بلاگنئون

ڪينجهر ڍنڍ جو سير ۽ نوريءَ جي قبر

انسان جو جياپو اناج تي هوندي به اسان کي اها تعليم ڏني وئي آهي ته ماني ڍئو ڪري نه کائون ته جيئن سستيءَ ۾ اسان جون عبادتون ضايع نه ٿي وڃن ۽ ان کان علاوه پيٽ ڀري کائڻ سان ٻيون به ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺن ٿيون. پيٽ ڀري کائڻ سان جسم ۾ سستي پيدا ٿيندي آهي اکين تي ننڊ جو خمار ٿيندو آهي ۽ انسان سمهي رهندو آهي، پر اسان کي ڪابه اهڙي ڳهر ڪونه هئي بس نشو هو ته سير ۽ تفريح ڪرڻ جو. سو به خاص ڪري سنڌ جي ماڳن، مڪانن، ڪوٽن، قلعن ۽ ٻين تاريخي هنڌن تي گهمڻ جو. اهو عام خيال آهي ته دنيا گهمڻ کان پهرين سياحت جي شوقينن کي پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڳن ۽ مڪانن کي گهمڻ گهرجي.

ڪافي عرصي کان اندر منجھ اڪير هئي ته ڪينجهر جي وچ ۾ شاهه لطيف جي سادگي ۽ نهٺائيءَ واري امر ڪردار مائي نوريءَ جي مزار جو درشن ڪجي جنهن کي لطيف سرڪار پنهنجن بيتن ۾ امرتا بخشي آهي. هونئن ته ڪينجهر ڪناري تي ڪيترائي ڀيرا ويو آهيان ڇو ته جڏهن ڪراچي کان ڳڙهي ياسين ويندو آهيان ته بائيڪ کي اهو ئي رستو وٺرائيندو آهيان. ڇو ته سپر هاءِ وي کان ٺٽي وارو رستو ڏاڍو وڻندو اٿم، سو ڪجھ وقت ڪينجهر ڪناري ويهي ڇولين جو مزو ماڻيندو آهيان ها بيشڪ ڪينجهر جون ڇوليون ساهن کي سرور مهيا ڪنديون آهن. شل اهي ڇوليون دشمنن جي هٿان ڪڏهن به ختم نه ٿين ڇو ته سنڌ سرڪار سنڌ جا ماڳ، مڪان ۽ تاريخي هنڌ وڪڻي رهي آهي (لطيف سرڪار جن به سورمين ۽ سورمن جو ذڪر ڪيو آهي انهن بابت نهايت ئي وضاحت سان بيت چيا اٿس، پر منهنجي ناقص ڄاڻ مطابق اهي ڪردار لطيف کان پهريان جا آهن، پر لطيف انهن ڪردارن جي آخري آرام گاهن جو ڪو واضح ذڪر ناهي ڪيو ته اهي ڪٿي ڪهڙي هنڌ يا ڪهڙي شهر ۾ دفن ٿيل آهن.)

ايئن هن ڀيري موڪلن منجھ گهر واريءَ ۽ ڌيءَ سان گڏاڻي پڪنڪ پوائنٽ، منگهو پير ۽ ڀنڀور جو سير ڪيم، پر ڀائٽين چيو ته اسان کي ڪينجهر گهمائي (هن سفر ۾ مون سان گڏ حيا شاهه مُحۡمّد، آغا افضل حسين، علي اڪبر، علي اصغر، ريحان علي ۽ هڪ مهمان جنهن جو نالو نٿو اچي) ايئن ڳالهين ڳالهين منجھ ڪينجهر جو پروگرام جوڙيوسون ۽ بائيڪن بجاءِ ڪار تي هلڻ کي ترجيح ڏنيسون ڇو ته ننڍا ننڍا ٻار به هيا ۽ اهو طئي ٿيو ته آچر 07.07.2024 تي صبح جو سوير ڀرو هلبو ان ڪري جو ڪراچي کان ڪينجهر 122 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي.

