بلاگنئون

خطي جي سيڪيورٽي خطري ۾

ماضيءَ جو وڏو سوال اهو هو ته ڇا پاڪستان آمريڪا کي اڏا ڏيندو ته اهي وري
طالبان سان حملن جي اک ٻوٽ کيڏن ۽ هاڻي وڏو سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان افغانستان تي حملا ڪندو ته جيئن اهي طالبان کي منهن ڏئي سگهن؟ ۽ ننڍڙو سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن تاريخ تي نظر ڊوڙائينداسين ته خبر پوندي ته جنرل ايوب کان وٺي هاڻي جي سياسي بيانن تائين ڪهڙا حڪمران ويهي ڳڻيون، جن آمريڪا کي اڏن ڏيڻ جي آڇ نه ڪئي هجي، پر اهو به ذهن ۾ رکون ته آمريڪا کي انڪار سولو ڪم ناهي ۽ وري ملڪي صورتحال بگاڙڻ به ڪا چڱائي ڳالھ ناهي. 83 هزار ماڻهو ضرب عضب، ردالفساد (۽ هاڻي عزم استحڪام) آپريشنز ۾ مارائڻ، وري اهڙي نموني 126 بلين رڳو هٿيارن جي ڊوڙ، بمن بارودن جي لاءِ خرچ ۽ وقف ڪرڻ ڪا مذاق ناهي، جي 20 سالن ۾ افغانستان ۾ آمريڪا جهڙا جنگجو ڪجھ نه ڪري سگھيا ته پوءِ هاڻي ڇا ڪندا؟ جي ٽرمپ، اوباما ۽ جونيئر بش ٻه ڀيرا اوساما بن لادن کي ماري به ڪجھ حاصل نه ڪري سگھيا ته پوءِ هاڻي آمريڪا افغانستان ۾ اچي به ڇا ڪري سگهندو؟ سوال اهو به آهي ته ڇا ويٽو ملڪ آمريڪا جو ساٿ ڏيندا؟ جن جي آڏو هي (آمريڪي) جيڪڏهن ايجنڊا رکن يا جواز پيدا ڪن ته پوءِ حملن ڪرڻ جي صورت ڇا هوندي يا بهانو ڪهڙو هوندن؟ هي رياست به ”پرو طالبان“ آهي، کڻي ”پرو آمريڪي“ نه به هجن، پر اهي به اسٽيبلشمينٽ جي زور تي ٿي ويندا، ڇو ته ماضيءَ ۾ عمران خان اسيمبلي جي فلور تي اهو چئي چڪو آهي ته اساما به لادن (او بي ايل) شهيد آهي، جن جي وضاحت ۾ هنن جي وزيرن جي خلق ترديد ڪري چڪي هئي ته خان جي سدائين وانگي ”سلپ آف ٽنگ“ ٿي وئي هئي، ٻيو ڪجھ به ناهي. ساڳي ڳالھ ته اسان جي اڳوڻي خارجي وزير شاھ محمود قريشيءَ به چئي هئي جيڪي رڳو آمريڪي انڪار ۾ ٻڏل هئا. باقي چين جي ڀَرِ وٺيون بيٺا هئا، ڇو ته ڪرنٽ اڪائونٽ جي خسارن ۾ سعودي جي ڏنل پئسن جي زور واري واپسي تي چين هنن کي اهي پئسا 14 سيڪڙو وياج تي ڏنا هئا ته پاڪستان ڀلي سعودي جي قرض جي دانهن لاهي، پر اڳتي وري سڄي جو سڄو چين جي پاسي ٿي بيهي. هاڻي واري تناظر ۾ پاڪستان ته سوني جھرڪي آهي جو شين جي گروي رکڻ جي ڪري چين کي گوادر سميت ٻين هوائي اڏن جي آڇ به ڪندو، ”سڪوڪ بانڊ“ جيڪي ورلڊ بئنڪ جاري ڪندي، انهن جي وٺڻ کانپوءِ چين جو انٽريسٽ وڌي ويندو، ان ڪري چين هنن مان هٿ نه ڪڍندو، پر هي ڊالرن کي ڏسي وري تِرڪي پون ته ٻي ڳالھ آهي.

