بلاگنئون

ڊجيٽل دنيا ۾ سنڌ جو استاد ۽ شاگرد

هڪ استاد صبح جو بايوميٽرڪ ڊوائيس کي پنهنجون اکيون ڏيکاري (جيڪو حاضريءَ جو هڪ نئون ڊجيٽل طريقو آهي) پنهنجي حاضري کي يقيني بڻائي ٿو. ان کانپوءِ هو ڊسٽر ۽ مارڪر پين کڻي سِڌو پنهنجي ڪلاس ۾ وڃي ٿو. ڪلاس ۾ ڪجهه صحيح سلامت ته ڪجهه ڀڳل ٽٽل فرنيچر تي ويٺل شاگردن کي سلام ڪري هو وائيٽ /بليڪ بورڊ تي ٽاپڪ لکي ٿو. هو جيئن ئي بليڪ بورڊ تي ٽاپڪ لکي ٿو ته اڌ کان وڌيڪ شاگرد پنهنجو اينڊرائيڊ سيل فون ڪڍي ان ٽاپڪ کي چيٽ جي پي ٽي، جيميني، ميٽا ورس، گوگل ۽ ٻين ڊجيٽل ايپليڪيشنز تي سرچ ڪري ٿو. استاد جيئن تيئن ڪري ڪلاس ۾ موجود اَسيءَ کان سئو سوا تائين موجود شاگردن کي نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ لاءِ منهن به خراب ڪري ٿو ۽ پنهنجي پوري ڪوشش سان ڪلاس کي سٺي نموني سان هلائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ لاءِ ڏاڍيان به ڳالهائي ٿو. ڪلاس ۾ سَئوَ کان مٿي شاگرد ھجن ته اهو ڪلاس ڪلاس نه بلڪه ڪرائوڊ لڳي ٿو، پر وري به ڪلاس ختم ٿيڻ وقت شاگرد پنهنجي سيل فون سان بورڊ تي لکيل سڄي ليڪچر جا فوٽو ڪڍي ٿو.

هيءَ ڳالهه ڪنهن هڪ ڪاليج/اسڪول جي نه، پر سموري سنڌ ۾ موجود سڀني تعليمي ادارن جي آهي. مٿي بيان ڪيل ڳالهه ۾ اهو واضح پيغام ڏنل آهي ته استاد جي حاضري ۽ شاگردن جي هٿن ۾ ايندرائيڊ سيل فون ته ڊجيٽل دور جو هڪ نمونو آهن، پر ڪلاس روم ۽ استاد جي پڙهائڻ وارا ٽولس  (طريقا) پراڻا آهن. جنهن جي ڪري اسان کي تعليمي ميدان ۾ پنهنجا اصل هدف حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ۽ ڏکيائيون پيش اچن  ٿيون. هينئر دنيا ننڍڙي ڳوٺڙي مان وڃي هڪ ننڍڙي گهر جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. سوشل ميڊيا جي ذريعي جيڪا شئي دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ اچي ٿي پوءِ اها ثقافتي هجي يا سائنسي اها ڪجهه ڏينهن ۾ اسان تائين به پهچي وڃي ٿي.! ان شئي جي اوريجنل نه ئي صحيح، پر فاسٽ ڪاپي اسان وٽ به ڪجهه ڏينهن ۾ ضرور پهچي وڃي ٿي. اسان کي تعليمي ميدان ۾ به ان سوشل ميڊيا مان لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي.

جيڪڏهن سنڌ جي تعليم تي سراسري نظر وجهنداسين ته تمام گهڻي پٺتي پيل نظر ايندي. هر ضلعي ۽ تعلقي جي تعليمي شرح هڪٻئي کان مختلف  آهي. اها ايترو پوئتي ڇو آهي؟ ان جا ڪيترائي سبب آهن. ڪنهن به هڪ سبب يا ڪنهن به هڪ اسٽيڪ هولڊر کي ان جو ذميوار نٿا ڏئي سگهون، پر سوشل ميڊيا ٽرولنگ/يا کڻي سولي سنڌيءَ ۾ ميڊيا ٽريڪب ٽريڪي جي ذريعي سماج ۾ اهو بيانو Narrative ضرور ٺاهيو ويو آهي ته استادن تعليم کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

هتي مان تعليم جي تباهيءَ جي سببن ڏي ڪونه ٿو وڃان، پر ڪجهه صلاحون لکڻ ٿو چاهيان ته اسان کي هن ڊجيٽل دنيا ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي. اسان جي تعليم کاتي ۾ استاد جي حاضري ڊجيٽل ٿي وئي آهي ۽ شاگرد به گهڻي قدر اينڊرائيڊ سيل فون هٿن ۾ هئڻ جي ڪري ڊجيٽل ٿي ويا آهن. جنهن جي ڪري اسان جو تعليمي سرشتو اڌ ريڍو ته اڌ ٻاڪرو ٿي ويو آهي، پر اسان جا ڪلاس روم، ليبارٽريون ۽ پڙهائڻ جا ٽول اُهي ئي پراڻا آهن.

هاڻي ٿيڻ ايئن گهرجي ته جيئن استاد جي حاضريءَ کي ڊجيٽل ڪيو ويو آهي، ساڳئي طريقي سان ڪلاس رومن ۽ سائنسي ليبارٽرين کي به جديد سائنسي اوزارن سان ليس ڪيو وڃي. ڪلاس رومن ۾ ڊجيٽل/سمارٽ بورڊ هئڻ گهرجن. ڊسٽر ۽ مارڪر پين جي جڳهه تي ان ڊجيٽل بورڊ کي وائفاءِ جو ڪنيڪشن ڏنو وڃي. ڊجيٽل بورڊ جو هڪ وڏي ۾ وڏو فائدو اهو ٿيندو ته پڙهائڻ سان ٻار پنهنجي اينڊرائيڊ سيل فون کيسي مان ئي نه ڪڍندا… ڇو ته جيڪا معلومات هو فون مان حاصل ڪرڻ چاهين پيا اها هنن کي ڊجيٽل/سمارٽ بورڊ جي ذريعي ملي ويندي. ڇاڪاڻ ته ڊجيٽل بورڊ ۾ اهي سڀ ايپليڪيشنون موجود هونديون آهن. هن سان ڪلاس ۾ نظم ۽  ضبط به برقرار رهندو. ڪلاسز ۾ نئون فرنيچر هجڻ سان گڏ ڪلاس هوادار به هجڻ گهرجن. ڪلاس جو ماحول ويهڻ لاءِ خوشگوار هجڻ گهرجي!  هر ڪلاس ۾ وڌ ۾ وڌ چاليهه کان پنجاھ شاگرد ويهڻ لاءِ بندوبست هئڻ گهرجي. سائنسي ليبارٽرين کي به جديد طرز تي ٺاهيو وڃي. ان سان گڏ غير نصابي سرگرمين تي به تمام گهڻو ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي…!