مون ڇنڇر 06.07.2024 تي گهران موڪل ورتي هئي ڇو ته مان جڏهن به ڪيڏانهن ويندو آهيان ته زال ۽ ڌيءَ کي ٻڌائيندو آهيان ۽ اجازت طلب ڪندو آهيان ته جيئن هو ڏک نه ڪن ۽ مون کي به گهمڻ ڦرڻ ۾ مزو اچي، سو آچر تي صبح جو 8 وڳي چڪرا ڳوٺ کان نڪري ڪورنگي، لانڍي، قائد آباد کان ٿيندا وڃي گلشن حديد ۾ پهتاسون جتي خبر پئي ته ڪاٺوڙ واري لنڪ روڊ تي سمان برادري جو پوليس جي ظلم خلاف ڌرڻو لڳل آهي ڇو ته پوليس هڪ ڪار تي ناحق فائرنگ ڪري هڪ عورت کي قتل ڪيو هو، جنهن سبب روڊ جام هو ۽ ٽريفڪ جي آمدورفت مڪمل طور تي بند هئي ان ڪري گلشن حديد کان ڪچو رستو ڏئي وڃي ڪاٺوڙ واري رستي تي چڙهي سپر هاءِ وي موٽر وي(M9)  تي چڙهياسين.

سپر هاءِ وي به هاڻي سوڙهو ۽ تنگ رستو ٿي ويو آهي جڏهن ته ٽرالرن جي وزن سبب روڊ ڪافي خراب ٿي ويو آهي، ٽول پلازه جي مد ۾ روزاني نه ڄاڻ ڪيترو پئسو جمع ٿئي ٿو، پر افسوس جو روڊ جي مرمت نٿي ڪرائي وڃي يعني گاڏين وارن کي ڪابه سهولت ميسر ڪونهي، چڪرا ڳوٺ کان نوري آباد تائين آغا افضل ڪار ڊرائيو ڪئي ۽ ايئن ڪچهري ڪندي، کل ڀوڳ ڪندي، مختلف ماڳن مڪانن بابت گفتگو ڪندي وڃي نوري آباد ۾ سپر آغا پيالا هوٽل تي بريڪ ڏنوسين جتي چانهن، پراٺا ۽ تريل بيدن سان ناشتو ڪيوسين. سنڌ ۾ جتي وڃ اتي رڳو پٺاڻن جو مختلف ڪاروبار جيڪي پنهنجي من ماني تحت کاڌي پيتي جي شين جا اگھ مقرر ڪيو ويٺا آهن مطلب ته پراٺو 50 ته وري بيدو به 50 بس سائين ڪير چوي.

ناشتي ڪرڻ بعد مون ڊرائيونگ ڪئي، نوري آباد کان جهرڪن تائين، پر ڪٿي به ڪلو ميٽر وارو بورڊ لڳل ڪونه هو جڏهن ته ونڊ پاور وارا ڪيترائي پکا هلي رهيا هئا، هن روڊ تي منهنجو اهو پهريون سفر هو، وڻڪاري ۽ آبادي به نالي ماتر هئي، ها مگر ڪوئلن جون ڪافي ساريون هٿرادو بٺيون هيون، جتي انگريزي ٻٻر وڍي انهن منجهان هٿرادو ڪوئلو تيار ڪيو وڃي ٿو ته وري ڪافي هنڌن تي ڪوئلي جون کاڻيون به هيون جتان مشينن وسيلي ڪوئلو ڪڍيو پئي ويو، ڪٿي ڪٿي وونئڻن جو فصل به نظر ٿي آيو، روڊ سان ڪو هوٽل وغيره ڪونه هو، پر جي هتي درياهي پاڻي پهچايو وڃي ته هتان جو پورو علائقو آباد ٿي سگهي ٿو، جهمپير هڪ قديم شهر آهي جتان ريل جو گذر ٿئي ٿو، پر جيئن ته وقت گهڻو ٿي ويو هو ان ڪري اسان بنا بريڪ هلندا رهياسين، گاڏين جي آمدورفت تمام گهٽ هئي، جهمپير کان اڳتي اسان کي سارين جو فصل نظر آيو جيڪو ڪجھ ڏينهن ۾ تيار ٿيڻ جي مرحلي ۾ هو ڇو ته اتر سنڌ جي ڀيٽ ۾ ٺٽي، سانگهڙ ۽ بدين ۾ سارين جو فصل آڳاٽو ٿيندو آهي. اهڙي طرح هلندي وڃي بسم الله چوڪ (هتان چوڪ کان هڪ رستو ٺٽو ۽ ڪراچي، ٻيو رستو ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد، ٽيون رستو ٽنڊو محمد خان ۽ بدين ۽ چوٿون رستو جهمپير ۽ نوري آباد طرف وڃي ٿو) تي بريڪ ڏئي جهرڪن جي پراڻي دوست قدوس جان جماري کي ڪال ڪيم جنهن چيو ته هو هن وقت ٽنڊي محمد خان ۾ آهي ڇو ته جڏهن کان هتي سنڌو درياءَ مٿان جناح پل تعمير ٿي آهي تڏهن کان هن علائقي جو ٽنڊي سان ڪاروبار جو رستو سولو ۽ ويجهو ٿي پيو آهي، ايئن وري هلندي سونڊا ۽ علي بحر کان اڳتي وڃي ڪينجهر ڍنڍ تي 100 رپيا انٽري في ادا ڪري داخل ٿياسين، خبر ناهي اها مختلف هنڌن ۽ ماڳن تي انٽري في ڪڏهن ختم ٿيندي جيڪا هڪ طرح سان گهمڻ خاطر ايندڙن سان ناانصافي آهي ۽ وري في جي حساب سان اتي ڪا سهولت ۽ صفائي به ڪونهي ڪا، ٻيو ته پئسن ڪمائڻ عيوض ڪينجهر جي اندر مهڙ وٽ ٽينٽون هڻي ڪينجهر جي نظاري کي هڪ طرح سان قيد ڪيو وڃي ٿو جيڪڏهن اهي ٽينٽ نما هٽ کي اتان هٽائي بند تي لڳايا وڃن ۽ صفائي سٿرائي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي ته بهتر ٿيندو.

