بلاگنئون

سنڌ طاس معاهدي کانپوءِ سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال ٺاهڻ سنڌ جي معاشي تباهي جي برابر آهي

پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ سنڌ طاس معاهدو 19 سيپٽمبر 1960ع ۾ عالمي بئنڪ جي ٽياڪڙي سان وجود ۾ آيو هو، هن معاهدي تي ان وقت جي ڀارتي وزيراعظم جواهر لال نهرو ۽ پاڪستان جي صدر ايوب خان ڪراچي ۾ صحيحون ڪيون هيون جنهن جي گارنٽي ورلڊ بئنڪ پاران ڏنل آهي، ورهاڱي کانپوءِ نئين وجود ۾ آيل ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جي حوالي سان هن معاهدي کي تاريخي حيثيت حاصل آهي. هن معاهدي تحت ڀارت کي اوڀر واريون نديون بياس، راوي ۽ ستلج جو ڪنٽرول ڏنو ويو هو. جڏهن ته پاڪستان کي 3 اولهندي واريون نديون سنڌو، چناب ۽ جهلم جو ڪنٽرول ڏنو ويو هو، جن تي سڀ کان وڌيڪ تڪرار هو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جون اهي نديون سڀ کان پهرين ڀارت مان شروع ٿين ٿيون معاهدي تحت ڀارت کي اها اجازت مليل آهي ته اهو انهن جو پاڻي آبپاشي، ٽرانسپورٽ ۽ بجلي جي پيداوار لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. هي معاهدو ان پسمنظر ۾ عمل ۾ آيو هو، پاڪستان کي خدشو هو ڇاڪاڻ ته سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ نديون ڀارت مان گذري رهيون آهن، ان ڪري جنگين جي صورت ۾ پاڪستان ڏڪار جي ور چڙهي سگهي ٿو. 1960ع ۾ هي معاهدو ٿيڻ کانپوءِ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪڏهن به پاڻي تي جنگ نه لڳي آهي. جڏهن به پاڻي جي مسئلي تي تڪرار يا نااتفاقي پيدا ٿي آهي ته ان کي معاهدي جي فريم ورڪ ذريعي ئي حل ڪيو ويندو رهيو آهي.

