ايڊيٽوريلنئون

پاڪستاني مارڪيٽ ۾ ساليانو 45 لک ٽن کان وڌيڪ غير معياري کليل کاڄرو تيل جو وڪرو

پاڪستان هڪ غريب ملڪ هجڻ جي باوجود پنهنجي بجيٽ جو وڏو حصو ماڻهن جي علاج تي خرچ ڪري ٿو. انهن بيمارين ۾ دل جون بيماريون، جگر ۽ گڙدن جا مسئلا، ڪينسر هن وقت عام آهن. اسان جي ملڪ ۾ هر مسئلي جي لاءِ قانونسازي ٿيل آهي، پر جڏهن عملي صورت ۾ ان کي ڏٺو ويندو ته ادارا پنهنجي لاءِ ٺهيل قانون جي پنهنجن هٿن سان لتاڙ ڪندي نظر ايندا.

پاڪستان ۾ فوڊ اٿارٽي نالي هڪ ادارو آهي جيڪو ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي ته اهو ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ کاڌن جي باري ۾ ماڻهن کي معلومات فراهم ڪندو، مارڪيٽ ۾ آيل کاڌن جي جاچ ڪندو ۽ غير معياري کاڌا وڪرو ڪرڻ وارن مٿان ڏنڊ وجهي انهن کي سزائون ڏيندو ۽ قانوني ضابطا ٽوڙڻ وارن کي نه صرف سزائون ڏئي ڏنڊ وجهندو، پر انهن جي ڪاروبار کي سيل ڪري ڇڏيندو ۽ انهن جي مٿان ڪيس داخل ڪندو.

ان کان علاوه فوڊ اٿارٽي جو اهو به ڪم آهي ته عوام اندر آگاهيءَ لاءِ مختلف وقتن تي مهمون هلائي صحتمند کاڌي ۽ خراب کاڌي جي فرق کي اجاڳر ڪندو ته جيئن عوام غير صحتمند کاڌو کائڻ کان پنهنجو پاڻ کي محفوظ رکي سگهي، پر ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ هر سال 45 لک ٽن کان وڌيڪ کليل کاڄرو تيل جنهن جو ڪوبه برانڊ نه آهي، اهو شهرن ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، جيڪا هڪ ڳڻتيءَ جهڙي ڳالهه آهي. ان جو روزانو استعمال عوام جي صحت تي تمام گهڻو خراب اثر وجهي رهيو آهي.

اهو کليل تيل عام طور تي بغير ڪنهن پيڪنگ يا ليبلنگ جي هڪ وڏي مقدار ۾ مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿئي ٿو، جنهن ۾ نقصان ده ڪيميڪلز، گدلاڻ ۽ حياتياتي جراثيم شامل هوندا آهن. پاڪستان جي فوڊ انڊسٽري،  جنهن ۾ گهڻو ڪري ننڍا ننڍا ريسٽورينٽ ۽ گاڏن تي ملندڙ کاڌي پيتي جون شيون جنهن ۾ تريل شيون سڀني کان وڌيڪ عام استعمال ٿين ٿيون، کائڻ سبب هن وقت ماڻهو دل جي بيمارين ۾ تيزيءَ سان مبتلا ٿي رهيا آهن. ان کان علاوه فالج ۽ ٻيا دماغي مرض عام ٿي رهيا آهن.

ننڍن ٻارن کان وٺي جوان آباديءَ جا گردا تيزيءَ سان فيل ٿي رهيا آهن، جگر جون بيماريون عام ٿي رهيون آهن. ان جو سبب هي کليل تيل آهي جيڪو تمام گهڻي آزاديءَ سان پاڪستان جي کاڌي پيتي جي صنعت ۾ کلئي عام استعمال ٿي رهيو آهي، جيڪا پاڪستان جي حڪومت لاءِ لڳي ٿو ته ڪا ڳڻتيءَ جي ڳالهه نه آهي، پر هن مسئلي کي تازوئي هڪ ڪئنيڊين اداري نيوٽريشن انٽرنيشنل جي اهتمام هيٺ کاڄرو تيل جي ريگيوليشن متعلق مشاورتي اجلاس ۾ اجاڳر ڪيو ويو. هن اداري جي نمائندي، معين قريشي ٻڌايو ته پاڪستان جي گهٽ آمدني واري آباديءَ جو 40 کان 45 سيڪڙو ان تيل تي انحصار ڪري ٿو.