ماضيءَ ۾ ايوب خان آمريڪا کي اڏا آڇيا هئا، جڏهن آمريڪي طالبان روس تي چڙهايون ڪندا هئا ۽ 1959 ۾ ايوب خان جي آڇ وري به آمريڪي حصي ۾ هئي. وري ساڳي روايت ضياءُ جي دور ۾ به هئي جو آمريڪا کي هر ڏکئي (حرفتي ۽ چالاڪي واري) دور ۾ پاڪستان ئي ڪم آيو هو. هنن ته ضياءُ جي دور ۾ اسپيشل طريقي سان مجاهدين جي ٽريننگ جي لاءِ اڏا هلايا هئا، ان ڪري اهو الزام ضياءُ تي سکڻو ناهي، پر هنن زبردست فنامنا هڻي، حساب ڪتاب ڪري آمريڪي پٺڀرائي سان اهي مدرسا، اهي مجاهدين جا اڏا، اهي تربيت گاهون ٺاهيون هيون ته جيئن اهڙي مائينڊ سيٽ ۾ اها ڳالھ پختي ڪري سگهجي ته روس سان هر صورت ۾ وڙهڻو آهي. طالبان خالصتن لوڪل ايجنسين جا پاليل هئا، جيڪي افغانستان مان اچي تربيت به حاصل ڪندا هئا. انهن جي دماغ ۾ هڪ ئي ڳالھ فٽ هوندي هئي ته روسي فوجين کي ماري ڀڄائڻو آهي، انهن کي اڳتي افغانستان مان پاڪستان اچڻ ناهي ڏيڻو، ڇو ته ان سان جي روس جي ”انويجن“ وڌي وئي ته آمريڪا ۽ چين جي ساخت کي نقصان پڄندو. ان ڪري ضياءُ پنهنجي مرضي ۽ ڍوَ تي ايترو ته ڀرپور آمريڪا جو ساٿ ڏنو جو اهي طالبان ويڙها افغانستان مان روسي فوجين کي ڀڄائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ابتو وري 1979 وارو ايراني انقلاب ۽ 1991 واري روسي ”ڊس انٽيگريشن“ آمريڪا جي ڪاميابي جو جشن کڻي آئي جو هنن پهرين دنيا معنيٰ رڳو آمريڪا ۽ ان جا اتحادي وري ٻي دنيا معنيٰ روس ۽ چين جا اتحادي، ائين ئي ٽين دنيا معنيٰ اسان سڀ (جن ۾ ڏتريل ملڪ اچي ٿا وڃن) اهي پهرين ۽ ٻين دنيا جون جنگيون ائين ئي وڙهي ويا (۽ وڙهندا رهندا). روسي فوجين کي ڀڄائڻ کانپوءِ جڏهن آمريڪا جا مقصد پورا ٿي ويا، تڏهن هنن وري طالبان تي ڏنڊو کنيو، جو هنن جي ڳچيءَ ۾ اسلامي انقلاب جا نظريا پوڻ وارا هئا. وري ايراني انقلاب يورپ جو اکيون کولي ڇڏيون هيون. ان ڪري پاڪستان سميت افغانستان ۽ آمريڪا کي به اهو فڪر ويڙهي ويو هو ته جي پاڪستان ۾ اسلامي انقلاب اچي ويو ته پوءِ ايٽمي هٿيارن جو خير ناهي. ان ڪري اسلامي انقلاب جا سرغنا ته طالبان، مدرسا، اسلامي مائينڊ سيٽ، مذهبي جنونيت، شدت پسندي ۽ ملائيت ئي هئي. وري ان جي پرتوَن ۾ تخريبڪاري، انتهاپسندي ۽ اسلامي ڦهلاءُ ڪيئن روڪجي وارو سخت سوال به هو؟ ان تناظر ۾ اها ڳالھ سمجھڻ ڏاڍي سولي هئي ته آمريڪا جا جيڪي به ارادا هئا (۽ آهن) معنيٰ ته هو روسي فوج کي افغانستان مان ڪڍڻ سان گڏ پاڪستان ۾ اچڻ جي راھ هموار نه ڪن يا جي ائين ئي روسي فوج اڳتي وڌندي وئي ته پوءِ ڀارت ۽ چين جو به خير ناهي.

