بلاگنئون

آمريڪا جا صدر ۽ سندن مٿان حملا

آمريڪي صدرن تي ٿيل فائرنگ جي تاريخ ڏاڍي ڊگهي آهي، جنهن کي پڙهجي ۽ سوچجي ته اهڙا ملڪ جتي عام شهري، انهن جا مال ۽ انهن جون ملڪيتون ته محفوظ آهن، پر اتي انساني جانيون ڪنهن پکي جي شڪار مانند آهن، جو ڪير به شوٽ ڪري شڪار ڪري سگهي ٿو، ڪابه قانوني جهل پل ناهي. ڪنهن کان به آمريڪا اهي اختيار ناهن کسيا ته اهي ورَ ۾ پستول يا ريوالور هڻي نه هلن. آمريڪي شهرين کي اهي اخيتار به آهن ته اهي واٽ ويندي ڪنهن کي به شوٽ ڪري سگهن ٿا جيڪا ڳالھ آمريڪا ۾ تمام گهڻي عام آهي. 20 جنوري 2021 تي ڪيپيٽل ۾ جوبائيڊن جي حلف برداري تقريب دوران ٽرمپ جا غنڊا اندر ڪيپيٽول جي تاريخي عمارت ۾ گهڙي چار ماڻهو ماري هليا ويا، پر ان کانپوءِ جوبائيڊن رڳو آئين ۾ 25 هين ترميم ڪرائي اڳوڻي صدر کان صوابديد کسي نائب صدر کي پاور ڏئي ڇڏيا، ته صدر جي حلف نٿو کڻائي يا نٿو کڻائڻ چاهي (جيئن ڊونلڊ ٽرمپ ڪيو) ته ان جي جاءِ تي نائب صدر به حلف برداري جي تقريب ڪوٺائي سگهي ٿو. حقيقت اها به هئي ته ڊونلڊ ٽرمپ جوبائيڊن کي صدر مڃڻ لاءِ تيار نه هو. ان ڪري هن جوبائيڊن کي قسم به نه کڻايو، پر ڳالھ اها به آهي ته آمريڪي ڪانگريس، آمريڪي قانونن ۽ اصولن ۽ آئينن ڊونلڊ ٽرمپ جو ڪجھ به نه بگاڙيو ۽ هو مست صدر ائين روڊن تي الست بڻيو گهمندو رهيو. حالانڪه آمريڪا قانون ۾ اهو به آهي ته ڪوبه ماڻهو ڪنهن جي گهر جي ڀت تي، دڪان جي ڀت تي، انهن جي گهر ڀرسان بيٺل گاڏي تي ڪابه چاڪنگ، ڪو به اشتهار نٿو هڻي سگهي يا جنهن ماڻهوءَ اها حماقت ڪئي ته معنيٰ ڪلھ مئو، ڪورٽون ڦري فقير ڪري ڇڏينس ۽ معافي تلافي وٺي جان آجي ڪرائيندو، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته انهن ملڪن ۾ ماڻهوءَ جو ملھ ٽڪو آهي.

هاڻي به ائين ٿيو جو ڊونلڊ ٽرمپ جي ريلي ۾ تقرير دوران فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ جاچ ڪندڙ ٽيم اڳوڻي صدر تي ممڪنه طور تي قتل جي ڪوشش سمجهي رهيا هئا. ماضيءَ ۾ ”ابراهام لنڪن“ ۽ ”جي ايف ڪينيڊي“ سميت آمريڪي صدرن يا صدارتي اميدوارن تي فائرنگ جا ڪجھ واقعا قابل ذڪر آهن، جن جا مثال ڏئي سگهجن ٿا، پر هڪڙي ڳالھ مڃبي ته انهن صدرن جي مٿان ڪڏهن به ڪرپشن جي ڪا چارج ناهي لڳي، نه ئي اهي ڪڏهن پئسن جي هڙپ سازي ۾ جيل ڪٽي آيا هجن، پر بل ڪلنٽن تي رڳو مونيڪا ليونسڪي جي ڪري اخلاقي چارجز لڳا سي به هن ڪورٽ کان معافي وٺي جان ڇڏائي. اها ڳالھ ٻي ته اهي ڀلي معاشقا هجن يا اورل سيڪس به هجي. پر 1995 کان وٺي 1997 تائين بل ڪلنٽن ڦاٿل رهيو ۽ آخرڪار هن معافي ورتي. اتي وري ڳالھ رونالڊ ريگن (1981) صدر ريگن جي ڳالھ ڪيون، جنهن کي گوليون هنيون ويون ۽ سخت زخمي ٿي پيو هو، جڏهن هو واشنگٽن جي ”هلٽن“ هوٽل ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، حملو ڪندڙ ”جان هنڪلي جونيئر“ نالي شخص هو، جنهن کي 2022 ۾ غير مشروط آزاد به ڪيو ويو هو، ان حملي کانپوءِ صدر ”ريگن“ ٻارنهن ڏينهن اسپتال ۾ گذاريا، پر ان واقعي ۽ حملي ريگن جي مقبوليت کي وڌايو. ڇو ته هن پنهنجي صحت جي بحالي دوران صبر جو مظاهر ڪيو ۽ کل مذاق ڪندو رهندو هو. ان کانپوءِ صدر