هن اداري جي ٽيڪنيڪل ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر حسن عروج نشاندهي ڪئي ته سنڌ ۾ کليل تيل تيار ڪرڻ واريون 33 ملون موجود آهن، جن جو گهڻو تعداد ڪراچيءَ ۾ آهي. ان کانپوءِ حيدرآباد ۽ سکر جو نمبر اچي ٿو. بلوچستان ۾ صرف ٻه ملون آهن ۽ بلوچستان ۾ گهڻو ڪري تيل جي خريداري سنڌ مان ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ته اتي ايران جو تيل به استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر حسن عروج وضاحت ڪئي ته ايراني تيل سئو سيڪڙو استعمال جي قابل آهي. جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب جي تيل جا نمونا صحت جي ٽيسٽ ۾ ناڪام ٿيا.

هن وقت پاڪستان دنيا ۾ کاڄرو تيل استعمال ڪرڻ وارو اٺون سڀ کان وڏو ملڪ آهي، جتي ساليانو في ماڻهو جي تيل جي کپت 22 ڪلو گرام آهي. برانڊيڊ تيل سخت ريفائننگ عمل مان گذرن ٿا ۽ حفاظتي مرحلن مان گذري تيار ڪيا وڃن ٿا، ان جي ابتڙ کليل کاڄرو تيل انهن مرحلن مان نٿو گذاريو وڃي. هن تيل تيار ڪرڻ جو ڪچو مال انتهائي ناقص هوندو آهي، جنهن ۾ ڪپهه جا خراب ۽ سستا داڻا، ترن جا ٻج ۽ ٻيا غير موزون ٻج استعمال ڪري تيل تيار ڪيو ويندو آهي. ان کان علاوه پيداواري عمل به غير معياري مشينن ذريعي ڪيو ويندو آهي، جنهن سبب ان ۾ گدلاڻ شامل ٿيندي آهي، جيڪا انساني صحت لاءِ نقصانڪار آهي.

سڀ کان وڏو نقصان جيڪا شيءِ انساني صحت کي پهچائي ٿي اها ان ۾ شامل ڪيميڪل جو مقدار آهي، جيڪو تيل کي چمڪ ڏيڻ ۽ ڇڊو بنائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ان صنعت ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ وارو سرمائيدار تمام سٺو ناڻو ڪمائي ٿو، پر ملڪ جي 40 کان 45 سيڪڙو آبادي ان جي قيمت نه صرف پئسن سان بلڪه پنهنجي صحت خراب ڪرڻ سان ادا ڪري ٿي.

ان معاملي ۾ سڀ کان وڌيڪ ذميواري حڪومت جي ڪلهن تي اچي ٿي جيڪا عوام کان ووٽ وٺي پوءِ ان کان مختلف قسمن جا ٽيڪس اوڳاڙي ملڪ جو نظام هلائڻ لاءِ چونڊجي ڪم ڪري ٿي. عوام جي صحت جو خيال رکڻ حڪومت جي پهرين ذميداري آهي. حڪومت کي گهرجي ته صوبائي سطح تي ۽ وفاقي سطح تي فوڊ اٿارٽين کي مارڪيٽن، ريڙهن ۽ ڪارخانن ۾ چيڪنگ ۽ معائني ۽ ڪارروائي ڪرڻ جو مڪمل اختيار ڏئي. ان کان علاوه انهن تيل جي ڪاروبارين کي جيڪي کليل کاڄرو تيل تيار ڪن ٿا انهن کي اهڙي تربيت ڏئي تيار ڪري ته جيئن اهي پنهنجي مصنوعات جي معيار کي بهتر ڪري سگهن ۽ ان ۾ نقصان ڏيندڙ ڪيميڪل شامل ٿيڻ کان انهن کي روڪيو وڃي.

ان کان علاوه عوام جي به ذميداري آهي ته اهي پنهنجي صحت جو خيال رکڻ جي لاءِ گهٽ کان گهٽ کاڄرو تيل جو استعمال ڪن، تريل شيون ۽ گهڻيون تيل واريون شيون کائڻ کان پرهيز ڪن، صحتمند غذا استعمال ڪرڻ جي رستن کي اختيار ڪن، پاڻي ۾ اٻاريل کاڌا يا معياري، پر تمام گهٽ تيل ۾ تيار ٿيل کاڌا کائڻ جي روايت کي اختيار ڪن. ان سان نه صرف سندن بجيٽ تي مثبت اثر پوندو، پر سندن صحت بهتر رهندي.