بلاگنئون

شاهه عبداللطيف ڀٽائي انسان دوست شاعر

لطيف سائين اسان جي سنڌ جو اهڙو شاعر آهي، جنهن کي دنيا شاعرن جو سرتاج مڃي ٿي، لطيف سائين جي شاعري ۾ هاري، پورهيت، جيت جڻ، انسان، پکي پکڻ، وڻ ٻوٽن سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۽ تهذيب تمدن جو ذڪر ٿيل آهي. لطيف سائين پنهنجي رسالي ۾ رڳو لفظ نه ڳايا آهن، پر انساني همدرديءَ ۽ اخلاص جا گلاب پوکيا آهن.

سندس سٽن ۾ هاري، پورهيت، ملاح، فقير، مسافر، عورت ۽ مرد سڀ هڪ ئي محبت جي مالها ۾ پرويل آهن. هو ڪڏهن هارين جي محنت جي واکاڻ ڪري ٿو، ڪڏهن پورهيت جي پگهر کي عزت ڏئي ٿو،

ڪڏهن ڌرتيءَ سان عشق جو پيغام ڏئي ٿو ۽ ڪڏهن محبت کي سرموڙ بڻائي انسان جي اصل سڃاڻ ڪرائي ٿو. لطيف سائين جي شاعريءَ ۾ نه ڪا نفرت آهي، نه فرقو، نه ذات پات جو ڄار، نه زبان ۽ نسل جو فخر، پر سڀ کان اهم انسانيت جي عزت ۽ حق جو پيغام آهي.

سندس دعا “سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.” رڳو سنڌ لاءِ نه، پر سڄي جهان لاءِ محبت جي خواهش آهي. لطيف سائين جي شاعريءَ ۾ فطرت به جيئري آهي پکي پکڻ، وڻ ٻوٽا، جبل، درياهه، صحرا ۽ سامونڊي هوائون به سندس ڪلام ۾ انسان سان هم آهنگيءَ ۾ نظر اچن ٿيون. ائين ڄڻ لطيف سائين انسان کي فطرت سان گڏ رهڻ، امن ۽ همدرديءَ سان جيئڻ جو پيغام ڏئي ٿو.

سنڌ واسين لاءِ لطيف جهڙو شاعر هجڻ وڏي سعادت آهي. سندس سٽون اسان کي نه رڳو سنڌ سان محبت سيکارين ٿيون، پر پوري دنيا جي انسانن سان ڀائيچارو رکڻ جو سبق ڏين ٿيون. لطيف سائين جي شاعري وقت، نسل ۽ سرحدن کان مٿانهون پيغام رکي ٿي اهو پيغام ته “انسانيت سڀ کان وڏي سڃاڻ آهي.”