جيرالڊ فورڊ (1975) کي سيپٽمبر 1975 ۾ عورتن پاران ڪيليفورنيا ۾ 17 ڏينهن جي عرصي ۾ ٻن ڌار ڌار قتل جي ڪوششن ۾ زخمي ڪيو ويو، پر بچي ويو هو. جارج والس (1972) جڏهن ڊيموڪريٽڪ صدارتي نامزدگي لاءِ مهم هلائي رهيو هو، تڏهن جارج والس کي چار ڀيرا گوليون هڻي ماريو ويو هو ۽ ”لارل“ ميري لينڊ جي هڪ شاپنگ مال ۾ هن تي حملو ڪري، اتي زندگي لاءِ مفلوج ڪري ڇڏيو هو. والس تي قتل جي ڪوشش پنهنجي جاءِ تي، پر هو پنهنجي عليحدگي پسند خيالن ۽ پاپولسٽ نعري بازي ۽ منفرد سياست جي لاءِ مشهور هو، هن آمريڪا ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ ۽ ويٽنامي جنگي دور ۾ آمريڪي گهريلو تشدد جي امڪانن کي چٽو ڪيو هو ۽ اهو امڪان ظاهر ڪيو هو ته ويٽنامي جنگ آمريڪا اندر خانا جنگيءَ جا سبب ٿي سگهي ٿي. صدر رابرٽ ايف ڪينيڊي (1968) جي ڀاءُ ”رو برٽ“ جيڪو ڊيموڪريٽڪ صدارتي نامزدگي لاءِ چونڊون وڙهيو، ان کي به لاس اينجلس ۾ ڪيليفورنيا جي هڪ ”سفير“ هوٽل ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو. ان قتل جو 1968 جي صدارتي چونڊن تي گهرو اثر وڌو هو ۽ 1960 واري ڏهاڪي جي آخر ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪرڻ واري شهري حقن جي اڳواڻ مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر جي بيمار ٿيڻ کان صرف ٻه مهينا پوءِ ٿيو. هن جي زال جيڪي سان گڏ، ڊلاس، ٽيڪساس ۾ ”لي هاروي اوسوالڊ“ پاران قتل ڪيو ويو. ”وارين ڪميشن“ 1964 ۾ ان نتيجي تي پهتو ته لي هاروي اوسوالڊ هڪ اڳوڻو بحري ملازم جيڪو سوويت يونين ۾ رهندو هو. ڪيترن ئي آمريڪن کي يقين آهي ”جان ايف ڪينيڊي“ جي موت آمريڪا جي سياست ۽ سماج ۾ هڪ وڌيڪ پرتشدد دور جي شروعات ڪئي هئي، جنهن ۾ ويٽنام جي جنگ ۽ شهري حقن جي جدوجهد جي پسمنظر ۾ فرينڪلن ڊي روز ويلٽ (1933) چونڊيل صدر جي حيثيت ۾ هڪ قتل جي ڪوشش جو نشانو بڻيو. هن فلوريڊا کي ڪوبه نقصان نه پهچايو هو، پر شڪاگو جو ميئر ”انتون سرملڪ“ هڪ حملي ۾ زخمي ٿيو هو. ”ٿيوڊور روز ويلٽ“ (1912) ٽرمپ وانگر ”ٽيڊي روز ويلٽ“ وائٽ هائوس لاءِ اڳوڻي صدر جي حيثيت سان مقابلو ڪري رهيو هو، جڏهن هن کي ”ملواڪي وڪوسنسن“ ۾ فائرنگ ڪري زخمي ڪيو هو. گولي جيڪا سڄي عمر سندس سيني ۾ پيل رهي، 50 صفحن واري اسپيچ ۽ اسٽيل جي چشمي واري پيتي هن جي کيسي ۾ سدائين رکيل هوندي هئي. مشهوري طور تي روز ويلٽ فيصلو ڪيو هو ته هو پنهنجي مقرر ڪيل تقرير کي گولي لڳڻ باوجود به جاري رکندو. وليم ميڪنلي (1901) کي ”بفيلو“ نيو يارڪ ۾ ”انارڪيسٽ ليون ڪيزولگوز“ پاران گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو. ابراهام لنڪن (1865) کي ”جان ولڪس بوٿ“ هڪ مشهور اداڪار ۽ ڪنفيڊرٽ نالي همراهه واشنگٽن ۾ فورڊ جي ٿيٽر ۾ ”اسان جو آمريڪي ڪزن“ نالي هڪ ڊرامو ڏسندي قتل ڪيو هو. ”بوٿ“ جو حملو، گهرو ويڙھ ۾ ڪنفيڊرٽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان ڪجھ ڏينهن پوءِ هڪ وڏي سازش جو حصو رهيو، جنهن ۾ نائب صدر اينڊريو جانسن ۽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ وليم سيوارڊ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش شامل هئي.

