ايڊيٽوريلنئون

ٽرمپ حڪومت ۽ پاڪستاني امداد جي معطلي

            پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ واري ڏينهن کان وٺي پاڪستان آمريڪا جي بلاڪ ۾ رهيو آهي ۽ پاڪستان آمريڪا جو هڪ پراڻو ساٿي آهي. پاڪستان آمريڪا سان سائوٿ ايسٽ ايشيا ٽريٽي آرگنائيزيشن (سينٽو 1954ع ۾) ۽ سينٽرل ٽريٽي آرگنائيزيشن (سينٽو 1955ع ۾) صحيح ڪيو. ان کانپوءِ پاڪستان سالن کان آمريڪا سان ڪيترائي معاهدا ڪري مختلف گڏيل پروگرام جاري رکندو آيو آهي. پاڪستان دهشتگرديءَ جي خاتمي جي لاءِ آمريڪا جو ساٿي رهيو ۽ آمريڪا پاڪستان کي سٺي معاشي مدد ڏئي وڏا وڏا پروجيڪٽ پاڪستان ۾ جوڙيا، پر ڪجهه سالن کان آمريڪا پاڪستان کان ناراض آهي، پر ان ناراضگي جي باوجود به جوبائيڊن جي حڪومت يا ائين چئون ته ڊيموڪريٽڪ حڪومت پاڪستان مان گهڻي خوش ته نه هئي، پر هن پنهنجي امداد کي گهٽ ضرور ڪيو هو، پر روڪيو نه هو. آمريڪا جي 47 هين صدر جي طور تي ڊونلڊ ٽرمپ جيئن پنهنجو صدارتي حلف کنيو آهي هن ڪيترائي انقلابي قدم کڻي دنيا کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي حلف برداري واري تقريب ۾ ته هن پاڪستان جو ذڪر ڪونه ڪيو هو، پر هن تازو ئي آمريڪا طرفان پاڪستان ۾ امدادي پروجيڪٽن کي عارضي طور تي بند ڪرڻ ۽ انهن جو جائزو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان کانپوءِ ان جو مستقل اعلان ڪيو ويندو ته اهي پروجيڪٽ پاڪستان ۾ آمريڪا جي مدد سان هلايا ويندا يا مستقل طور تي بند ڪيا ويندا.