اسان به ڪار کي پاسي تي بيهاري گرميءَ کان بچڻ خاطر وڃي ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ لٿاسين جتي اسان کان اول ئي ڪيترائي ماڻهو تڙ ڪري رهيا هئا، گهڻن ماڻهن وٽ ٽيوب هئا ۽ ڪينجهر تي ايندڙن ۾ اڪثريت ڪراچي جي عوام جي هئي جيڪي پاڻ سان گڏ کاڌي پيتي جو سامان کڻي آيا هئا ڇو ته هتي کاڌي پيتي جو سامان نهايت ئي مهانگو ملي ٿو، ٻيو ته پوري سنڌ وانگي هتي به پرائيس تي ڪو ڪنٽرول ڪونهي ڪو، هتي به ڪٿان ڪٿان کان ماڻهو اچن ٿا جيڪي ڪينجهر جي پاڻيءَ ۾ وهنجن ٿا، اسان به ڪافي وقت ڪينجهر جي ٿڌي پاڻيءَ ۾ تڙ ڪيوسين، سچ ته ڏاڍو مزو ۽ سڪون مليو، دل پئي چوي ته بس اتي ايئن تڙ ڪجي ڇو ته ٻاهر ڏاڍي گرمي هئي.

فيس بڪ تي اڪثر دوستن جا مائي نوريءَ جي مزار تي وڊيوز ۽ تصويرون ڏسندو هئس سو ساهه سدائين سٽون پيو کائيندو هو ته جيڪر مان به ڪينجهر جي وچ ۾ موجود مائي نوري ۽ سندس مرشد شاهه هوندڙي جي مزار جو ديدار درشن ڪريان، پر هن ڀيري رب ڪريم اها آس به پوري ڪئي سو جڏهن وهنجي ۽ ٿڪجي ٻاهر نڪتاسين ته هڪ ٻيڙيءَ واري ملاح مزار تي هلڻ جو چيو، اتي ڪجھ ٻيا همراهه به موجود هئا ايئن انهن به ها ڪئي ته اسان به ها ڪئي، سچ ته ان ويل ڏاڍي سرهائي محسوس ڪري رهيو هئس، ايئن موٽر بوٽ ۾ سوار ٿي ڪجھ منٽن اندر وڃي مزار تي پهتاسون.

