نئون

سنڌ ۾ مسنگ پرسنز جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي وئي

سنڌ اندر مسنگ پرسنز جي آزادي لاءِ حيدرآباد ۾ سماجي اڳواڻن، قومپرست ڌرين ۽ شهرين پاران گڏجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ وڪيل، اديب ۽ گم ٿيلن جا وارث به شامل هئا. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ بک هڙتال جي پڄاڻي جي موقعي تي گم ٿيلن جي وارثن ۽ سڄي سول سوسائٽي پاران اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي حيدر چوڪ ۽ گول بلڊنگ کان ٿيندي پريس ڪلب تائين پهتي. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ قادر مگسي چيو ته بنا ڪنهن ڏوهه جي سنڌ مان ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اڳي سياسي اڳواڻن کي جيل ۾ واڙي ڪوڙا هنيا ويندا هئا هاڻي کين گم ڪيو پيو وڃي. هاڻي سنڌ هڪ آواز ٿي وئي آهي. ان موقعي تي ٻين به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ گهر ڪئي. ان موقعي تي سڪرنڊ ۾ 48 ڪلاڪ ۽ ملير ۾ 72 ڪلاڪن جون بک هڙتالون جاري آهن.