اسان اها ڳالھ سمجهي سين ته روس کي ٻنجو ڏيڻ جي لاءِ هنن طالبان فورس ٺاهيو ۽ روس کي ڀڄائي ڪڍين، وري هنن روس کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو، جيڪي به بالٽڪ رياستون هيون اهي الڳ الڳ ملڪ نمودار ٿيا، توڻي جو اهي سڀ رياستون مسلمان ملڪ هئا، پر هاڻي 25 سال گذارڻ کانپوءِ افغانين سان گڏ اسان جي ملڪ جي ماڻهن، مذهبي اڳواڻن، مدرسن ۽ مولوين جا هڻي لاھ ئي ڪڍي ڇڏين، پر ورين ڪجھ به نه، پوءِ هاڻي ڇا ڪندا؟ يا پاڪستان ۾ رڳو اهڙيون حالتون پيدا ڪندا جو پاڪستان جيڪو ايف اي ٽي ايف ۾ کڻي هڪ سال ”ڊلي“ ٿي ويو آهي، اهو هاڻي بليڪ لسٽ به ٿئي، هن ملڪ جو ڏيوالو نڪري، ادارا، اڏا، پبلڪ پراپرٽيز ته هنن گروي رکڻ شروع ڪيون آهن، آءِ ايم ايف کي قرض جي هڪڙي قسط به نٿا ڏئي سگهن، وري گروي رکي سڪوڪ بانڊ وٺي هي ادارا، هوائي ۽ بحري اڏا، پبلڪ پليسز گروي رکندا رکندا، ائين ئي پاڻ کي نيست ۽ نابود ڪندا ويندا، جنهن جو مثال وري تاريخ ۾ نه ملندو. معنيٰ اها آلجبرا ائين سمجهون ته افغانستان تي يا طالبان تي حملو ناهي، حملو ته وري به پاڪستان تي آهي، جو هي ملڪ رڳو ذريءَ ۽ ڪَنيءَ تي بيٺو آهي، رڳو هڪڙي ڌڪي جي دير اٿس، وڃي ڦَھَ ڪندو. پوءِ ايران آمريڪا جي لاءِ گوڏي جو گاھ آهي، ڳالھ رڳو ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ جي آهي ته اهي ٻئي ملڪ (پاڪستان ۽ ايران) ”رول بيڪ“ ٿين، عمران خان جو ماضيءَ جو سياسي بيان ٿورو گهڻو ڪم جو ان ڪري به هو ته هي ايٽمي هٿيارن کي سوڙهو ڪندا، پر ڪشمير جي ٻه ٽڪر ٿي هڪ حصو انڊيا کي ۽ هڪ ڀاڱو پاڪستان جي حصي ۾ اچي ته پوءِ هنن جي هٿن مان ته ايٽمي طاقت ته قسطن ۾ ۽ آهستي آهستي هلي ويندي، پر اها پاڪستان جي ايٽمي طاقت وڃڻ وري چين جي حق ۾ ناهي، ڇو ته اسان چين جي ڍال آهيون، اسان انهن جا سرڪاري گارڊ به آهيون، جنگ ڀلي هي چيني آمريڪا سان وڙهن، پر اسان چين جي پاسي آهيون. دنيا ته اهو به ڏسي ٿي ته روس جي اسان تي طالبان جي ڄمڻ جي ڪري حملو نه ڪيو، يا اسان تي قابض نه ٿي سگهيو ته چين ته اسان کي قسطن ۾ وٺي ويندو، هانگ ڪانگ 100 سالن تائين پنهنجي قبضي ۾ رکي سگهي ٿو ته اسان پوءِ ڇا آهيون؟

”جمي ڪارٽر“ (آمريڪي صدر) توڻي جو ضياءُ جي حڪومت کي وڏو ننديو هو، ضياءُ کي مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هو، پر ”رونالڊ ريگن“ هن کي مڃي ورتو هو، اها هڪ حقيقت آهي ته فوجي ڊڪٽيٽرن کي آءِ ايم ايف قرض پکا ناهي ڏيندي، پر آمريڪي حڪومت انهن جي فوجي امداد ناهي روڪيندي. ائين ئي رونالڊ ريگن ضياءُ جي وڏي پٺڀرائي ڪئي هئي، هنن جي فوجي امداد ان ڪري به جاري رکي هئن، جو آمريڪي اختيارين کي اهڙي ڪمن ۾ مزو ايندو آهي، جنهن ۾ هنن جي جنگ ٻيو وڙهي ۽ هنن جا مخالف خاص جيڪي سپر پاور جي ڊوڙ ۾ هجن سي ڌوڙ ٿي وڃن (جيئن روس) ۽ سي آءِ اي وري ناچ گانا ڳائي، پر هتي جا مقصد وري نرالا اٿن، ڇو ته هنن جي ٿنڪ ٽينڪ ۾ اسرائيلي (زيونسٽ) قدامت پسند جيڪي پاڪستان جي مورڳو ئي خلاف آهن، هنن جي لاءِ جيتري پاڪستاني عوام ۾ نفرت آهي، اوتري ئي نفرت اهي به رکن ٿا. ان ڪري آمريڪا جي پاسي نه بيهڻ ڀلو ڪم ته آهي، پر اهو به تڏهن جڏهن بارڊر سيل ٿين، هتان جا افغاني واپس پنهنجي ملڪ وڃن ۽ اتان هيڏي نه اچي سگهن، نه ته اهو ڏچو ڪڏهن ختم ٿيڻو ناهي. ڇو ته اسان جي خطي جي بيهڪ باءِ چائس ناهي، پر باءِ ڊفالٽ اهڙي آهي جنهن جي ڪري طالبان، شدت پسندي، تخريب ڪاري، اسلامو فوبيا جهڙيون شيون اڻٽر آهن، جيڪي رڳو مغرب سمجهي ٿو ۽ انهن کي پسند ناهن.