مائي نوريءَ جي مزار جتي سندس مرشد شاهه هوندڙو به ساڻس گڏ آرامي آهي، اها جاءِ هڪ گول دائري جي صورت ۾ هٿ سان ٺاهيل هڪ ٿلهو آهي جنهن ۾ پٿرن جو استعمال ڪيو ويو آهي ۽ ان کي ٻاهران ٻه ڏاڪڻيون به آهن ۽ کيس ننڍي ڀت پڻ ڏنل آهي. جڏهن ته اهي قبرون ننڍن ٻارن جون قبرون لڳي رهيون هيون ڇو ته ان وقت جي ماڻهن جا قد وڏا هئا هونئن به هاڻي عام قد پنجن فوٽن کان وڏو ٿئي ٿو، جتي اچڻ خاطر سياحن يا عام ماڻهن کي ٻيڙي يا موٽر بوٽ جو سهارو وٺڻو ٿو پوي، اهو گول ٿلهو (هن هٿرادو ٿلهي کي جبل جي ڪا ٽڪري نٿو چئي سگهجي) نوري ۽ ڄام تماچي جي دور جو آهي يا بعد جو آهي ان تي به تحقيق ٿيڻ گهرجي ڇو ته اڪثر ليکڪن، محققن ۽ تاريخدانن جا رايا ۽ تحريرون آهن ته نوري ۽ ڄام جي مزار مڪليءَ جي تاريخي قبرستان تي آهي جتي سندن پٽ به دفنايل آهي باقي اها مزار جيڪا ڪينجهر ۾ آهي سا نقلي يا فرضي آهي. جڏهن ته مزار جي ڀرسان ئي ٿورڙي فاصلي تي هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي سو ٿي سگهي ٿو يا چئي سگهجي ٿو ته نوريءَ جو مرشد اتي رهندڙ هجي ۽ نوريءَ جي فرضي مزار ٺاهڻ جو خاص سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته جيئن عوام ۾ دلچسپي پيدا ٿئي ۽ هو ڪينجهر طرف اچي ۽ هن ڍنڍ کي نوريءَ جي ڪري مشهوري ملي سگهي. ڪتابن تحت نوري پنهنجي مرشد شاهه هوندڙي وٽ علاج خاطر ويندي هئي ته شايد اها ڪا ٻي جڳھ هئي ۽ ٻيو اهو ته سنڌ جي مڙني درگاهن وانگر هتي به چندي جي پيتي رکيل هئي.

هتي مختلف رايا ۽ روايتون موجود آهن ته مڪليءَ تي سلطان ڄام نظام الدين سمون جي مقبري ۽ ڄام تماچي پاران ٺاهيل جامع مسجد ڀرسان 03 قبرون ٺهيل آهن جن بابت چيو ويندو آهي ته هڪ ڄام تماچيءَ جي مزار آهي ٻي نوريءَ جي ۽ ٽين نوري ۽ ڄام جي ننڍڙي پٽ جي آهي ۽ جڏهن ته اهو به هڪ خيال ۽ رايو آهي ته نوريء جي مزار ڪينجهر ۾ موجود آهي جنهن بابت عام و خاص چيو ويندو آهي ته هي نوريءَ جي مزار آهي سو سوال اهو آهي ته آخر نوريءَ جي مزار مڪليءَ تي آهي يا وري ڪينجهر تي؟

سو مٿين راين، خيالن ۽ روايتن جي تحت ڪهڙي راءِ کي مستند راءِ طور قبول ڪجي جڏهن ته اڪثر تحقيق نگار ايئن به لکن ٿا ته نوري ۽ ڄام تماچي ٻئي مڪليءَ تي مدفون آھن باقي اهي جيڪي ڪينجهر ۾ مزارون آهن سي اصلي ناھن، پر سي فرضي طور نوري ڄام تماچي جي محبت جي يادگار طور ٺهيل آھن.

هڪ دوست نالي حسين منظور صاحب لکي ٿو ته نوريءَ جي مزار ٻن ڍنڍن جي وچ واري سُڪي جڳھ تي هئي انهن ٻن ڍنڍن (سونهري ۽ ڪينجهر) کي جڏهن صدر ايوب جي دور ۾ ملايو ويو ته انهن مزارن جو تقدس رکڻ خاطر کين بحال ۽ پڪو ڪيو ويو جڏهن ته مقامي ماڻهن جي روايت موجب نوريءَ سان گڏ سندس مرشد هوندڙي جي مزار آهي ۽ ٻڌايو ٿو وڃي ته ڄام تماچيءَ جي مزار مڪلي ٽڪريءَ تي آهي.

