بلاگنئون

ڪارن ڪپڙن جي اهميت

محرم الحرام جو چنڊ نظر ايندي ئي سموري ڪائنات تي سوڳ جي چادر ڇانئجي ويندي آهي، هر پاسي کان ياحسين عه جون صدائون بلند ٿينديون آهن، هرپاسي کان مجلسِ عزا برپا ڪئي ويندي آهي، هر پاسي سينه زني ۽ زنجير زني ڪئي ويندي آهي. محرم الحرام جي مهيني ۾ هر مومن ڪارو ويس اوڍيندو آهي، هر مومن غمگين نظر ايندو آهي، هر مومن جي اکين مان ڪربلا جي قضيي تي اکين مان نير جاري رهندا آهن. پاڻ ڪريم صه جن ڪاري چادر ۽ ڪارو عمامو پائيندا هئا، چشتيه سلسلي جو مشهور بزرگ بابا فريد يعني محمد مسعود الدين گنج شڪر پاڪ پتن وارو پاڻ ڪارا ڪپڙا پائيندو هو. بابا فريد صاحب پاڻ ٿو فرمائي؛
” فريدا ڪالي ميڏي ڪپڙي ڪالا ميڏا ويس“
خبر هجڻ گهرجي ته حضرت علي احمد صابري صاحب (ڪلير شريف وارو) بابا فريد جو ڀاڻيجو هيو، حضرت نظام الدين اولياءُ (دهلي واري) کي به صوفي بابا فريد جو ئي مريد ٿا چون ۽ بابا فريد کي خواجه بختيار ڪاڪي چشتيءَ جو مريد ٿا چون تنهن ڪري ڪارن ڪپڙن تي اعتراض ڪرڻ رڳو بابا فريد تي ئي نه پر چشتي، فريدي، نظامي ۽ صابري سڀني سلسلن تي حملو ليکيو ويندو. انهيءَ کانسواءِ ڪارن ڪپڙن تي اعتراض ڪرڻ وارن کي اهو به سوچڻ گهرجي ته حضور اڪرم صه جن به ڪارو ڪپڙو اوڍيندا هئا. ڪاري ڪمليءَ جو لحاظ ڪرڻ هر مسلمان جو فرض آهي. بيت الله شريف جو غلاف به ڪارو آهي ۽ اوڏانهن ئي سجدو ڪيو ويندو آهي. حجرِ اسود به ڪارو آهي انهيءَ کانسواءِ پاڻ اعتراض ڪندڙ مولوي صاحب (ملان) ڪاريون شيروانيون پائيندا آهن. فريدي سلسلي جا اڪثر صوفي اڃان تائين ڪارو ويس ڪندا آهن، تنهن ڪري ڪارن ڪپڙن تي اعتراض ڪرڻ وارا پاڻ ئي ويچار ڪن ته سندن اعتراض جو نشانو ڪهڙيون ڪهڙيون هستيون ٿيون بڻجن. ڪارن ڪپڙن لاءِ شاعرن جو سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمائي ٿو ته؛
مير مدينا نڪري آيا نه موٽي
ڪارا رڱج ڪپڙا ادا نيروٽي
آءُ تنين لاءِ لوٽي جي مسافر رانئيا
محرم جي مهيني ۾ غمِ حسين عليه السلام ڪري ڪارا ڪپڙا پائڻ گهرجن، هر محرم ماهه جي شروعات سان ڪربلا سامهون اچي ٿي ۽ ڪربلا سان ئي اسلام زنده ٿي ويو آهي.