بلاگنئون

بي آءِ ايس پي پروگرام ۾ ڊوائيس هولڊرن هٿان مسڪين ڇو ٿا ڦرجن؟

هونئن ته اسان جي سماج ۾ سادن ماڻهن کي لٽڻ ۽ ڦرڻ وارو رواج عام جام ٿي چڪو آهي. سرڪاري آفيسن ۾ وڃو ته ڪوبه ڪم رشوت کانسواءِ نٿو ٿئي. ننڍي کان وڏي دڪان تي وڃو ته هر روز هر شيءِ جا نوان اگهه مقرر ڪيا وڃن ٿا، جنهن سان عوام جي ڦرلٽ ٿئي ٿي. هي سوشل ميڊيا جو دور آهي، ان ڪري اڪائونٽ هولڊرن جون آئيڊيز هيڪ ڪري يا ان جي نالي ۽ تصوير سان ٻيو پروفائل ٺاهي انهن جي دوستن کان ڪا مجبوري يا ٻيا ڪي مسئلا پيش ڪري پئسا گهرڻ يا ان جي نالي ۽ ڊي پي سان واٽس ايپ اڪائونٽ ٺاهي دوستن کان پئسا ڦرڻ جا ڪجهه نوان طريقا اچي ويا آهن. ڪراچي توڙي ٻين شهرن ۾ ته باقاعده ڦرلٽ جا سينٽر کلي ويا آهن جيڪي باقاعده تربيت ڏين ٿا ته ماڻهن کي ڪيئن ڦُرجي، ڪال سينٽر جي نالي سان ۽ سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ نالي سان سينٽر کليل آهن، جيڪي ملڪي توڙي ٻاهرين ماڻهن کي ڦرين ٿا. آخر انهن سينٽرن خلاف اسان جا ادارا باخبر هوندي قدم ڇو نٿا کڻن. جيڪڏهن انهن خلاف ڪو قانون جُڙيل آهي ته ان تي عمل ڇو نٿو ٿئي. آخر نون نون طريقن سان عوام کي ڦري لٽي پريشان ڇو ٿو ڪيو وڃي. جڏهن ته قانون جا محافظ پڻ ان ڪڌي ڪم ۾ ملوث ڏٺا ويا آهن ۽ انهن جي نگرانيءَ ۾ اهو سڀ ڪم ٿي رهيو آهي.

سنڌ جي سمورن شهرن مان اهي شڪايتون اچن پيون ته احساس پروگرام يا بينظير سپورٽ پروگرام جي مسڪين ماڻهن جي جڏهن به قسط اچي ٿي تڏهن انهن ماڻهن کان وڌيڪ ڊوائيس هولڊر خوش ٿين ٿا، ڇو ته انهن وسيلي ماڻهن کي اهي پئسا ملن ٿا ۽ ڊوائيس هولڊر 12000 قسط مان 2000 ڪٽوتي ڪري کين 10 هزار ڏيئي 2000 پنهنجي لاءِ حق حلال جي ڪمائي سمجهن ٿا، جيڪا حقيقت ۾ حرام ڪمائي ۽ غريبن جو حق کائڻ آهي. اهو غريب ۽ مجبور انسان توهان جي اڳيان پنهنجن پئسن لاءِ ليلائي ٿو ۽ توهان ان جو ناجائز فائدو وٺي کيس وڌيڪ پريشان ڪريو ٿا. آخر هو ڪنهن در دانهن ڏئي. جيڪڏهن ڪو ڊوائيس هولڊر خلاف واويلا ڪري ٿو ته ان کي پوليس گهڙي کن لاءِ گرفتار ڪري فوٽو سيشن ڪري معاملو نبيري ڇڏي ٿي، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو.