نالي واري ليکڪ زاهد اسحاق سومري جي هفتيوار ڪاوش ايڊيشن ۽ ان بعد روزاني ڪاوش ۾ شايع ٿيل خبر موجب سنڌ جي مشهور لوڪ داستان نوري ڄام تماچيءَ جي اهم ڪردار نوريءَ جي قبر ڪينجهر ڍنڍ ۾ نه، پر اها مڪليءَ تي آهي. تاريخي حقيقتن جي روشنيءَ ۾ ڪيل ان انڪشاف بابت سنڌ جي ناميارن تاريخدانن، ليکڪن ۽ ڄاڻو حلقن پڻ ان موضوع تي پنهنجا ويچار ونڊيا آهن. نالي واري تعليمي ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جو چوڻ آهي ته “مقامي ماڻهن جون روايتون آهن ته ڪينجهر ڍنڍ وچ ۾ جيڪي قبرون آهن تن مان هڪ هوندڙو شاهه جي آهي ۽ ٻي نوريءَ جي آهي، پر ڪتابن ۾ ان جو ذڪر مختلف آهي، 1956ع ڌاري ڪينجهر ڍنڍ ۽ سونهري ڍنڍ کي پاڻ ۾ ملائڻ جو ڪم شروع ٿيو ته ان دوران ڪينجهر ڍنڍ جي سطح وڌائي ان کي بلند ڪرڻ ۽ بند ڏيارڻ جا ڪم ڪيا ويا، ان دوران ڪينجهر ڪناري تي هوندڙو شاهه جي قبرستان جي هنن قبرن کي اوچو ڪري ٺاهيو ويو.

ٻي روايت اها آهي ته ڪينجهر ڍنڍ واري نوريءَ جي قبر ۾ نوري کي مهينو يا اڌ مهينو رکڻ بعد نوريءَ جو مڙهه ڪڍي مڪليءَ منتقل ڪيو ويو هو، پر ڪتابن ۾ ڪوبه اهڙو ذڪر ڪونهي، تاريخ جي ڪتاب تحفت الڪرام ۾ مختصر چيو ويو آهي ته نوري ۽ ڄام تماچيءَ جون قبرون ڄام نظام الدين جي ڀرسان آهن.

نامياري اديب ۽ دانشور تاج جويو ۽ ليکڪ رمضان ميمڻ ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته “نوري بادشاهه ڄام جي خوبصورت راڻي هئي ۽ سندس عشق جي شادي هئي ته راڻي نوريءَ کي ڪينجهر ڍنڍ ڪناري ڪيئن دفنائي ٿو سگهجي، نوري مڪليءَ تي ڄام نظام الدين جي مقبري ڀرسان هڪ چبوتري ۾ دفن آهي”.

اديب ۽ صحافي زاهد اسحاق سومري ۽ ليکڪ اوڀايو خان خشڪ جو چوڻ آهي ته “تحقيق نٿي ڪئي وڃي، پر بنا تحقيق جي ڪينجهر ڍنڍ وچ ۾ قبر کي نوريءَ جي قبر چيو وڃي ٿو، اصل ۾ ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻه قبرون آهن جيڪي هوندڙو شاهه ۽ ان جي گهرڀاتي جون آهن ۽ نوري ۽ سندس مڙس ڄام تماچي جون قبرون مڪليءَ تي سمن جي مرشد پير حماد جمالي جي مدرسي جي پيرانديءَ ۾ آهن” جڏهن ته مقامي سماجي ڪارڪنن غلام نبي ڪينجهرائي، علي سومري ۽ ٻين دعويٰ ڪئي آهي ته ڪينجهر ڍنڍ جي وچ ۾ موجود قبر نوريءَ جي آهي، نوري ڪينجهر جي ڪناري تي دفن ٿيل هئي، بعد ۾ قبر کي اوچائي تي جوڙيو ويو، ايئن صدين کان وڏڙن کان ٻڌندا پيا اچون.

حوالو: هفتيوار ڪاوش دنيا مئگزين حيدرآباد سنڌ آچر 21 اپريل 2024ع.

اسان کي موٽر بوٽ واري چيو هو ته جلدي واپسي ڪجو سو اتي دعا گهري يادگيري خاطر وڊيو ٺاهي ۽ تصويرون ڪڍي واپس موٽياسين. ڇو ته اسان کي به ڪراچي واپس ورڻو هو، ايئن مزار جو درشن ڪري واپس ٿياسين ۽ ڪار ۾ سوار ٿي رستي ۾ هوٽل تي ماني کائي چليا چاڙهي، ٽول پلازه، ڇتو چنڊ ڪراس ڪري ٺٽي واري تاريخي شاهجهان مسجد جو ديدار ڪرڻ بعد مڪليءَ تي مولا علي پاڪ جا قدم مبارڪ ڏسي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي مزار تي دعا گهري گجو ۽ گهارو ڪراس ڪري شام ڌاري گهر پهتاسين جتي نمره در کولي ڀاڪر پاتو جنهن کي ڳلڙن تي چميون ڏئي آرام خاطر کٽ تي ليٽي پيس.

اوهان به وقت ڪڍي سير و تفريح تي ويندا ڪريو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ بابت ڄاڻ حاصل ڪريو.