سنڌ طاس معاهدي کي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ڪامياب ۽ مضبوط پاڻي معاهدي جي حيثيت ۾ تصور ڪيو وڃي ٿو. هن معاهدي تحت ڀارت سنڌو درياءَ مان رڳو 20 سيڪڙو پاڻي کڻي سگهي ٿو. انڊس ريور سسٽم ٽن اولهندين ندين سنڌو، جهلم ۽ چناب، جڏهن ته ٽن اڀرندين ندين ستلج، بياس ۽ راوي تي ٻڌل آهي. هن معاهدي جي آرٽيڪل 5.1 ۾ راوي، بياس، ستلج، جهلم، چناب ۽ سنڌو درياءَ جي پاڻي جي ورهاست جو ذڪر ٿيل آهي، هن معاهدي تحت راوي، بياس ۽ ستلج مان ڀارت کان خاص طور تي پاڻي کڻي سگهي ٿو، ابتدائي طور تي معاهدي ۾ لکيل آهي ته جيستائين پاڪستان جهلم، چناب ۽ سنڌو درياءَ جي پاڻي کي استعمال ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪئنال سسٽم نٿو ٺاهي، تيستائين ڀارت پاڪستان کي راوي، بياس ۽ ستلج مان 10 سالن تائين پاڻي کڻڻ ڏيندو رهندو. معاهدي تحت پاڪستان پنهنجو سنڌو درياءَ، جهلم ۽ چناب تي پاڻي جو حق تسليم ڪري ٿو، 31 مارچ 1970ع ۾ جڏهن 10 سالن جو مدو پورو ٿيو ته ڀارت راوي، بياس ۽ ستلج جي پاڻي تي پنهنجو مڪمل ڪنٽرول سنڀالي ورتو. هن معاهدي تحت ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڻي بدران ندين جي ورهاست ٿي آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدي تي عملدرآمد ۽ تڪرار جي حل لاءِ هڪ مستقل انڊس واٽر ڪميشن جوڙي وئي هئي، جنهن ۾ ڪمشنر واري واري سان ٻنهي ملڪن مان مقرر ڪيا ويندا رهيا هئا، سنڌو درياءَ جو پاڻي تبت کان شروع ٿيندي هماليا جي پهاڙن ۾ سفر ڪندي ڄمون ڪشمير ۽ هماچل پرديش ۽ ٻين جابلو سلسلن کان ٿيندو سنڌ تائين پهچڻ بعد سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. 1947ع ۾ ورهاڱي جي نتيجي ۾ نئين قائم ٿيل رياستن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جلد ئي ان تڪرار ڪر کنيو ته هاڻي سنڌو درياھ جي پاڻي جو استعمال ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته ورهاڱي سان گڏ ندين ۽ درياهن جي مهڙ ڀارت ۾ هئي ۽ پاڪستان اهو محسوس ڪيو ته سمورو پاڻي ته ڀارت کڻي ويندو، هن جو ڇا ٿيندو، ورهاڱي جي ابتدائي سالن ۾ سنڌو درياءَ جي پاڻي جي کڻت لاءِ انٽر ڊومينين اڪارڊ معاهدو 4 مئي 1948ع تي ڪيو ويو، هن معاهدي تحت ڀارت کي پابند بڻايو ويو ته اهو حڪومت پاڪستان کي پئسن عيوض درياهن مان پاڻي فراهم ڪندو، هن معاهدي باوجود تڪرار جو ڪو حل نه نڪتو، اهڙي ريت ورلڊ بئنڪ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽياڪڙي جو فيصلو ڪيو ۽ آمريڪي ايٽمي توانائي ڪميشن جي چيئرمين ڊيوڊ للينٿل ان وقت پاڪستان ۽ ڀارت جو دورو ڪيو، جنهن جي ٻنهي ملڪن جي حڪومتن ڀرپور آجيان ڪئي، للينٿل محسوس ڪيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ڪشمير جي مسئلي تي جنگي جنون جي حد تائين پهچي چڪا آهن، ان ڪري هن ڀارت ۽ پاڪستان کي تجويز ڏني ته اهو سنڌ طاس ريور سسٽم واري مسئلي تي ڳالهيون ڪري ڪو پائيدار حل ڪڍي سگهن، ڇو ته پاڻي ٻنهي ملڪن جي بنيادي ضرورت آهي، للينٿل جي تجويز جي ورلڊ بئنڪ به آجيان ڪئي هئي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي حڪومتن به ان کي ساراهيو هو، ان وقت ورلڊ بئنڪ جو صدر ايوجيني آر بليڪ هو، جنهن لکيو ته پاڻي جو تڪرار پاڪستان ۽ ڀارت جي ترقي جي راھ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو، ان ڪري هن مسئلي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدي جي ضرورت آهي.