حقيقت ۾ هن مهانگائيءَ جي دور ۾ جڏهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جون قسطون جاري ٿين ٿيون ته غريب ماڻهن لاءِ اميد جي هڪ چڻنگ روشن ٿئي ٿي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ان ماحول ۾ ڪجهه راڪاس انهن غريب ۽ بيواهه عورتن جي حقن تي ڌاڙو هڻن ٿا، ڪجهه ڏينهن پهرين جڏهن قسطن جي ورهاست شروع ٿي، جتي سوين عورتون پنهنجن جائز حقن لاءِ نٽهڻ اس ۾ قطارون ڪري بيٺيون هيون، پر انهن جي سامهون بيٺل رڪاوٽون صرف مالي نه، اخلاقي ۽ انتظامي به هيون. مان هڪ ڊوائيس هولڊر سان ڳالهايو ته ان ٻڌايو ته “اسان صرف نالي جا راڪاس آهيون، پر اصل راڪاس ته پوليس، انڪم سپورٽ جا آفيسر، ڪجهه مقامي صحافي ۽ بروڪر آهن، اهي قسط جاري ٿيڻ کان اڳ ئي ڪئمپن تي اچي، ڊوائيس هولڊرن تي دٻاءُ وجهن ٿا ته هو پنهنجو “حصو” ڏين.” ان مطابق، جيڪڏهن عام ڊوائيس هولڊر صرف 500 رپيا ڪٽوتي ڪري ٿو ته اهي “اثرائتا دوست” اها ڪٽوتي وڌائي 2000 کان 2500 رپين تائين پهچائي ڇڏين ٿا، پر اهي غريب عورتون، جيڪي انهن قسطن تي پنهنجن ٻارن جو پيٽ پالين ٿيون ۽ گهر جو گاڏو هلائين ٿيون، اهي لاچار ۽ مجبور ٿي خاموشي سان نه رڳو اها زيادتي برداشت ڪن ٿيون، پر سڄو ڏينهن اتي مختلف طريقن سان خواري برداشت ڪن ٿيون.

ڊوائيس هولڊرن موجب، “اسان کي اجايو بدنام ڪيو وڃي ٿو ته اسان غريب ماڻهن سان زيادتي ڪريون ٿا، پر حقيقت اها آهي ته اسان پاڻ به دٻاءُ هيٺ آهيون، جن جا هٿ صاف هجڻ گهرجن، اهي ئي هن نظام کي خراب ڪري رهيا آهن.” مقامي انتظاميه ۽ BISP جي اختيارين لاءِ هي سنگين الزام وڏو سوال اٿاري ٿو: ڇا غريبن لاءِ شروع ڪيل هي پروگرام انهن ئي ماڻهن جي هٿان يرغمال بڻيل آهي، جن جو ڪم انهن جي مدد ڪرڻ آهي؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا سنجيدگي سان ان غلط عمل خلاف فوري طور قدم کڻن، ڇو ته هي امدادي پروگرام هڪ ڪاروبار بڻجي چڪو آهي.

اهم ذريعن مان اهو به معلوم ٿيو آھي ته ڪجهه ڊوائيس ھولڊر فوتي عورتن جي نالي تي ايندڙ پئسا ڪافي سالن کان ڪڍرائي کائي رھيا آهن ۽ غريب عورتن کي ملندڙ رقم مان ڪٽوتي پڻ ڪندا رهن ٿا، پر ڪوبه  انهن خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، آخر سرڪار انهن مسڪين ۽ غريب ماڻهن لاءِ ڪا مثبت پاليسي ڇو نٿي ٺاهي، جنهن وسيلي غريبن کي آسانيءَ سان قسط ملي سگهي ۽ ايجنٽن کان بچي سگهن. سرڪار کي ڪرپشن ختم ڪرڻ ۽ ڊوائيس هولڊرن يا ايجنٽن کي ڪميشن ڏيڻ بدران ڪنهن بئنڪ سان معاهدو ڪري ان وسيلي هر اڪائونٽ هولڊر ايپ ڊائون لوڊ ڪري ان ۾ پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي آساني سان پنهنجا پئسا پنهنجي بينڪ اڪائونٽ يا موبائيل اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪري مفت ۾ حاصل ڪري سگهن ٿا…!