ٽرمپ واري حملي ۾ ايف بي آءِ بيٿل پارڪ، پينسلوانيا ۾ 20 سالن جي ”ٿامس ميٿيو ڪروڪس“ کي اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مهم واري ريلي ۾ قتل جي ڪوشش ۾ شڪي طور سڃاڻي ورتو ۽ شڪي شخص کي سيڪريٽ سروس پاران ٿڏي تي گوليون هڻي قتل ڪيو، جنهن ٽرمپ جي اسٽيج ڏانهن فائرنگ ڪئي جتي ٽرمپ ڳالهائي رهيو هو. ايف بي آءِ مطابق اها هڪ قتل جي ڪوشش هئي ۽ امڪاني گهريلو دهشتگردي جي شروعات، ان ڪري ڌريون واقعي جي جاچ ڪري رهيون آهن. آمريڪي رڪارڊ مطابق ڪروڪس هڪ رجسٽرڊ ريپبلڪن هو ۽ ايندڙ 5 نومبر جي اليڪشن دوران هو به هڪ ووٽر هجي ها، ڇو ته هو ووٽ ڏيڻ جو اهل هو. ٿامس ڪروڪس 2022 ۾ بيٿل پارڪ هاءِ اسڪول مان گريجوئيشن ڪئي هئي، بيٿل پارڪ مطابق ڪروڪس هڪ خاموش شاگرد هو، جيڪو اڪثر اڪيلو هوندو هو ۽ سماجي طور تي هڪ محتاط ۽ محفوظ شهري هو. سندس هڪ اڳوڻي اسڪول جي ساٿي مطابق هو هڪ خاموش طبيعت ۽ سياست تي بحث ڪرڻ وارو شخص هو ۽ هن ڪڏهن به انتشار واري ڳالھ نه ڪئي هئي، پر حيرت اها به آهي ته هاڻوڪي جاچ ٽيم کي هن جي گاڏيءَ مان ڌماڪيدار مادو به مليو آهي، جنهن تي آمريڪي جاچ واريون ٽيمون ڳوڙهي تحقيق ڪنديون. شروعاتي جاچ مان اها ڳالھ به واضح آهي ته استعمال ٿيل رائيفل هڪ طرز جي سيمي آٽوميٽڪ رائفل هئي، جيڪا قانوني طور تي خريد ڪئي وئي هئي. تحقيق ڪندڙن جو خيال آهي ته استعمال ٿيل هٿيار ڪروڪس جي پيءُ طرفان خريد ڪيو ويو، پر اهو واضح ناهي ته هو هٿيارن تائين ڪيئن پهتو ۽ ان جي دماغ ۾ ٽرمپ کي قتل ڪرڻ جي سازش ڇو آئي. حالانڪه هي شخص ڪنهن به طرح ڪنهن ذهني مرض جو شڪار نه هو. ڪروڪس جڏهن 17 سالن جو هو، تڏهن هن هڪ فلاحي تنظيم ”ايڪٽ بليو“ کي 15 ڊالر جو عطيو ڏنو هو، جيڪا هڪ سياسي ايڪشن ڪميٽي طور ڪم به ڪندي هئي ۽ گڏوگڏ کاٻي ڌر ۽ جمهوريت پسند سياستدانن لاءِ پئسا گڏ ڪندي هئي. 2021 جي فيڊرل اليڪشن ڪميشن جي رڪارڊ مطابق عطيو ترقي پسند پروجيڪٽ لاءِ مختص ڪيو ويو هو. بيٿل پارڪ ۾ جتي فائرنگ جو اهو واقعو پيش آيو، تنهن کانپوءِ ڪروڪس جي گهر جي چوڌاري گهٽين کي قانون لاڳو ڪندڙ اختيارين طرفان بلاڪ ڪيو ويو. قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن شوٽنگ جي جڳھ تي ڪابه تڪڙي جانچ نه ڪئي يا اهلڪارن ٻين طريقن کي به استعمال نه ڪيو جن کي استعمال ڪندي قاتل جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ها. ڪروڪس جي پيءُ ميٿيو ڪروڪس جيڪو 53 سالن  جو آهي هن جاچ ڪندڙ ٽيم کي ٻڌايو ته هو اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته آخر ٿيو ڇا، جنهن ڪروڪس کي مجبور ڪيو ته هو ٽرمپ تي حملو ڪري، يا ممڪن آهي ته هن جي نظر ۾ ٽرمپ آمريڪي پاليسين جي خلاف سياست ڪندو هو، ان ڪري هن ٽرمپ جي مٿان حملو ڪيو.