصو پنجاب کي ڏئي ننڍو حصو موٽ ۾ حاصل ڪري ٿو.
افسوس ان ڳالهه جو آهي ته پاڻيءَ جي ورڇ جو معاملو به آئين ۾ طئي ٿيل آهي، پر زميني حقيقتون ڪجهه ٻيون آهن، جنهن ۾ پنجاب چشمه جهلم ڪئنال جنهن کي صرف ان لاءِ ٺاهيو ويو هو ته انهن کي ٻوڏ واري صورتحال ۾ کوليو ويندو، پر هن وقت اهي پورو سال کليل آهن. پاڻي زندگي آهي، پاڻيءَ کانسواءِ زندگيءَ جو تصور ناممڪن آهي. جڏهن 2024ع ۾ عبوري حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ گرين انيشيئيٽو جي نالي سان هڪ منصبوبي جو اعلان ڪيو ان سان گڏوگڏ چولستان جا ٻه ڪئنال ٺاهڻ جو به منصوبو رٿيو ويو، جيڪو پوري پاڪستان جي زراعت کي متاثر ڪندو. سنڌ جو عوام جيڪو پاڻيءَ جي معاملي ۾ سنڌو درياءَ جي معاملي ۾ تمام گهڻو حساس ته رهيو ئي آهي، پر هن وقت عوام جنهن طريقي سان ڪئنالن جي معاملي تي پنهنجي حساسيت جو اظهار ڪيو آهي، اها حيران ڪندڙ آهي. ڇو ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ اهو تصور وفاق ۽ پنجاب ۾ انتهائي مضبوط هو ته سنڌي غير منظم، غير متحد ۽ پنهنجي حقن جي لاءِ آواز نه اٿاريندڙ قوم آهي. ان ڪري سندن حق ڦرڻ جي لاءِ جڏهن سندن ساهه جي شهه رڳ تي پير رکي زور ڏنو ويو ته اهي سڀ گڏجي يڪ آواز ٿي اٿي بيهي رهيا ۽ ٻٻرلوءِ کان شروع ٿيندڙ تحريڪ کانپوءِ سنڌ ۾ ٻيو ڪوبه موضوع، ٻي ڪابه ڳالهه زير بحث نه هئي، سواءِ ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي ۽ ڪئنالن کانسواءِ. هن وقت لڳي ٿو ته سنڌ ۾ هڪ نئون جوش ۽ ولولو اڀري اڳيان آيو آهي ته پنهنجو حق گهرڻ لاءِ متحد ٿي اڳتي وڌڻو پوندو، جيڪا هڪ خوش آئند ڳالهه آهي. اها همت ۽ حوصلو سنڌ جي سياسي شعور جي نشاندهي ڪري ٿو، جيڪا 78 سالن جي عرصي ۾ آهستي آهستي ڦڙي ڦڙي تلاءُ وانگر گڏ ٿيندي ٿيندي اڄ هڪ درياءَ جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ خوشقسمتيءَ سان نه ڪنهن مذهب، نه ٻوليءَ، نه ڪنهن عمر ۽ وري نه جنس جي تفريق آهي. ڌرڻن ۾ توهان کي اسڪول جي ٻارن کان وٺي جوانن، پوڙهن، معذورن، ڪراچي جي باشعور فردن، سنڌ جي سڄي باشعور عوام جا هجوم نظر آيا.
هيءَ اها تحريڪ هئي جنهن نه صرف سنڌ جي ماڻهو کي خود حيران ڪيو آهي، بلڪه 78 سالن کان وٺي پاڪستان کي نهاريندڙ قومون به هن وقت سنڌ جي ان شعور کي ڏسي ڏندين آڱريون ڏيئي رهيون آهن. 28 اپريل 2025 تي سنڌي قوم جي جدوجهد ڪامياب ٿي ۽ وفاق کي ٻه قدم پٺتي هٽڻ لاءِ مجبور ڪيو. يقينن اها ڪا وڏي فتح ناهي، پر ڪاميابيءَ جو هڪ مورچو ضرور آهي. سنڌ جي ماڻهن کي ان ڳالهه جو ادراڪ هجڻ کپي ته سندن تحريڪ صرف پاڻيءَ جي لاءِ نه بلڪه پاڻي جنهن مقصد جي لاءِ کنيو پيو وڃي، ان مقصد کي به ختم ڪرڻ جي لاءِ هڪ تحريڪ اڃان هلائڻي آهي. سنڌ ۾ ڏنل گولاڙچي، بدين، عمرڪوٽ، سانگهڙ، گهوٽڪي، احمد راڄو خاناڻي ۽ ڪشمور ۾ گرين انيشيئيٽو منصوبي تحت ڏنل زمينون واپس وٺڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ کي گڏ ٿيڻو آهي ۽ هڪ پرامن تحريڪ هلائڻي آهي. ڇو ته هن منصوبي جي لاءِ ٻيهر پاڻيءَ جي ضرورت پوندي، وري ٻيهر اهو راڳ شروع ٿيندو جيڪو هن وقت روڪيو ويو آهي، ان ڪري سنڌ جي باشعور عوام ۾ هر ان منصوبي جي خلاف متحد ٿي انهن جماعتن سان پنهنجو آواز ۽ پنهنجي شعور کي گڏ ڪري هلڻو آهي، جيڪي آئين کان مٿانهن فيصلن خلاف جدوجهد ڪري سنڌ کي پنهنجا حق وٺي ڏيڻ لاءِ ميدان عمل تي موجود آهن. سنڌ جي سجاڳ ۽ باشعور قوم جيڪڏهن پنهنجن مسئلن کي اتحاد ۽ پرامن طريقي سان حل ڪرائڻ جي طرف وڌندي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سنڌ سان ٿيندڙ جيڪي ناانصافيون آهن انهن جو خاتمو جلد ٿي ويندو، بلڪه سنڌ پنهنجا آئيني ۽ قانوني حق وٺڻ ۾ به ڪامياب ٿيندي ۽ اها ڪاميابي پوري پاڪستان جي عوام جي هوندي. سنڌ جي اندر تعليم جو جيڪو فقدان آهي ان جو به ازالو ٿي سگهندو ۽ معاشري ۾ اها بهتري ايندي جنهن جا خواب سنڌ جو عوام 78 سالن کان ڏسي رهيو آهي.