واٽس اپ تي موڪليل مئسيج کي مٽائڻ جي سهولت موجود
رابطي جي ويب سائيٽ واٽس اپ هاڻي اهڙي سهولت متعارف ڪرائي آهي جنهن جي مدد سان واٽس اپ تي موڪليل مئسيج کي مِٽائي سگهبو. هن وقت تائين اهڙي سهولت ڪنهن به رابطي جي ويب سائيٽ تي موجود نه آهي. هن قسم جي سهولت لاءِ خاص اوائلي بنياد تي شرط اهو آهي ته مئسيج کي موڪلڻ کان 5 منٽ بعد ئي ڊيليٽ ڪيو وڃي. ان کان علاوه اهو به شرط آهي ته اهڙو مئسيج وصول ڪندڙ شخص نه پڙهيو هجي پر ايندڙ وقت ۾ اهڙي سهولت هر مئسيج لاءِ رکي ويندي. ان قسم جي سهولت کي ان سينڊ RE CALL جو نالو ڏنو ويو آهي. هن قسم جي سهولت هونئن ته في الحال واٽس اپ تي ئي آهي پر ايندڙ وقت ۾ ان کي Reverse Engineers جي طريقي هيٺ ٻيون ويب سائيٽون به ٺاهيون وينديون ۽ پوءِ اها سروس هر رابطي جي ويب سائيٽ تي موجود هوندي.