            آمريڪا جو خيال آهي ته پاڪستان پنهنجي تعلقات ۾ آمريڪا سان ڪڏهن به وفادار ناهي رهيو. هينئر ٽرمپ انتظاميه پاڪستان جي 255 ملين ڊالر جي امداد بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو اثر يقينن پاڪستان ۾ هلندڙ انهن پروگرامن تي پوندو جيڪي ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان ۾ معاشي، سماجي، ثقافتي ۽ تعليمي مقصدن لاءِ هلايا پئي ويا. 2018ع ۾ ٽرمپ پنهنجي هڪڙي ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته جن دهشتگردن کي اسان افغانستان ۾ ڳولهيون ٿا پاڪستان انهن کي محفوظ پناهه گاهون فراهم ڪري ٿو ۽ متحده آمريڪا بيوقوفي ڪري پاڪستان کي 33 ارب ڊالر 15 سالن ۾ ڏنا آهن، ۽ انهن اسان کي واپسي ۾ ڪوڙ ۽ دوکي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو. هو سمجهن ٿا ته اسان بيوقوف آهيون. پاڪستان هميشه پنهنجي عوام جي مرضيءَ جي خلاف ڪجهه اهڙا فيصلا ڪندو رهيو آهي جنهن سان هو آمريڪا جي خوشنودي حاصل ڪري سگهي ۽ يقينن ان ۾ پاڪستان جا پنهنجا مفادات به شامل آهن. ڇو ته خطي ۾ پاڪستان آمريڪا جو دهشتگرديءَ جي خلاف وڏو ايلائي رهيو آهي، پر موٽ ۾ پاڪستان کي آمريڪا جي وڏي منڊي به مهيا آهي، جنهن ۾ پاڪستان پنهنجي ايڪسپورٽ ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمائي ٿو. نه صرف ايترو پر پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ عسڪري معاهدا به ٿيل آهن ۽ آمريڪا پاڪستان جي آرمي کي اسلحو، جديد ٽيڪنالاجي ۽ اسان جي مختلف آرمڊ فورسز جي ٽريننگ به فراهم ڪري ٿو. يا ائين کڻي چئي سگهجي ٿو ته خطي ۾ جتي پاڪستان جا مفادات آمريڪا سان جڙيل آهن اتي آمريڪا جا مفادات به پاڪستان سان جڙيل آهن. جيئن ئي ٽرمپ حڪومت سنڀالي آهي هن ڪيترائي ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪندي عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن ۾ شايد ڪجهه ملڪن جي امداد بند ڪرڻ به شامل آهي. پر شايد پاڪستان جي امداد کي گهڻي عرصي تائين روڪي نه سگهي. هن وقت جيڪي پروگرام آمريڪي جي مدد سان هلي رهيا هئا انهن ۾ 5 پروجيڪٽ توانائي پيدا ڪرڻ وارا هئا، جن کي روڪيو ويو آهي. 4 پروجيڪٽ معاشي گروٿ جي لاءِ آمريڪا جي امداد سان هلي رهيا هئا انهن جي فنڊنگ کي به روڪيو ويو آهي جنهن سان يقينن پاڪستان جي معاشي بهتري وارن پروگرامن تي منفي اثر پوندو. 5 پروجيڪٽ اهڙا هئا جيڪي زرعي ميدان ۾ آمريڪا جي مدد سان هلي رهيا هئا انهن کي به بند ڪيو ويو آهي ۽ 4 پروجيڪٽ صحت ۽ تعليم جا آمريڪا جي مدد سان هلندڙ هئا انهن کي به عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي.

            ان کان علاوه انساني حقن، جمهوريت ۽ گورننس جا ڪجهه پروجيڪٽ هلي رهيا هئا جن کي به عارضي طور تي روڪيو ويو آهي. ٽرمپ انتظاميه پاڪستان کي صرف هينئر اهڙي نظر سان ڏسي رهي آهي جنهن ۾ پاڪستان چائنا سان پنهنجن تعلقات کي تمام گهڻو مضبوط ڪري رهيو آهي، پر شايد آمريڪا کان اها ڳالهه وسري وئي آهي ته پاڪستان آمريڪا ۽ روس جي جنگ جي ڪري افغانستان ۾ ڪيترن سالن تائين ڦاٿل رهيو ۽ پاڪستان صديون پٺيان هليو ويو، ڇو ته هن وقت به پاڪستان ۾ 30 کان 40 لک افغاني پاڪستان ۾ مهاجر ڪئمپن ۽ وڏن وڏن شهرن ۾ موجود آهن جنهن جو بار سنئون سڌو پاڪستان جي معيشت  تي پئجي رهيو آهي، نه صرف ايترو بلڪه انهن افغان مهاجرن جي ڪري پاڪستان جي سماج ۾ منشيات، اسلحو، دهشتگردي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي برايون پيدا ٿيون ۽ اسان جي ڊيموگرافي به تبديل ٿي چڪي آهي. انهن سڀني ڳالهين کي ياد رکندي آمريڪي حڪومت کي پنهنجين پاليسين کي هڪ ڀيرو ٻيهر رويو ڪرڻو پوندو، ڇو ته حڪمران ته ايندا ويندا رهندا آهن، پر رياستون هڪٻئي سان پنهنجن مفادن جي بنيادن تي پنهنجون پاليسيون جوڙينديون رهنديون آهن ۽ شايد پاڪستان ۽ آمريڪا جا مفاد تمام پراڻا آهن ۽ هڪٻئي سان جڙيل اهن ان ڪري آمريڪي صدر کي پنهنجين پاليسين کي ٻيهر جاچڻو پوندو ۽ ڊگهي مدي جي لاءِ پاڪستان جي خطي ۾ پوزيشن کي نظر ۾ رکندي ان جي لاءِ پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت پوندي.