ورلڊ بئنڪ ان حوالي سان هڪ ورڪنگ ڪاميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏني، جنهن ۾ پاڪستان، ڀارت ۽ ورلڊ بئنڪ جا انجنيئر شامل هئا، نيٺ ٻن ورهين جي ڳالھ ٻولھ جي نتيجي بعد 1954ع ۾ عالمي بئنڪ هن مسئلي تي باقاعدي پنهنجي ٽياڪڙي جي آڇ ڪندي منصوبو پيش ڪيو، جنهن تحت ڀارت کي 3 اوڀر واريون نديون ۽ پاڪستان کي 3 اولهنديون نديون حوالي ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. هن تجويز جي پاڪستان مخالفت ڪئي، پر پاڪستان چاهيو پئي ته پاڻي جي ورڇ ورهاڱي کان اڳ واري فارمولا جي بنياد تي  ٿيڻ گهرجي ۽ عالمي بئنڪ جو منصوبو ڀارت جي فائدي ۾ وڌيڪ آهي، اهڙي ريت پاڪستاني وفد ورڪنگ ڪاميٽي مان نڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني هئي، پر ان باوجود به ڳالهين جي معطلي ڪنهن به ڌر جي حق ۾ نه هئي. ڊسمبر 1954ع ۾ ٻئي ڌريون ڳالهين جي ميز تي موٽي آيون ۽ 6 سالن تائين ورلڊ بئنڪ جي منصوبي جي حوالي سان ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ڳالهيون جاري رهيون، ان وچ ۾ ڳالهيون معطل به ٿينديون رهيون ۽ بحال به ٿينديون رهيون، معاهدي جي راھ ۾ هاڻ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اها هئي ته پاڻي جي ذخيرن ۽ ڪئنالن جي تعمير لاءِ پئسو ڪٿان ايندو، ورلڊ بئنڪ پئسا ڏيڻ جي حامي ڀري، آمريڪا ۽ برطانيا کان به اضافي فنڊ جاري ڪرائڻ جو آسرو ڏنو ويو ۽ اهڙي ريت سنڌ طاس معاهدو 1960ع ۾ مڪمل طور طئي ٿي عمل ۾ اچي ويو. هن معاهدي تحت مستقل انڊس واٽر ڪميشن جوڙي وئي جنهن کي اها ذميواري ڏني وئي ته اها مستقبل ۾ پاڻي جي ورڇ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڻي جو تڪرار ختم ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي ۽ ڪميشن مستقل اجلاس ڪرائڻ جي پابند هوندي ۽ ڪميشن ضرورت پوڻ تي ڪميشن جا نمائنده ٻنهي ملڪن جا دورا پڻ ڪندا. ان وقت کان وٺي هينئر تائين ٻه طرفان پاڻي تڪرار نبيرڻ لاءِ انڊس واٽر ڪميشن جي ورڪنگ ڪاميٽي پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگيون لڳڻ باوجود به اها ڪميشن اڃا تائين فعال آهي. افسوس جي ڳالھ اها آهي ته معاهدو سنڌ طاس جي نالي سان پر ان معاهدي ۾ ڪوبه سنڌ جو باضابطا ميمبر شامل ڪونه آهي، جنهن جي ڪري سنڌ کي ڪو خاطر خواھ فائدو پهچي سگھي.

سنڌ طاس معاهدي ذريعي پنجاب جا ٽيڪنوڪريٽس هر سال پاڻي ورهاست ۾ تمام گهڻو سنڌ کي پاڻي جي حصيداري ۾ نقصان پهچائين ٿا. هينئر به ان معاهدي تي عمل ڪيو وڃي ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين پاڻي نه ملڻ جي ڪري غيرآباد آهي سا ٻيهر آباد ٿي سگھي ٿي ۽ سيوھڻ کان سن تائين جي خالي زمين تي ڊيم ٺاھي سگهجن ٿا. سنڌ حڪومت اڳيان روئڻ رڍن اڳيان رباب وڄائڻ جي سواءِ ٻيو ڪجھ به پلئه نه پوندو. سنڌ اسيمبلي جا نمائنده سنڌ جي هن جياپي جي ذريعو سنڌو درياھ تي نوان ڪئنال ٺاهڻ واري عمل تي خاموش ڇو آهن. ڇا هي سوديبازي سرسبز سنڌ جي بربادي ۽ تباھي جو سودو ناهي، ڇا هي سنڌ جي درياهي پاڻي تي ڌاڙو نه آهي، ڇا سنڌ طاس معاهدو چونڊيل نمائندن نه پڙهيو آهي، ڇا هي نمائندن، ميرن، پيرن، ڀوتارن ۽ جاگيردارن جون زمينون سنڌ ۾ موجود نه آهن. خدارا سنڌ دشمن معاهدن جي روڪٿام لاءِ اسيمبلي مان ڪا قرارداد پاس ڪرائي وڃي ته جيئن روز روز جي سنڌ دشمن سازشي منصوبن کان بچي سگهون. سنڌو درياھ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ ۽ سنڌين جي نڙي تي لت رکڻ جي برابر آهن. هي صرف سنڌين جو نه پر مڙني سنڌ ۾ رهندڙ قومن جو اجتماعي جياپي جو مسئلو آهي.